قاسم سليماني

ايراني سينيئر فوجي آفيسر (ايراني جرنيل)

قاسم سوليماني (پيدائش:11 مارچ 1957، ڪرمان - وفات: 3 جنوري 2020، بغداد) ايراني ميجر جنرل هيو ۽ آمريڪي فوج جي هٿان پنهنجي موت تائين اسلامي انقلابي گارڊ ڪور جي هٿياربند ڌڙي قدس فورس جو سپاهہ سالار اعليٰ جي عهدي تي رهيو هيو.[6] ايران عراق جنگ دوران هيءٌ لشڪر 41 ثار اللہ ڪرمان جو سرواڻ (اڳواڻ) هيو. هِن 24 جنوري 2011 تي ميجر جنرل واري عهدو ماڻيو. ايران جو وڏو رهبر سيد علي خامنہ اي سندس خدمتن جي مڃتا ۾ کيس شيهيد زندہ جو خطاب ڏنو. ۽ سندس مرڻ کانپوءِ کيس ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي.

قاسم سليماني

سوليماني پنهنجي سرڪاري عسڪري ورديءَ ۾ تمغو ذوالفقار سميت 2019[1]
پيدائش 11 مارچ 1957قنات مليڪ، ڪرمان صوبو، ايران
وفات 3 جنوري 2020بغداد بين الاقوامي هوائي اڏو جي ويجهو
وابستگي ايران
نوڪري/شاخ انقلاب اسلامي جا هٿاربند ويڙهاڪ
خدمت سال 1979–2020
عهدو ميجر جنرل پاسداران انقلاب
يونٽ نيروي زميني سپاه پاسداران
قدس فورس
جنگيون/سورهيه ايران ۾ 1979 واري ڪردي بغاوت
ايران عراق جنگسانچو:WIA
سانچو:قومي نشان
عراق جنگ
جنگ داخلي سريا
عراقي خانَہ جنگِي (2014–2017)
اعزاز نشان ذوالفقار
سوڀارو ٿيڻ (فتح) جو نشان V sign سانچو:ڪوچڪ
نشان فتح سانچو:ڪوچڪ (ٻه ڀيرا)[2]
تعلقات حسن سليماني (پيءُ)[3]
فاطما سليماني (ماءُ)[4]
سهراب سليماني (ڀاءٌ)[5]

سوليماني پاران لبنان ۾ حزب اللہ جي هٿياربند (عسڪري) قوت ۽ تربيت، ڏکڻ لبنان منجهان اسرائيل جي پوئتي هٽائڻ، افغانستان جنگ، صدام حسين کانپوءِ عراق ۾ سياسي ۽ سفارتي فضا جي نئين سِر اڏاوت ڪئي، شام جي گهريلو جنگ (خانہ جنگي، سِول وار) ۽ عراق ۾ داعش سان مقابلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيا. داعش سان مقابلي کان پهرئين هي منظر عام تي اچڻ کان ڪيٻائيندو (پاسو ڪندو) هُيو؛ پَر انهن جي عراق ۾ موجودگی ۽ داعش سان ويڙهہ دوران حڪومت ايران ڪيترائي ڀيرا هن جي فوجي (عسڪري) ڪاميابين جي تصيرن کي ڇاپيو جنهن سان عوام تائين سندس سُڃاڻپ پهتي ۽ ماڻهن نہ رُڳو هن سان واقف ٿيا پر سندن چهري سان سُڃاڻڻ لڳا. جتان سندس عوامي مقبوليت جو باقاعدي آغاز ٿيو. ميڊيا ۾ هي عام ڀور "پاڇو ڪماندار" (Shadow commander) جي لقب سان مشهور هُيو. سوليماني واشنگٽن جي نظر ۾ اهڙو ماڻهو هيو جنهن جا هَٿَ آمريڪي فوج جي رَت سان رڱيل هُيا. جڏهن تہ ايران ۾ هِن جي مقبوليت جو سبب هن پاران ايران جي خلاف آمريڪي پابندين ۽ دٻاءَ واري آمريڪا مخالفت وارا عمل هيا.

سوليماني 3 جنوري 2020 تي بغداد جي بين الاقوامي هوائي اڏو جي ويجهو آمريڪي هوائي ڊرون حملو (ايئراسٽرائيڪ) ۾ ابو مهدي المهندس ۽ ڏهہ ٻين ماڻهن سميت مارجي ويو. ان حملي جو حڪم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏنو هيو.

زندگي سنواريو

قاسم سوليماني 11 مارچ، سال 1957 تي ايران جو صوبي ڪرمان صوبو جي ضلعي رابر ۾ قبائلي علائقي جي هڪ جابلو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي جوڀن جواني ۾ هي اڏاوت (ڪنسٽرڪشن) جي شعبو سان واڳيل هُيو ۽ ڪرمان جي آبپاشي کاتو سان ٺيڪيدار طور واڳيل هيو.

ايران ۾ 1979 جي اسلامي انقلاب ۽ اسلامي انقلابي ڪور (سپاه پاسداران انقلاب اسلامي) جي ٺهڻ کانپوءِ سوليماني فوجي مقصد سان لڳي ويو.

ايران عراق جنگ سنواريو

ايران جي اسلامي انقلاب مهل سوليماني ڪرمان جي ادارو آبپاشي ۾ ڪم ڪري رهيو هوي انهيءَ دوران هو سپاہ افتخاري نالي تنظيم جو رُڪن بڻجي ويو. ايران عراق جنگ جي شروع ٿيڻ مهل سوليماني ڪرمان جي عسڪری گروپ تي جُڙيل هڪ بٽالين جوڙي (ٺاهي) جيڪا پوءِ 41 ثاراللہ بريگيڊ ۾ بدلجي وئي. هو 1982 ۾ ان لشڪر کي ٺهڻ کان وَٺِي 1997 ۾ قدس فورس ۾ شامل ٿيڻ تائين ان بريگيڊ جو سربراهہ رهيو. هن جي سپاهہ سالاري ۾ ان لشڪر جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

جنگ کانپوءِ سنواريو

ايران عراق جنگ جو انتُ 1988 تي ٿيو. جنگ جي انتَ (خاتمي) کانپوءِ لشڪر 41 ثاراللہ قاسم سوليماني جي سرواڻيءَ ۾ ڪرمان واپس آيو ۽ اُڀرندي سرحدن تي اسمگلرن ۽ مُنشيات وڪرو ڪندڙن کي روڪڻ ۾ مصروف ٿي ويو. قاسم سوليماني قدس فورس (سپاهہ قدس) جي سرواڻي سنڀالڻ تائين انهيءَ لشڪر جي سربراهي ڪندو رهيو.

سوليماني، جولاءِ 1999 تي شاگردن جي مُظاهرن جي تناظر ۾ فوجي ڪمانڊرن طرفان ان وقت جي صدر محمد خاتمي کي لکيل هڪ خط تي دستخط ڪندڙ جرنيلن منجهان پڻ هُيو.

قدس فورس جي سپاهہ سالاري سنواريو

قاسم سوليماني کي 1998۾ اسلامي انقلابي گارڊ ڪور جو سپاهہ سالار مقرر ڪيو ويو. هي اهو زمانو هيو جڏهن افغانستان ۾ طالبان عروج تي هيا. ڪردستان جي سول جنگ جي تجربي جي بنياد تي هي بهترين چونڊ هئي؛ ۽ ان وقت افغانستان پوري ريت طالبان جي دور ۾ سول جنگ جو شڪار ٿي چُڪو هيو، اهڙي محاذن تي بهترين ڪردار ادا ڪري سگهي پيو. ۽ قاسم سوليماني قدس فورس (سپاہ قدس) جي سپہ سالاري سنڀالٻ تائين جيڪو تجربو اَٺ سالل ايران عراق جنگ ۽ انکانپوءِ ايران ۽ افغانستان جي منشيات فروشن ۽ اسمگلرن کي دٻائڻ منجهان ماڻيو هيو اهو فوجي (عسڪري) اعتبار سان ڏاڍو اهم هيو. اسرائيلي ڳُجهي گماشتگي (ايجنسي) موساد جي اَڳُوڻِي سربراهہ ميئر داگان چواڻي موجب:

“هو هر پاسي کان نظام تي نگاهہ ۽ گرفت رکندڙ آهي ۽ شايد هيءُ ئي هڪڙو ڄَڻو آهي جنهن کي سياسي چالاڪ (عقلمند) چئي رهيو آهي.”

قدس فورس جي نمائندي ولي فقيہ حجت الاسلام علي شيرازي موجب سوليماني پنهنجي مقرري دوران هڪ ريال يا هڪ ڊالر وٺڻ جو پڻ روادار نہ هيو ۽ گهڻي ريت مون سان ڳالهائيندي چوندو هيو ته آئون پنهنجي زال ۽ ٻارن جا خرچ پاڻ برداشت ڪريان ٿو.

قتل سنواريو

سوليماني 3 جنوري 2020 جمعو ڏهاڙو تي بغداد جي بين الاقوامي هوائي اڏو ويجهو آمريڪي ڊرون حملي ۾ قتل ٿي ويو. ان حملي ۾ عراقي هٿياربندن جو ڪمانڊر ابو مهدي المهندس، حشد شعبي ۽ ڏهہ ٻيا ماڻهو پڻ مارجي ويائ گڏيل آمريڪي رياستون آمريجا جي بچاءَ واري وزارت (وزارت دفاع) مطابق ان فضائي حملي جو حڪم آمريڪي صدر ۽ سڀني فوجن جي سربراهہ ڊونلڊ ٽرمپ ڏنو هيو. سوليماني جي مارجڻ کان ٽي ڏينهن اڳ بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ٿيندڙ حملي جي تناظر ۾ ٽرامپ چيو هيو تہ ايران کي ان جا سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا ۽ زور ڏئي اهو پڻ چيائين تہ “ هي چتاءُ (چتاوڻي) نہ ڌمڪي آهي.”

جنازو ۽ دفنائڻ سنواريو

قاسم سوليماني، ابومهدي المهندس ۽ ٻين سمورن مارجي ويل ماڻهن جي جنازو نماز 4 جنوري 2020 تي بغداد ۽ ڪاظمين ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين عراقي شهرين شرڪت ڪئي. جنازو نماز ۾ رش ۽ ڀاڄڻ پوڻ سبب ڪيترائي ماڻهو پڻ لتاڙجي مارجي ويا.[7][8]

ان کان هڪ ڏينهن پوءِ 5 جنوري 2020 تي جنرل قاسم سليماني، ابومهدي المهندس ۽ ٻين تمام ايراني شهيدن جي ميت کي ايران آندو ويو، جتي پهرئين اهواز ۽ مشهد جي شهرن ۾ انهن جي جنازو نماز ادا ڪئي وئي،[9][10] جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.[11][12] نيويارڪ ٽائمز جي مطابق انهن ٻنهين شهرن ۾ لکين ماڻهو موجود هيا جيڪي آمريڪا کان بدلو (انتقام) وٺڻ چاهين ٿا.[13]

حوالا سنواريو

  1. "اعطائي نشان عالي ذوالفقار سپهه سالار لشڪر قاسم سليماني". پايگاه دفتر حفظ و نشر آثار آيت‌الله العظمي سيد علي خامنه اي. وقت 14 مارچ 2019 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 مارچ 2019.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  2. "مدال‌های فرمانده نیروی قدس سپاه". مشرق‌نیوز. 204959. وقت 3 جنوري 2020 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  3. "پدر سردار قاسم سلیمانی دار فانی را وداع گفت". ایرنا. حاصل ڪيل 3 January 2020. 
  4. "عکس - حضور سردار سلیمانی بر مزار مادرش در روز مادر". خبرآنلاین. حاصل ڪيل 3 January 2020. 
  5. آمریکا برادر قاسم سلیمانی را تحریم کرد آرڪائيو ڪيا ويا 14 April 2017[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشينبی‌بی‌سی فارسی
  6. «زندگی نامهٔ سردار قاسم سلیمانی». aei.org. بایگانی‌شده از اصلی در 30 سپتامبر 2011. دریافت‌شده در 8 اکتبر 2011.
  7. "آمريڪي حملي ۾ قتل ٿيل، ايراني جنرل سُليماني جي ڪرمان ۾ تدفين | Daily Imkaan | روزاني امڪان". www.dailyimkaan.com (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-08. 
  8. "قاسم سليماني جي تدفين دوران ڀاڄ، 50 فوت، 200 زخمي". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2020-01-08. 
  9. "تہران میں جنرل قاسم سلیمانی کی نمازِ جنازہ کے مناظر" (en-GB ۾). 2020-01-06. https://www.bbc.com/urdu/regional-50994822. 
  10. "سليماني جي جنازي نماز ادا، ٽرمپ جي سر جي قيمت 8 ڪروڙ ڊالر مقرر". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2020-01-08. 
  11. dailyimkaan.com/news/5508/قاسم-سليماني-جي-جنازي-۾-هزارين-ماڻهن-جي-شرڪت-آمريڪا-خلاف-نعريبازي/
  12. "جنرل سُليماني جي جنازي نماز ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي | Daily Imkaan | روزاني امڪان". www.dailyimkaan.com (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-08. 
  13. "آمريڪا کان جنرل قاسم جي قتل جو بدلو وٺنداسين؛ سپريم ليڊر". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2020-01-08.