فيبل/جانورن ۽ پکين جون ڪهاڻيون _(Fables):

فيبل هڪ اهڙي آکاڻي آهي، جيڪا منظوم يا غير منظوم هوندي آهي. جنهن ۾ انسانن کان علاوه جانورن، جيتن ۽ بي جان شين کي به انساني خصلتون ڏئي گفتار ڪرائي ويندي آهي ۽ ڪردار ڏئي انسانن جي طرز عمل تي روشني وجهرائي ويندي آهي. پکين ۽ جانورن جون ڪهاڻيون ٻڌائڻ جو رواج اسان وٽ آڳاٽي دور کان موجود آهي. پکي ۽ جانور انسان جي زندگيءَ جو اهم حصو آهن ۽ اهي انساني زندگيءَ تي اثر انداز به ٿين ٿا. سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ”ايسپ جون آکاڻيون“، ”الف ليليٰ“، ”طوطي نامو“، ”ڪليله و دمنه“ وغيره به بهترين مثال آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي