ڦڦونڊي، فنگس يا فنجائي (انگريزي: Fungus or Fungai) جا 50 لکن کان وڌيڪ قسم آهن. پر ان جا هي ٽي قسم انسانن جي موت جو ڪارڻ بڻجن ٿا. ڦَڦُونڊيءَ جي انهن ٽن قسمن جا نالا هي آهن.

  1. 1 ايسپر گيلس (Aspergillus):

فنجائي يا ڦڦونڊيءَ جو هي قسم ڦڦڙن کي نقصان پهچائي ٿو.

  1. 2 ڪرپٽو ڪوڪس (Cryptococcus):

فنجائي يا فنگس جو هي قسم دماغ تي حملو ڪري نقضان پهچائي ٿو.

  1. 3 ڪينڊيڊا (Candida):

فنجائيءَ يا ڦڦونڊيءَ جو هي قسم وات ۽ ٻڄيدانيءَ کي نقصاڻ پهچائي ٿو.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته فنجائيءَ جي هنن ٽن قسمن جو انفيڪشن (جراثيمي روڳ) مليريا ۽ ڃاتيءَ جي ڪينسر کان به وڌيڪ انساني جانيون وٺي رهيو آهي. ڊاڪٽرن (طبيبن) جو چوڻ آهي ته هر سال ڏهه لکن کان وڌيڪ انسان فنجائي يا ڦَڦُونڊيءَ جي انفيڪشن سبب پيدا ٿيڻ وارين بيمارين جي ڪري موت جو شڪار ٿي رهيا آهن.

حوالو ڏسو سنواريو

[1]

حوالا سنواريو