فلاحي رياست، ويلفيئر اسٽيٽ (Welfare State) هڪ اهڙو رياستي سرشتو ، جنهن ۾ ڪا به حڪومت ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي ڀلائيءَ لاءِ اُپاءَ وٺندي، گهربل بُنيادي شهري سهولتون ڏي، انساني زندگيءَ کي سولو، صحيح ۽ انصاف ڀريو بڻائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي. ’فلاحي رياست، جو بنياد برابريءَ جي بُنياد تي موقعن کي حاصل ڪرڻ، پونجيءَ جي انصاف ڀري وِرڇ ۽ اڻهوند وارن طبقن کي معياري زندگي آڇڻ لاءِ کين سماجي امداد جي پهچائڻ وارن اُصولن تي بيٺل آهي. اهڙو عام ڀلائيءَ وارو پروگرام عام طور تي طبقاتي ۽ سماجي فرق کان مٿڀرو ٿي رياست جي هر ان شهريءَ لاءِ هجي ٿو، جنهن ذاتي زندگي گهاريندي ڪيترين سماجي ۽ معاشي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪنهن به ”فلاحي رياست“ ۾ هر شهريءَ جي زندگيءَ جو معيار چڱو ڪرڻ لاءِ حُڪومتي سطح تي رٿابندي ڪندي، کيس بنيادي سهولتون پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. انهن سهولتن ۾ عام رواجي سماجي گُهرجن جو پوُرائي، جنگ کان پرهيز، واپار تي ضابطي، رياستي وسيلن جي سماجي ڀلائيءَ جي حوالي سان واپرائجڻ ۽ رياستي ڌَنَ کي عوام ڏانهن ڪرڻ جا شرط به شامل آهن . ٽئڪسن جو مناسب سرشتو، سماجي تحفظ، بيروزگاريءَ ۾ گهٽتائي، زراعت تي خاص فائدا ۽ حڪومت طرفان سستس گهر اڏڻ جون رٿائون، انهيءَ سلسلي جون اهم ذميواريون آهن. اڄوڪي دور ۾ سُئٽزرلئنڊ، سويڊن، ناروي، فِنلئنڊ ۽ ڊينمارڪ کي اُهڃاڻي فلاحي رياستون سمجهيو وڃي ٿو . نئين فلاحي رياستي سرشتي ۾ پُروُشيا جي مدبر حاڪم ’اوٽو وان بسمارڪ‘ کي مُهندار سمجهيو وڃي ٿو ، جنهن 1840ع جي ڏهاڪي ۾ سياسي حمايت حاصل ڪرڻ جي خيال کان پنهنجي رياست اندر عوامي ڀلائيءَ جي ڏس ۾ رٿابندي ڪندي انساني سهولتن جي پهچائڻ کي ٿيڻ جوڳو ڪيو هو. [1]

حوالا سنواريو