فقير محمد لاشاري

فقير محمد لاشاري (انگريزي:Fakir Muhammad Lashari) سنڌ پاڪستان جو سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ، اديب، صحافي ۽ دانشور هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

فقير محمد لاشاري
Fakir Muhammad Lashari

فقير محمد لاشاري
پيدائش سيپٽمبر 04 1951(1951-09-04)

گاجي کهاوڙ، لاڙڪاڻو، سنڌ، پاڪستان
وفات 17 جُولاءِ 1993 (عمر 41 سال)

لاهور
ڌنڌو مصنف ،ليکڪ، صحافي
ٻولي سنڌي،
قوميت پاڪستاني
مادرِ علمي ڪراچي يونيورسٽي
صنف مضمون، ڪهاڻي
مُکيه ڪم سگهارو هماليا هيڻا ماڻهو
ڌرتي جي دانهن
سنڌ جا سُور
ايوارڊ تمغہ امٿياز،1995ع

زندگي جو احوال سنواريو

فقير محمد لاشاري عرف عام ف. م لاشاري 4 سيپٽمبر 1951ع تي محمد حسن لاشاري جي گهر ۾ ڳوٺ گاجي کهاوڙ، نصيرآباد تعلقو، ضلعو لاڙڪاڻو هاڻ قمبر شهدادڪوٽ ضلعو ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم سنواريو

هن پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان پاس ڪئي. مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول وارھ مان ۽ انٽر ڪامرس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. هن ايم اي اڪنامڪس ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪيون.[1]

عملي زندگي سنواريو

هن عملي زندگي جي ابتدا ڪاليج جي تعليم دوران ترقي پسند تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ سان ڪئي. هيءُ 1972ع ۾ پرائمري ماستر مقرر ٿيو ۽ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پڙهائيندو به رهيو ته علمي ادبي سرگرمين ۾ حصو به وٺندو رهيو. 1976 ڌاري پرائيمري استاد واري نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي هاءِ اسڪول عزيزآباد ڪراچيءَ ۾ سنڌي لئنگئيج ٽيچر مقرر ٿيو، ف. م لاشاري 1977ع کان صحافتي دنيا ۾ هلال پاڪستان اخبار جي سب ايڊيٽر طور قدم رکيو. هن صحافت ۾ نوان لاڙا پيدا ڪيا، هن روايتي صحافت جا سڀ ٽرينڊ ئي بدلائي ڇڏيا. 1981ع ۾ هلال پاڪستان اخبار جي مئگزين جو انچارج مقرر ٿيو. ، اٽڪل 1991ع ۾ ڪراچيءَ مان پهرين مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ سنڌي اخبار روزاني عوامي آواز جاري ٿي ته فقير محمد به ان سٿ ۾ شامل ٿيو. لاشاري صحافت سان گڏ سنڌي ادبي سنگت سان به سلهاڙيل رهيو، تقريبن ستن سالن تائين ڪراچيءَ شاخ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. پهرين جنوري 1991ع تي روزاني جاڳو اخبار پنهنجي ادارت۾ جاري ڪيائين. جاڳو اخبار فقير محمد جي زندگيءَ جو اهم مقصد ۽ آزاد صحافت کي هٿي وٺرائڻ هو ۽ فقير محمد هن اخبار کي بلڪل آزاد ڪري هلايو، جاڳو جا ايڊيٽوريل انتهائي سخت ۽حقيقت تي مبني هوندا هئا.[1][2][3][4]

ڪتاب سنواريو

  • سنڌ جا سور‘ڌرتي جي دانهن (مضمون- 1988ع)
  • ’سگهارو هماليا، هيڻائا،ماڻهو‘ (نيپال جو سفرنامو)
  • ڇپر جا سونهان, چونڊ لکڻيون – 1994ع)،
  • رُڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ‘ (ٻه ڀاڱا)
  • سنڌ ڄام صادق علي کان پيپلز پارٽي تائين.[1]

اوارڊ سنواريو

ف. م کي مڃتا طور 14 آگسٽ 1994ع تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ستاره امتياز سان نوازيو.[5]

لاڏاڻو سنواريو

فقير محمد 17 جولاءِ 1993ع تي لاهور ويجهو ضلعي گجر خان وٽ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ شهيد ٿي ويو، سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ دفن ڪيو ويو.

حوالا سنواريو