حاجي فقير محمد سومرو (انگريزي:Haji Fakir Muhammad Soomro ) سنڌي ٻولي جو ليکڪ ، نثر نويس ۽ سفرناما نگار آهي.

فقير محمد سومرو
Faqeer Muhammad Soomro

فقير محمد سومرو جي فوٽو
مقامي ٻوليء ۾ نالو فقير محمد سومرو
پيدائش 01 مارچ 1955(1955-03-01)
هنڱورجا, خيرپور ضلعو، سنڌ
ڌنڌو ليکڪ ، نثر نويس ۽ سفرناما نگار
تعليم میٽرڪ
دور سال 1955 - ھينئر تائين
اولاد محمد عارف سومرو

زندگي جو احوال سنواريو

حاجي فقير محمد سومرو مولوي الھ بخش سومرو جي گهر ۾ پهرين مارچ 1955ع ۾ جنم ورتو. سندس جنم سنڌ جي خيرپور ضلعو جي شهر هنڱورجا ۾ ٿيو. هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي شهر ۾ حاصل ڪئي[1][2]

ادبي خدمتون سنواريو

فقير محمد سومرو کي ننڍپڻ کان لکڻ جو شوق هو. هن مختصر مضمون لکڻ شروع ڪيا. سندس لکڻيون مختلف موضوعن تي اخبارن جي زينت بڻيون. سندس ٻه ڇپيل ڪتاب آهن. فقير محمد سومرو نه صرف قلم ڌڻي آهي پر هڪ بهترين هنرمند شخص آهي. هن مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وڏڙن جي ڊکاڻڪي ڪرت شروع ڪئي. هن پنهنجي ڪرت ۾ وڏو نالو ڪمايو. هن عرب امارات، دبئي، ابوظهبي ۽ سعودي عرب ۾ پڻ ڊکاڻڪي هنر ۾ پاڻ مڃايو. هيءُ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ اوورسيئر رهيو ۽ رٽائرڊ ٿيو. علم ادب سان لاڳاپيل هئڻ سبب ڪتابن سان پڻ سندس چاھ رهيو آهي. هن جو والد مولوي الهه بخش سومرو پنهنجي وقت جو مشهور عالم ٿي گذریو آهي.[1]

ڪتاب سنواريو

  • سومرن جو شجرو (تحقيق)، پيڪاڪ پبلشر ڪراچي، 2013ع[3][4]
  • روح پرور سفر (سفرنامو)[5]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "سومرو حاجي فقير محمد : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-12. 
  2. "رائٹرز ایم آئی ایس – پاکستانی اہل قلم". حاصل ڪيل 2020-04-12. 
  3. "File:Faqeer Muhammad Soomro - Soomran Jo Shujro.jpg - Wikipedia". commons.wikimedia.org. حاصل ڪيل 2020-04-12. 
  4. "سومرن جو شجرو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-15. 
  5. Express.pk. "روح پرور سفر - ایکسپریس اردو". www.express.pk. حاصل ڪيل 2020-04-12.