ڪاٺي جو فرش

فرش عمارت جي انھيءَ حصي کي چئجي ٿو جيڪو عمارت کي مختلف طبقن ۾ تقسيم ڪري ٿو جھڙوڪ زميني فرش يا گرائونڊ فلور (Ground Floor)، فرسٽ فلور، سيڪنڊ فلور وغيره. ھيءُ عمارت جو اھو حصو آھي جنھن جي مٿان انسان سولائيءَ ۽ بنا خطري چرپر ڪري سگھي ٿو. عمارت جي معيار جو اندازو انھيءَ ۾ لڳايل فرش سان ڪيو وڃي ٿو. فرش ھميشھ صاف ۽ سٿرو، لسو ۽ سوراخن کان پاڪ ۽ اھڙو ھئڻ گھرجي جنھن منجھھ ڪا بھ پاڻيٺ وغيره جذب ٿي نھ سگھي. ٻين لفطن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو تھ اھو بنا سوراخن جي ۽ اڻ سمندڙ (Impervious) ھئڻ گھرجي. ھيٺئين منزل کان علاوه يا مٿاھين منزلن جا فرش تمام مضبوط ۽ پختا ھئڻ گھرجن. جيئن ماڻھو انھن مٿان بنا خوف خطري۽ سلامتيءَ سان رھي سگھن. زميني فرش (Ground Floor) جيئن تھ سنئون سڌو ڌرتيءَ جي مٿان ٺاھيو وڃي ٿو انھيءَ جي ڪري انھيءَ جي ھيٺ واري ڌرتي ڌمڪ سان چڱيءَ طرح دٻيل، سوڙھي ۽ نھري (compact) ھئڻ گھرجي ۽ انھيءَ ڌرتي ۽ فرش جي وچ ۾ نوعيت ۽ ضرورت مطابق اھڙو تھھ ڏنو وڃي جيئن انھيءَ منجھان پوسل (Moisture) لنگھي نھ سگھي. اھڙي قسم جا تھھ (Sub-floors) فرشن کي پاڻيءَ روڪ (Water proof)، آواز روڪ (Sound proof) ۽ نباتات اڀري اچڻ کي روڪڻ ۾ تمام گھڻي مدد ڪن ٿا.[1]

فرشن جا قسم سنواريو

(Types of Floors)

فرش جا قسم جو دارومدار انھن ۾ استعمال ڪيل مال (Material) جي نوعيت تي رکي ٿو..[1]

مٽيءَ جا فرش سنواريو

(Earth floors) ھيءُ فرش ڪلر کان پاڪ ۽ تمام سٺي قسم جي مٽيءَ سان ٺاھيا وڃن ٿا. انھن ۾ مٽيءَ کي گھربل ليول تائين ڇھن ڇھن انچن جي تھن جي صورت ۾ ۽ ھر ھڪ تھھ کي چڱيءَ طرح پاڻيءَ جو ٽيھو ڏيئي ڌمڪ يا ٻي ڪنھن اھڙي شيءِ جھڙو (Compactors) وغيره سان دٻائي ۽ ڳتي ٺاھيا وڃن ٿا. ھن قسم جي فرشن جي سطح اھڙي ڳتيل (Consolidated) ھئڻ گھرجي جو انھيءَ جي مٿان بوٽ جي کڙيءَ ھڻڻ سان صرف ھلڪو نشان ٿئي. ھن قسم جا فرش گھوڙن جي طنبيلي ۽ چوپائي مال جي ڇاپرن ۾ استعمال ڪيا ويندا آھن.فرش عمارت جي انھيءَ حصي کي چئجي ٿو جيڪو عمارت کي مختلف طبقن ۾ تقسيم ڪري ٿو جھڙوڪ زميني فرش يا گرائونڊ فلور (Ground Floor)، فرسٽ فلور، سيڪنڊ فلور وغيره. ھيءُ عمارت جو اھو حصو آھي جنھن جي مٿان انسان سولائيءَ ۽ بنا خطري چرپر ڪري سگھي ٿو. عمارت جي معيار جو اندازو انھيءَ ۾ لڳايل فرش سان ڪيو وڃي ٿو. فرش ھميشھ صاف ۽ سٿرو، لسو ۽ سوراخن کان پاڪ ۽ اھڙو ھئڻ گھرجي جنھن منجھھ ڪا بھ پاڻيٺ وغيره جذب ٿي نھ سگھي. ٻين لفطن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو تھ اھو بنا سوراخن جي ۽ اڻ سمندڙ (Impervious) ھئڻ گھرجي. ھيٺئين منزل کان علاوه يا مٿاھين منزلن جا فرش تمام مضبوط ۽ پختا ھئڻ گھرجن. جيئن ماڻھو انھن مٿان بنا خوف خطري۽ سلامتيءَ سان رھي سگھن. زميني فرش (Ground Floor) جيئن تھ سنئون سڌو ڌرتيءَ جي مٿان ٺاھيو وڃي ٿو انھيءَ جي ڪري انھيءَ جي ھيٺ واري ڌرتي ڌمڪ سان چڱيءَ طرح دٻيل، سوڙھي ۽ نھري (compact) ھئڻ گھرجي ۽ انھيءَ ڌرتي ۽ فرش جي وچ ۾ نوعيت ۽ ضرورت مطابق اھڙو تھھ ڏنو وڃي جيئن انھيءَ منجھان پوسل (Moisture) لنگھي نھ سگھي. اھڙي قسم جا تھھ (Sub-floors) فرشن کي پاڻيءَ روڪ (Water proof)، آواز روڪ (Sound proof) ۽ نباتات اڀري اچڻ کي روڪڻ ۾ تمام گھڻي مدد ڪن ٿا.[1]

مٽيءَ جي گادي جي ليپي جا فرش سنواريو

(Mud Floors) ھن قسم جي فرشن ۾ گاري جي ليپي ھيٺان مٿي ڄاڻايل فرشن مطابق تياري ڪئي ويندي آھي ۽ پوءِ انھن مٽيءَ جي فرشن مٿان مٽيءَ جي ليپي جو تھھ ڏئي ۽ انھيءَ مٿان اٽڪل ھڪ ڀاڱي اٺ انچ ٿلھو ڇيڻي جو ليپو ڏيئي فرش کي ھڪ ڪرو ڪري ٺاھيو ويندو آھي.اسان جي ملڪ جي ٻھراڙين ۾ ھن قسم جا فرش عام طرح سان ٺاھيا ويندا آھن. انھن جي ٺاھڻ ۾ تمام خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو آھي ۽ انھن کي تمام سھڻي نموني سنڀالي (Maintain) قائم رکيو ويندو آھي. گرمي توڙي سردي، ٻنھي موسمن ۾ ھن قسم جي فرشن ۾ گرميءَ جو درجو (Temperature) ھڪ ڪرو رھندو آھي ۽ انھيءَ ڪري ھن قسم جا فرش اگھاڙي پيرين ھلندڙ ماڻھن لاءِ تمام عمده رھن ٿا. ھن قسم جا فرش تمام سستا، سولائيءَ سان ٺھيل ۽ مرمت ڪرڻ ۾ پڻ آسان ۽ انھيءَ سبب ڪري ڪجھھ پائيدار رھن ٿا..[1]

پڪن فرشن لاءِ بنياد سنواريو

(Base for Flooring) پڪن فرشن ٺاھڻ لاءِ انھن جي ھيٺان پختي بنياد ٺاھڻ جي ضرورت پوندي آھي جيئن زمين مان نڪرندڙ پوسل، نباتاتي ٻوٽن جي واڌ ۽ ٻين شين کي روڪي سگھجي. انھن بنيادن کي پختو بڻائڻ لاءِ انھن ھيٺان ڪتب آيل مٽيءَ کي چڱيءَ طرح سان گھربل ليول جي حساب سان ڇھن-ڇھن انچن جي مٽيءَ جي تھن ۽ ھر ھڪ تھھ کي چڱيءَ طرح نھرو (Compact) ڪري ۽ انھيءَ جي مٿاڇري کي چڱيءَ طرح سان سڌو ڪري انھيءَ جي مٿان ڪاري واريءَ (Pit of river Sand) جو ٽن-ٽن انچن جي حساب سان گھربل تھھ ڏيئي ٺاھيو ويندو آھي. انھيءَ حساب سان مذڪورھ فرش جي ھيٺئين لاغر ڪانڪريٽ جي تھھ (Layers of lean concrete) کي بنياد (Base) ۽ انھيءَ ھيٺان وڇايل واري جيڪا مٽي ۽ بنياد جي وچ ۾ گديلي (Cushion) جو ڪم ڏئي ٿي، انھيءَ کي اندريون تھھ (Under layer) ۽ انھيءَ ھيٺان تيار ڪيل ۽ ھموار ڪيل ڀراءُ کي ھيٺيون بنياد (Sub-base) چئبو آھي. اڳتي ھلي مختلف فرشن جي بيان ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھر جاءِ تي ھنن لفظن جي تفصيلي بيان ڪرڻ بجاءِ انھن کي ساڳي نالي واري صورت ۾ استعمال ڪيو ويندو. انھيءَ ڪري ھنن لفظن کي چڱيءَ طرح ڌيان ۾ رکيو وڃي.مٿي ڄاڻايل واريءَ جي تھن کي ايترو دٻايو وڃي، جيئن انھن جي ٿولھھ ٽن انچن مان ڦري ٻھ انچ بيھي فرش کي گھربل ليول، بنياد (Base) ۾ ڏني وڃي. عام گھريلو فرشن ۾ 1:4:8 يا 1:6:12 جي تناسب وارو سيمينٽ ڪانڪريٽ جو تھھ ڏنو وڃي. عام طرح سان انھيءَ بنياد (Base) جي ٿولھھ 4 انچ رکي ويندي آھي. جيڪڏھن علائقي ۾ تمام گھڻي سم سبب انھيءَ جو مٿي فرشن تائين پھچي نڪري اچڻ جو انديشو ھجي تھ انھيءَ حالت ۾ آزمايل ۽ اعتبار جوڳا سم روڪ مرڪب استعمال ڪجن ۽ گھڻي اڏوھيءَ وارن علائقن ۾ انھيءَ کي مارڻ جون ڪيميائي دوائون ھيٺئين بنياد (Sub-base) جي مٿان پٿاري پوءِ انھيءَ مٿان بنياد ٺاھيو وڃي غسلخاني جا فرش، ڪمرن جي فرشن کان گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ انچ ھيٺ رکڻ گھرجن. ليول ڪرڻ لاءِ پھرين ديوارن تي نشان لڳائڻ گھرجن.[1]

پڪين سرن يا ٽائيلن جا فرفش سنواريو

(Brick or Tile Flooring) ھن قسم جي فرشن لاءِ تمام عمديون پھرئين درجي واريون پڪل، چونڊيل سٺي ڳاڙھي رنگ واريون، سخت ۽ لسيون سرون استعمال ڪيون وينديون آھن. سرن لڳائڻ کان اڳ بنيادي سطح Base) کي تارن واري برش سان صاف ڪري ۽ پاڻيءَ سان ڌوئبو آھي. سلئبن جي مٿان، گرائونڊ فلور کان علاوھ ٻن منزلن جي صورت ۾، سلئبن کي تازي صورت واري حالت ۾ تارن واري برش سان کھرو ڪري ۽ پوءِ سرن لڳائڻ جي وقت مذڪورھ سطح کي ڌوئي، انھن مٿان ڪريل ۽ اکڙيل ڳنڍن ڳوڙھن ۽ ٻئي ابور کي مال صاف ڪري پوءِ انھن مٿان سرن يا ٽائيلن جي فرشبندي ڪئي ويندي آھي سرن کي استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ کين چڱيءَ طرح پاڻيءَ ۾ ٻوڙي تر (Soak) ڪيو ويندو آھي. ٽِيپ (Pointing) نھ ڪرڻ جي صورت ۾ سرن جا جوڙ 3/16 انچن کان وڌيڪ نھ رکبا آھن ۽ جوڙن مان ٻاھر نڪري آيل مصالحي (Mortar) کي چوناڙي يا ماري (Trowel) سان ماريو (Struck) ويندو آھي يا انھيءَ کي آلي ڪپڙي سان اگھي صاف ڪيو ويندو آھي. جڏھن تھ ٽيپ ڪرڻ واري حالت ۾ جوڙ 3/8 انچن کان وڌيڪ ٿلھا نھ رکبا آھن ۽ تازي حالت ۾ جوڙن ۾ ڪم آيل مصالحي کي ھڪ انچ تائين گھرو اکيڙيو (Rake) ويندو آھي، جنھن سطح تي فرشبندي ڪرڻي ھوندي آھي انھيءَ کي ¾ انچن جي ٿولھھ ۾ مصالحو پٿاريو ويندو آھي. ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ ھن قسم جي فرشن کي 6 ڏينھن تائين آلو رکيو ويندو آھي ۽ ٽيپ ڪرڻ جي حالت ۾ ٽيپ ڪرڻ کان پوءِ کين 14 ڏينھن تائين آلو رکڻو ھوندو آھي ھن قسم جي فرشبنديءَ ۾ انھيءَ ڳالھھ جو خاص خيال رکيو ويندو آھي تھ ھر ھڪ جوڙ ۾ خاص طور اڀي جوڙ ۾ مصالحو مٿي تائين چڱيءَ طرح ڀريل ھجي. جيڪڏھن ڪم ھلندڙ ھجي تھ انھيءَ ڪم جي پوري ٿيڻ تائين ھن قسم جي فرشن کي سج، مينھن، پاري يا ٿڌ، گھم ۽ موسم جي ڦرندڙ گھرندڙ اثرن کان بچاءُ ۾ رکجي.ھن قسم جي فرشن کي تيار ڪرڻ کان پوءِ کھري ڪاربورنڊم پٿرStone) (Corborundum سان گسائي لسو ڪري ڌوئي پوءِ استعمال ڪيو ويندو آھي. ھي فرش گھڻو ڪري گھر جي اڱڻن (Courtyard) جي لاءِ ٺاھيا ويندا آھن.[1]

سيمينٽ ڪانڪريٽ جا فرش سنواريو

(Cement Concrete or Conglomerate floors) ھن قسم جا فرش عام طرح سان نھايت ئي گھڻو مقبول آھن. ھن قسم جا فرش ڪچي بنياد (Sub-base) جي تيار ڪرڻ کان پوءِ انھيءَ مٿان 1:4:8 يا 1:6:12 جي تناسب وارو سيمينٽ ڪانڪريٽ جو (Base) بنياد وجھي انھيءَ جي مٿان شيشي، ايليومينم (Aluminium) وغيره جي پٽين جا چوڪنڊا خانا ٺاھي انھن ۾ گھربل ٿولھھ (جيڪا اڪثر ڪري 1 انچ کان 4 انچن تائين ھوندي آھي) مطابق 1:2:4 جي تناسب جو سيمينٽ ڪانڪريٽ استعمال ڪري ٺاھيا ويندا آھن. اھا فرشبندي خانن ذريعي انھيءَ ڪري ورڇي ويندي آھي جو سموري مطلوبہ ايراضي ۾ لاڳيتو فرش وجھڻ سان موسمي اثرن جي تبديليءَ سبب ڪانڪريٽ جي سوس ۽ واڌ سبب فرش ۾ ڏار پئجي ويندا آھن. شيشي جي پٽين استعمال نھ ڪرڻ جي صورت ۾ گھربل فرش کي لڪيرن جي صورت ۾ سھڻي نموني عليحدھ عليحدھ خانن ۾ ورھائي پوءِ ھڪ ڇڏي ٻيو يعني واري سر Alternate) ڪاٺ جي پٽي ڏيئي مقرر ڪيل ٿولھھ جي حساب سان ڀريو ويندو آھي. ٻنھي صورتن ۾ انھن خانن کي ھڪ ئي انداز ۾ ورھايو ويندو آھي. پٽين استعمال نہ ڪرڻ جي صورت ۾ ھڪ واري سان ڀريل فرش جي خانن کان پوءِ واري سر ڀرڻ وارا خانا 24 ڪلاڪن کان پوءِ ڀريا ويندا آھن. ھر ھڪ خاني جي ايراضي 16 مربع فوٽن کان وڌيڪ نھ رکي ويندي آھي ۽ انھن خانن جي ننڍي ۾ ننڍي سائيڊ (پاسو) 3 فوٽن کان ۽ وڏي ۾ وڏو پاسو 6.5 فوٽن کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي. ھن قسم جي فرشبندي ٺاھڻ لاءِ مٿي ڄاڻايل ڳالھين سان گڏو گڏ ٻين ھيٺين ڳالھين جو خاص خيال رکيو وڃي. (i) شيشي يا ائليومينم جون پٽيون جيڪي فرش کي مختلف خانن ۾ ۽ ھڪجھڙي انداز (Symmetrical) ۾ ورھائڻ لاءِ استعمال ڪيون وينديون آھن، اھي 1/8 انچن (3 mm) ٿلھيون ۽ گھربل انداز جي ٽاپنگ (Topping) جيتريون اوچيون (Deep) ھئڻ گھرجن. (ii) خانن ۾ ورھائڻ کان اڳ ۾ چوني جي ڪانڪريٽ (Lime Concrete) يا سيمينٽ ڪانڪريٽ جي بنيادي فرش (Base) کي، جيڪو بالڪل ھڪ ڪري (Uniform) تھھ جي صورت ۾، چڱيءَ طرح ڳتي نھرو ڪيل (Compacted) ۽ گھربل فرش جي حساب ۾ بالڪل صحيح، انھيءَ جي پور وڇوٽ (Parallel) ۽ ھڪ ئي دفعي سان وڌل ھوندو آھي. گھٽ ۾ گھٽ ستن ڏيھن تائين ترائي (Curing) ڪري، سخت بنائي ۽ بعد ۾ فرش وجھڻ وقت پھريائين انھيءَ کي لوھھ جي تارن واري برش سان صاف ڪري انھيءَ مان مٽي ۽ ابور کي مال کي ڪڍي ۽ سڪل ھئڻ جي حالت ۾ پاڻيءَ جو ٽيھو ڏيئي بعد ۾ خالص سيمينٽ ۽ پاڻيءَ جي پتري مرڪب جو تمام ھلڪو ٽيھو ڏيئي پوءِ انھيءَ مٿان فرش (Topping) وڇايو وڃي. (iii) زميني سطح کان مٿي تيار ڪيل منزلن واسطي سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ڇتين (Slabs) وجھڻ وقت جلد ئي انھن مٿان ھن قسم جو فرش وڌو وڃي ۽ وقت گذري وڃڻ جي حالت ۾ انھن کي ٿورو گھرو ڪري اٽڪل ڏيڍ انچ ٿلھو، گھٽ مقدار واري سيمينٽ ڪانڪريٽ جھڙوڪ 1:6:12 يا 1:4:8 جي تناسب وارو، تھھ چڙھي پوءِ انھيءَ مٿان ھن قسم جي ٽاپنگ (Topping) چاڙھي وڃي. (iv) بنياد (Base) کي ڪڏھن بھ لسو نھ ڪيو وڃي تھ جيئن ٽاپنگ انھيءَ سان مضبوطيءَ سان جڪڙجي وڃي. (v) سيمينٽ ڪانڪريٽ جو مسالو گھاٽو (Dense) رکيو وڃي، جيئن انھيءَ جو جھڪاءُ (Slump) ڏيڍ انچ کان نھ وڌي. عام ڪمن لاءِ ھڪ ڪعب فوٽ تي ساڍن چئن کان پنجن گيلن تائين پاڻي استعمال ڪجي. پاڻي ۽ سيمينٽ جو تناسب Water Cement Ratio) 0.04کان نھ وڌڻ گھرجي ۽ چلت (Workability) کي سيمينٽ ڪانڪريٽ ۾ استعمال ٿيندڙ پٿر جي ٽڪرن ۽ جابلو ريتيءَ (Aggregate) جي انداز کي ملائي بيھارڻ (Adjustment) رستي ضابطو ڪيو وڃي vi) ھڪ خاني (Panel) جو مال ھڪ ئي دفعي (Lot) سان ملائي، ۽ سيمينٽ ملائڻ کان 5 منٽن اندر مال ملائڻ واري تختي (Mixing board) تان فرش تي ويھي آھستگيءَ سان لاھي، خانو ڀري، انھيءَ کي ڪرني ۽ سڌي پٽيءَ (Straight edge) وسيلي پٿاري، سنئون ڪيو وڃي. پٿارڻ بعد انھيءَ کي 5 کان 10 منٽن تائين اٽڪل 5 پائونڊن جي ڪاٺ جي ٿاڦيءَ سان زور سان ٿڦڪيون ڏيئي سوڙھو ڳتيو وڃي، جيئن انھيءَ ۾ ڄمڻ کان پوءِ سنھن سوراخن پيدا ٿيڻ جو انديشو نھ رھي. (vii) سيمينٽ ڪانڪريٽ کي خانن ۾ پٿارڻ کان پوءِ شروعاتي ٽائيم ۾ انھيءَ کي تمام گھڻو ٿاڦڻ کان پاسو ڪيو وڃي. اھو جڏھن سخت ٿيڻ لڳي تھ انھيءَ کي تڪڙو تڪڙو لوھھ جي ڪرنيءَ (Trowel) سان ماريو وڃي. سخت ٿيڻ کان اڳ ۾ سڌيءَ پٽيءَ ذريعي انھيءَ کي چڪاسيو وڃي ۽ جيڪڏھن ڪجھھ ھيٺاھيون مٿاھيون (Undulations) نظر اچن تھ انھن کي ختم ڪرڻ گھرجي. ازانسواءِ ٿاڦيءَ سان ٿڦڪين ڏيڻ بعد جيڪڏھن ڪو فالتو باريڪ مال (Stuff) نظر اچي تھ انھيءَ کي يڪدم خارج ڪيو وڃي. (viii) جيڪڏھن ٿڦڪين ڏيڻ سان سطح جي مٿان سيمينٽ جي ڪريم جي پيسٽ نڪري اچي تھ ائين ڄاڻجي تھ مصالحي ۾ تمام گھڻو ۽ ضرورت کان وڌيڪ پاڻي پئجي ويو آھي. اھڙي مال کي خانن مان ڪڍي ۽ ٻئي اھڙي ٺاھيل مال کي خارج ڪيو وڃي.(ix) مٿي ڄاڻايل پٿارڻ ۽ دٻائڻ (Ramming) واري سلسلي کي آلي حالت ۾ ملايل (Wet mixing) ڪانڪريٽ جي ٽائيم کان پوءِ 30 منٽن اندر پورو ڪرڻ گھرجي. (x) ھڪ ڇڏي ٻئي خاني ڀرڻ جي صورت ۾ ٻئي ڏينھن تي خانن ٺاھڻ وارين رھنمائي پٽين (Screeds) کي خبرداريءَ سان ڪڍيو وڃي ۽ ٺاھيل چونڪن يا خانن (Panels) جي پاسن کي چڪاسيو وڃي ۽ انھن کي ڀڄڻ نھ ڏجي. انھن پاسن تي ڪنھن اڻ جاذب (Non-absorbent) ڪاغذ کي رکي ۽ مٿي تيار ٿيل چونڪي مٿان ويڙھيو وڃي، جيئن اڳتي ھلي رھيل خانن کي ڀرڻ وقت نئون مال اڳ ۾ ٺھيل چونڪن جي ڪنارن سان چنبڙي نھ پوي ۽ نھ ئي وري ٺھيل چونڪن مٿان پٿارجي وڃي. گھڻي خيال رکڻ کان پوءِ بھ جيڪڏھن ڪجھھ مصالحو انھن مٿان ڪري پوي تھ انھن کي تازي حالت ۾ ئي صاف ڪري ھٽايو وڃي. (xi) ٽئين ڏينھن تي ڇڏيل خانا جيڪي ھڪ ڇڏي ٻئي (Alternate) جي اصول تي ڀرڻا آھن، انھن کي پورو ڪيو وڃي ۽ انھن جي ڀرڻ وقت اڳ ۾ ٺھيل چونڪن کي نقصان ٿيڻ نھ ڏجي. ھنن ڇڏيل خانن کي ڀرڻ تائين اڳ ٺاھيل چونڪن جي ڀِڳل سڻيءَ جي ڳوڻ رستي چڱيءَ طرح ترائي ڪرڻ گھرجي ۽ انھن کي ترائيءَ جي مدي تائين ھرگز سڪڻ نھ ڏجي. سموري فرش مڪمل ٿيڻ کان پوءِ انھن مٿان جابلو واريءَ سان ٻارا ٺاھي، انھن اندر مسلسل پاڻيءَ جا دٻا ٺاھي اٽڪل 14 ڏينھن تائين ترائي ڪئي وڃي. (xii) ھن قسم جي فرش جي مٿاڇري کي سڪل سيمينٽ يا گھڻي سيمينٽ ۽ واريءَ جي مرڪب کي انھيءَ مٿان ڇڻڪاري ڪڏھن بھ لسو ۽ پختو ڪرڻ نھ ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ تھ خراب سطح کي لڪائڻ لاءِ اھو ھڪ حسين ڌوڪي جي برابر آھي.[1]

سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرشن جا قسم٬ سنواريو

(Types of C.C. Floors) ن قسم جي فرشن کي ٺاھڻ وارن طريقن جي لحاظ کان ٻن نمونن ۾ ورھائي سگھجي ٿو. ھڪ غير مفرد (Non-monolithic) ۽ ٻيو ھڪ جان يا مفرد (Monolithic). غير مفرد (Bonded) فرشن ۾ ڪانڪريٽ جو مٿيون تھھ اڪثر ھيٺئين تھھ (Base) جي وجھڻ کان ٽي ڏينھن پوءِ وڌو ويندو آھي، جيئن اھي ٻئي يڪ جان نھ ٿين، پر الڳ الڳ رھن. اھي فرش بھ يا تھ ھڪ تھھ جي صورت ۾ يا ٻن تھن جي صورت ۾ وڇايا ويندا آھن. ھڪ تھھ (Single layer) جي صورت ۾ گھڻو ڪري (4 cm) 1 5/8 ٿلھو تھھ ھڪ ئي وقت وڇايو ويندو آھي. ٻن تھن (Two layers) جي صورت ۾ مٿي ڄاڻايل ٿولھھ کي ٻن حصن ۾ اھڙي نموني ورھايو ويندو آھي، جيئن ھڪ ئي وقت اھي ٻيئي تھھ پاڻ ۾ ملي وڃن. ھن ۾ ھيٺ واري ڪچي تھھ (Base) سان ملندڙ تھھ جي ٿولھھ 1 انچ (2.5 cm) رکي ويندي آھي ۽ سڀ کان مٿئين تھھ جي ٿولھھ 5/8 انچ (1.5 cm) رکي ويندي آھي. ازانسواءِ ھيٺئين تھھ ۾ گھڻو ڪري 1:3:6 جي تناسب ۾ ۽ مٿئين تھھ ۾ 1:2:3 جي تناسب ۾ سيمينٽ ڪانڪريٽ استعمال ڪيو ويندو آھي ھڪ جان يا مفرد (Monolithic) قسم جا فرش اٽڪل ¾ انچ (2 cm) ٿلھا ۽ ھيٺئين ڪچي ڪانڪريٽ (Base) سان گڏو گڏ ٺاھيا ويندا آھن، جيئن ٻئي تھھ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان چڱيءَ طرح ملي ۽ سڪڻ کان پوءِ ھڪ ٿي وڃن. ھيٺئين بنياد (Base) ۽ ھن تھھ جي وڇائڻ ۾ 45 منٽن کان 4 ڪلاڪن تائين وقفو ڇڏيو ويندو آھي ۽ ھن قسم جي فرش ۾ 1:2:4 جي تناسب وارو سيمينٽ ڪانڪريٽ استعمال ڪيو ويندو آھي. عام طرح سان ھي مفرد قسم جا فرش اڄڪلھھ مروج نھ آھن.[1]

فرشن جي مٿاڇري کي سخت بڻائڻ سنواريو

(Hardener Treatment) سيمينٽ ڪانڪريٽ جي مٿاڇري کي جڳھھ جي ۽ ضرورت جي نوعيت مطابق سخت ڪندڙ مرڪبن جھڙوڪ جست (Zinc) ۽ مئگنيشيم فليوئوسليڪيٽيڊ (Magnesium Fluosilicated)، سوڊيم سليڪيٽ (Sodium Silicate) ۽ ٻين اھڙين ڪيميائي دوائن ملائڻ سان مضبوط بڻايو ويندو آھي. ھن ۾ زنڪ يا مئگنيشيم جي فليوئوسليڪيٽ جي اڌ پائونڊ کي ھڪ گئلن پاڻيءَ ۾ ملائي پھريون ليپ ڏنو ويندو آھي، انھيءَ کان پوءِ ضرورت مطابق ھر ٻيو ليپ ھر گئلن پاڻيءَ ۾ ٻن پائونڊن جي حساب سان ڏنو ويندو آھي. انھن ليپن ڏيڻ کان اڳ ۾ فرش کي چڱيءَ طرح سان ڌوئي، ھر ابور کي مال، تيل، رنگ ۽ ٻئي ھر ڌارئي مادي (Foreign substance) کان پاڪ ۽ صاف ڪرڻ گھرجي. ھن قسم جو ليپ ھڪ گئلن ۾ 130 مربع فوٽ والاري (Cover) ٿو، سڪڻ کان پوءِ ھن فرش کي تمام گھڻي خيال سان ڪپڙي سان اگھڻ گھرجي. ھيءُ فرش گھڻو ڪري رستن، گھٽين، فوٽ پاٿن، وڏن سماعت خانن (Auditoriums)، عام ميڙ وارن ھنڌن وغيره لاءِ استعمال ڪيا ويندا آھن.[1]

مستحڪم سيمينٽ ڪانڪريٽ جا فرش سنواريو

(R.C.C Floors) ھن قسم جي فرشن ۾ پڻ سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرشن ۾ ڄاڻايل ڳالھين جو خيال ڪيو ويندو آھي. ھنن ۾ ڇتين وانگر ۽ ڊزائن مطابق لوھ جون سيخون استعمال ڪيو وينديون آھن، انھيءَ ڪري ھي فرش سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرشن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا آھن. ھنن فرشن ۾ سيمينٽ ڪانڪريٽ جو مٿيون تھھ 6 انچن (15 cm) کان 8 انچن (20 cm) تائين وڌو ويندو آھي. ھنن فرشن ۾ بنيادي تھھ گھڻو ڪري اٽڪل 4 انچ گھرو وڌو ويندو آھي. مٿئين تھھ جي اڌ عمق (Depth) تي لوھ جو ڄار اھڙي نموني وڇايو ويندو آھي، جيئن اھو ھيٺئين تھھ کان مٿي اڀريل رھي ۽ انھيءَ جي مٿان سيمينٽ ڪانڪريٽ جو گھربل تھھ (Cover) چڙھي. ھن قسم جا فرش اھڙن ھنڌن تي ٺاھيا ويندا آھن، جن تي ڳري مشينري، ٽرئفڪ ۽ ٻين اھڙين ڳرين شين جي چرپر ٿيڻي ھوندي آھي، جھڙوڪ؛ ڪارخانا، جديد فيڪٽريون، ھيليڪاپٽرن ۽ جھازن جا رستا (Runways) ۽ لارين ۽ موٽرن بيھارڻ وارا دالان وغيره.[1]

سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرشن جون خاصيتون سنواريو

(Characteristics of C.C. Floors) (i) ھن قسم جي فرشن کي پنھنجي پسند مطابق مطابق گھربل رنگ ملائي خوبصورت بڻائي سگھجي ٿو. (ii) ھنن فرشن جي سنڀال سولائيءَ سان ڪري سگھجي ٿي ۽ انھن تي گھٽ خرچ لڳي ٿو. (iii) ھنن فرشن جي اڏاوت آسان ۽ پائيدار ھئڻ سبب انھن کي عام طرح سان رھائشي، تجارتي ۽ مجلسي عمارتن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. (iv) ھن قسم جي فرشن ۾ باھھ سان مقابلو ڪرڻ جي ڪافي قوت ٿئي ٿي. (v) ھي فرش غير جاذب (Impervious) ۽ ٺوس ٿين ٿا. (vi) ھنن کي آسانيءَ سان ڌوئي صاف ڪري سگھجي ٿو.[1]

موزائيڪ يا ٽيرازو فرش سنواريو

(Mosaic orTerrazzo floors)

ھن قسم جي فرشن لاءِ پڻ بنياد ساڳئي نموني ٺاھيو ويندو آھي جيئن پھرين ڄاڻايو ويو آھي، انھيءَ جي مٿان ھن قسم جي فرشن کي ٻن تھن جي صورت ۾ ٺاھيو ويندو آھي. ھيٺئين تھھ ۾ 1 انچ کان ¾ انچ (2.5 کان 2 سينٽيميٽر) جي عمق ۾ گھربل تناسب (جھڙوڪ؛ 1:2:4 يا 1:2 ½ :3 ½ وغيره) ۾ سيمينٽ ڪانڪريٽ جو تھھ وڌو ويندو آھي ۽ مٿيون تھھ ¼ انچ (6 mm) ٿلھو رکيو ويندو آھي ۽ انھيءَ ۾ بلوري پٿر (Marble chips) جا ٽڪرا ملايا ويندا آھن. ھن ۾ بلوري پٿر جي ٽڪرن ۽ سيمينٽ جو تناسب عام طرح سان 1:2 يعني ھڪ حصو سيمينٽ ۽ ٻھ حصا بلوري پٿر جا ٽڪرا ھوندو آھي ۽ ٻيو تھھ پھرئين تھھ چاڙھڻ کان پوءِ ٻئي ڏينھن چاڙھيو ويندو آھي. مٿئين تھھ کي گھربل تھھ کان ٿورو وڌيڪ ٿلھو رکيو ويندو آھي جيئن انھيءَ جي ڪٽڻ ۽ گسائڻ کان پوءِ اھو پوريءَ ۽ گھربل ٿولھھ ۾ بيھي. ھن ۾ استعمال ٿيندڙ جابلو ريتي ٿلھي (Coarse) گھربل سائيز جي ۽ صاف ھئڻ گھرجي. بلوري ٽڪر (Marble chips) مضبوط ۽ 1/16 انچن کان 1/8انچن (1.55 mm کان 3 mm) جي سائيز جا ھئڻ گھرجن. وڏي سائيز جي ڪمرن ۽ ھالن ۾ ¼ انچن جي سائيز تائين بلوري ٽڪر استعمال ڪري سگھجن ٿا. بي ڊبليو ڊيءَ جي اسپيسيفڪيشنس مطابق مٿيون بلوري ٽڪرن جو تھھ 3/8″ کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي. جڏھن تھ ھيٺيون سيمينٽ ڪانڪريت جو تھھ 1 انچ کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي ۽ اھي ٻئي تھ يڪجان (Monolithic) ھئڻ گھرجن جيئن موزائيڪ فلور جي فرش جي ٽاپنگ جي جملي ٿولھھ 1 3/8″ کان گھٽ نھ بيھي. انھيءَ کان سواءِ ٻين ھيٺين ڳالھين جو خاص خيال رکيو وڃي. (i) سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ھيٺئين تھھ ٺاھڻ تائين عليحده خانن ٺاھڻ، سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ملائڻ، انھيءَ کي پٿارڻ، انھيءَ جي گھاٽاڻ ۽ واٽر سيمينٽ رئشو (پاڻيءَ ۽ سيمينٽ جو تناسب) اڳ ۾ ڄاڻايل سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرش مطابق ھئڻ گھرجي.(ii) بلوري ٽڪرن کي استعمال ڪرڻ کان اڳ کجيءَ جي ڦرھن جي ڇٻن ۾ وجھي چانورن وانگر پاڻيءَ سان ڌوئي بالڪل صاف ڪري سڪائي پوءِ استعمال ڪرڻ گھرجي. (iii) سڀ کان پھرين سيمينٽ ڪانڪريٽ جي بنياد تي، جيڪو سنوت ۾ ۽ کھرو ڇڏيو ويندو آھي، گھربل ٿولھھ جي عمق وارين پتل (Brass)، ٽامي(Copper)، جست (Zinc)، شيشي (Glass)، يا ٻڙي نمبر (Zero Number) جي بلورن جي چوري جي ٺھيل پٽين سان ھڪ ڪرا، سھڻا ۽ گھربل ڊزائن جا خانا ٺاھيا وڃن. (iv) گھربل تناسب جي حساب سان ماپ وارين پيتين ذريعي سيمينٽ ۽ بلور جي ٽڪرن کي پھرين سڪل حالت ۾ ڪنھن صاف پڪي فرشي ٽڪري تي پر ڪوشش ڪري تغاريءَ يا ٻئي ڪنھن اھڙي ٿانو (Container) ۾ وجھي ٿورو ٿورو پاڻي ملائي ايتري گھاٽاڻ (Workability) تائين بيھارجي جيتري ۾ اھو استعمال ڪرڻ جي لائق بڻجي، پوءِ انھيءَ کي خانن اندر لاھي ترتيب سان لوھھ جي ڪرنيءَ ذريعي پٿاري ٿڦڪيون ڏيئي ڳتيو وڃي. جيڪڏھن ٿڦڪين ڏيڻ سان انھيءَ مان ڪريم نڪري تھ اھڙي ملاوٽ کي خارج ڪيو وڃي. (v) ڪوشش ڪري بلوري ٽڪرن جو تھھ Mosaic topping) ايتري ٽائيم اندر ڏنو وڃي جيتري ۾ ھيٺيون سيمينٽ ڪانڪريٽ جو تھھ لچڪدار (Plastic) حالت ۾ ھجي. (عام طرح سان اھو ٻئي ڏينھن ڏنو ويندو آھي) پر جيڪڏھن ھيٺيون تھھ بالڪل سڪي وڃي تھ پوءِ انھيءَ مٿان خالص سيمينٽ ۽ پاڻي جو ھلڪو تھھ (Slurry) ڏيئي پوءِ جلد ئي انھيءَ مٿان موزائيڪ جي داڻي جو تھھ چاڙھجي. انھيءَ تھھ مٿان ھلڪيون ٿڦڪيون ڏيئي انھيءَ کي ڪرني ۽ ليول واري پٽيءَ سان سڌو ڪري ۽ بالڪل صحيح ليول ۾ بيھارجي. (vi) ليول بيھارڻ ۽ ڪرنيءَ سان ٻھ ٽي گھمرا ٿڦڪيون ڏيئي ڳتڻ کان پوءِ اگر مٿاڇري تي ڪرنيءَ جا داغ ٿي بيھن تھ انھن کي ميساڻ جي ڪوشش ھرگز نھ ڪجي ڇاڪاڻ تھ اڳتي ھلي مٿان گسائڻ (Grinding) کان پوءِ اھي داغ خود بھ خود ميٽجي ويندا. (vii) انھيءَ کان پوءِ يڪدم ئي موزائيڪ جي تازي پيل فرش مٿان ڪرنيءَ جي مدد سان خالص سيمينٽ جو تھھ چاڙھي ۽ انھيءَ مٿان ترائيءَ واسطي آليون ڳوڻيون رکجن. (viii) ٽن ڏينھن بعد انھيءَ فرش جي مٿان تمام کھرن ڪاربورئنڊم بلاڪن رستي خوب طرح سان ھن فرش جي گسائي ڪئي وڃي. اھا گسائي، مشين استعمال ڪرڻ سان تڪڙي ۽ عمدي رھي ٿي. ڪن خاص حالتن ۾ مشين نھ ھئڻ سبب انھيءَ کي ھٿ رستي انھن بلاڪن سان (جن کي عام طرح سان بٺي ڪوٺيو وڃي ٿو) زور سان رڳڙي لسو بنائي سگھجي ٿو. رڳڙائي يعني گسائي فرش مٿان سنھي ريتي ۽ پاڻي ھاري خوب طرح سان ڪرڻ گھرجي جيستائين داڻو ظاھر ٿي بيھي. (ix) پھرين گسائي کان پوءِ فرش جي تھھ مٿان ڪجھھ سوراخ ٿي پون تھ انھن جي خالص سيمينٽ سان مرمت ڪرڻ گھرجي ۽ فرش کي سڪڻ نھ ڏجي. (x) ٻي رڳڙائي وري پنجن ڏينھن کان پوءِ وچولي کھرن ڀترن يعني بٺين سان ڪئي وڃي ۽ گشائيءَ دوران جيڪڏھن سوراخ وغيره نظر اچن تھ انھن جي خالص سيمينٽ سان مرمت ڪجي. انھيءَ سموري ڪم دوران فرش کي تر رھڻ ڏنو وڃي (xi) آخر ۾ سنھن بٺين (Fine Sand-blocks) رستي رڳڙي ۽ تمام گھڻي پاڻي ھارڻ بعد انھيءَ کي بالڪل صاف ۽ چِٽو ڪيو وڃي ۽ اھڙا فرش جن ۾ آخري گسائيءَ کان پوءِ بھ موزائيڪ جو داڻو نظر نھ اچي تھ انھن کي خارج ڪري ٻيھر ٺھرائڻ گھرجي. (xii) آخري گسائيءَ کان پوءِ ھنن فرشن کي ھلڪي صابڻ (Mild Soap) سان ڌوئي تمام گھڻي پاڻيءَ سان صاف ڪري پوءِ سڪڻ لاءِ ڇڏي ڏنو وڃي ۽ جڏھن اھي بالڪل چڱيءَ طرح سان سڪي وڃن تھ انھن مٿان آغزئيلڪ ائسڊ جو پائوڊر (Oxalic Acid Powder) ھاري لڪڙن مٿان سڻيءَ جون ٻوريون لپيٽي تمام گھڻي زور سان گٺو وڃي ۽ انھن کي سڪڻ لاءِ ڇڏي ڏنو وڃي. سڪڻ کان پوءِ وري ٻيھر پھرئين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ (Oxalic Acid Powder) پائوڊر ھاري ڪپڙي جي گدين (Cloth pads) سان انھيءَ کي گسايو وڃي ۽ انھيءَ کي سڪائي پوءِ چڱيءَ طرح صاف ڪجي. (xiii) انھيءَ بعد فرش کي ڪنھن صاف تيل ۽ ڪاٺ جي ٻوري سان ڍڪي ڇڏجي ۽ رنگ روغن ۽ ٻين جاءِ جي سمورن ڪمن پوري ٿيڻ بعد انھن کي تمام سٺي پالش ڪري، ۽ صاف سٽ (Cotton Waste) سان زور سان گسائي چمڪندڙ بنايو وڃي. (xiv) رنگين فرشن ٺاھڻ واسطي سڪو ملائڻ وقت سفيد سيمينٽ ۾ گھربل رنگ سڪل حالت ۾ ملائي، پوءِ مٿي ڄاڻايل ھدايتن مطابق اڳتي وڌجي.[1]

ٽيرازو ڊئڊو ۽ اسڪرٽنگ سنواريو

(Terrazzo Dado and Skirting)بلوري پٿر جي داڻي (Marble Chips) ۾ سيمينٽ ملائي ڀتين مٿان عمق جي صورت ۾ چاڙھي، انھيءَ جي موزائيڪ فلورنگ وانگر گسائي وغيرھ ڪري، داڻي کي ظاھر ڪري، خوبصورت سطح ۾ آڻڻ کي ٽيرازو ڊئڊو يا اسڪرٽنگ سڏيو وڃي ٿو.

ان قسم جي سطح ٺاھڻ لاءِ انھن سڀني ڳالھين جو خيال ڪيو ويندو آھي جيڪي موزائيڪ فلورنگ ۾ ڄاڻايون ويون آھن. اجڪلھھ جي رواج مطابق غسلخانن ۽ بورچيخانن کي ڇڏي ٻين سڀني ڪمرن وغيره ۾ موزائيڪ فلورنگ سان گڏ ان جھڙو ئي ڊئڊو 3 انچن کان 4 انچن تائين چئني ڀتين تي چاڙھيو ويندو آھي. انھيءَ طرح سان ڪمرا وغيرھ سھڻا بھ لڳندا آھن ۽ فرش ڌوئڻ وقت انھن ڪمرن جون ڀتيون پڻ خراب نھ ٿينديون آھن. جڏھن تھ بورچيخانن ۽ غسلخانن ۾ انھيءَ جي اوچائي اٽڪل 6 فوٽن تائين رکي ويندي آھي. پلستر ڪيل ڀتين جا اھي حصا جن تي ھيءُ ڊئڊو چاڙھيو ويندو آھي اھي کھرا ڇڏيا ويندا آھن ۽ ڄاڻايل عمق مطابق انھن جي مٿان گھربل ڊئڊو ڪرڻ لاءِ سيمينٽ ۽ ريتيءَ جو تھھ چاڙھي انھيءَ جي سيٽ ٿيڻ کان اڳ موزائيڪ جي داڻي ۽ سيمينٽ جو تھھ چاڙھيو ويندو آھي. داڻو (Chips) اڪثر ڪري 1 ½ نمبر جو استعمال ڪيو ويندو آھي. ٿورو ماربل پائوڊر ملائڻ سان انھيءَ کي گسائڻ ۾ آساني رھندي آھي انھيءَ ڪري فرش توڙي اسڪرٽنگ جي ڪم ۾ سيمينٽ ھڪ حصو، ماربل پائوڊر ½ حصو ۽ داڻو 2 حصا ملائي مناسب قسم جي آميزش حاصل ڪري سگھجي ٿي. اسڪرٽنگ ۽ ڊئڊو سڌا، ليول ۽ ساھل ۾ ھئڻ گھرجن ۽ فرش سان چڱيءَ طرح مليل (Flush) ھئڻ گھرجن. اھا ڳالھھ ذھن ۾ رکڻ گھرجي تھ فرش جو ڊئڊو ۽ ڀتين جي اسڪرٽنگ ۾ ڪٽائيءَ کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ 70 سيڪڙو داڻا ھڪ ڪرا ڦھليل ۽ ظاھر ھئن گھرجن.[1]

ٽيرازو ٽائيلن جا فرش ۽ ڊئڊو سنواريو

(Terrazzo Tile Floors and Dado) اعشاري نظام جي رائج ٿيڻ کان پوءِ ھيءُ چؤنڪا 300 mm x 300 mm x 25 mm، (Tiles) (يعني ڊيگھھ ۽ ويڪر ھر ھڪ 300 mm ۽ ٿولھھ 25 mm) ۾ ٺھڻ لڳا آھن. ھن قسم جي ٽائيلن کي سيمينٽ ڪانڪريٽ جي بنياد تيار ڪرڻ کان پوءِ صاف سٿرو سيمينٽ لڳائي انھيءَ مٿان وڇايو ويندو آھي. ٽائيلن جي جوڙن ۾ گھربل رنگ جي سيمينٽ ۽ جابلو ريتيءَ جي پٽڙيءَ پيسٽ جھڙو مسالو (Slurry) ڀريو ويندو آھي.ھنن چؤنڪن کي استعمال ڪرڻ کان پھرين گھٽ ۾ گھٽ 36 ڪلاڪن تائين پاڻيءَ اندر ٻوڙي رکڻ گھرجي.ھن قسم جي ٽائيلن جو مٿيون داڻي وارو تھھ ½ جي ٿولھھ کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي ۽ گھربل رنگ جو مقدار انھيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سيمينٽ، جيڪو گھڻو ڪري سيمينٽ ۽ داڻي جي حساب ۾ 1:2 جي تناسب سان استعمال ڪيو ويندو آھي، انھيءَ جي ڏھھ سيڪڙو کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھگرجي. اھي چؤنڪا (Tiles) گھٽ ۾ گھٽ ھر پائونڊ تي 2000 مربع انچ (2000 psi) واري سگھھ جو دٻاءُ سھڻ وارا ۽ ڪارخاني ۾ تيار ڪيل ھئڻ گھرجن ھي چؤنڪا 1 ½ انچ ٿولھھ جي 1:2:4 واري تناسب سان ٺھيل سيمينٽ ڪانڪريٽ مٿان 1:3 جي تناسب وارو سيمينٽ ۽ ريتيءَ جو سراسري طور اڌ انچ ٿولھھ جو تھھ چاڙھي انھيءَ جي مٿان لڳايا وڃ. چؤنڪا لڳائي بس ڪرڻ کان پوءِ انھن جي جوڙن ۾ (جي 1 1/16 انچن جي ٿولھھ کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجن) گھربل رنگ جي سيمينٽ جو مسالو ڀريو وڃي ۽ انھيءَ لڳايل مٿاڇري کي ڇيڙڻ کان سواءِ اٽڪل ٻن ھفتن تائين پاڻيءَ سان تر رکيو وڃي. مٿاڇري جي سڪي وڃڻ کان پوءِ مٿي ڄاڻايل موزائيڪ فلورنگ وانگر انھيءَ کي چڱيءَ طرح چمڪائي پوءِ استعمال ڪيو وڃي.[1]

پٿر جا فرش سنواريو

(Stone or Flagged Floor) ھن ۾ استعمال ٿيندڙ فرش جو بنيادي تھھ اڳ ۾ ڄاڻايل خاصيتن وارو ھئڻ گھرجي ۽ فرش اندر استعمال ٿيندڙ پٿر ھڪ ئي سائيز جا ڀلي نھ ھئڻ گھرجن، ليڪن انھن جي گھٽ ۾ گھٽ ٿولھھ ڏيڍ انچ، ويڪر 14 انچ ۽ ڊيگھھ اڍائي فوٽن کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي .انھن پٿرن جو مٿاڇرو تمام سھڻي انداز ۾ گھڙيل، گول ٽڪرن ۽ ورن وڪڙن کان پاڪ ھئڻ گھرجي. انھن کي استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڪلاڪ تائين پاڻيءَ جي حوض اندر ڀڄائي رکڻ گھرجي .انھن جي ھيٺان وڇايل بنياد (Base) بالڪل ھڪ ئي ليول ۾ ھئڻ گھرجي. انھن کي ھڪ ئي انداز جي ويڪر ۽ اھم لنگھھ (Main entrance) جي ديوار جي پور وڇوٽ ھئڻ گھرجن. انھن جي ھڪ قطار جا جوڙ ٻيءَ گڏو گڏ قطار جي مفاصلي کان گھٽ ۾ گھٽ 8 انچن کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجن، جيئن ھڪ قطار جا جوڙ ٻيءَ قطار کان ٽٽل رھن. انھن جو بنياد سرن جي فرفش جي بنياد وانگر ھئڻ گھرجي ۽ انھن جا جوڙ عام طرح سان 1/8 انچن جي ٿولھھ جا ۽ 1:2 جي تناسب جي سيمينٽ ۽ ريتيءَ جي گاري جا ھئڻ گھرجن. پٿر ھميشھ پختي تھھ، جيڪو مترڪي (Mallet) جي ڌڪن ھئڻ سان جانچي سگھجي ٿو، مٿان لڳائڻ گھرجن ۽ ھيٺئين بنياد جي نرم حصن (Soft patches) کي ٻاھر ڪڍي ٻيھر مضبوط ٺاھڻ گھرجي. پٿر جي چؤنڪن (Slabs) جي ڪنارن کان گاري (Mortar) کي پکڙجڻ نھ ڏنو وڃي ۽ ٽيپ نھ ڪرڻ جي صورت ۾ جوڙن ۾ آيل مال کي ڪرنيءَ (Trowel) رستي فلش (Flush) ڪيو وڃي. جيڪڏھن ٽيپ (Pointing) ڪرڻ مقصود ھجي تھ جوڙن کي ڪاٺ يا لوھھ جي ھڪ جھڙي ٿولھھ وارين پٽين رستي ¼ انچن کان گھٽ ويڪرو نھ رکيو وڃي. جڏھن ھر ھڪ پٿر جي چؤنڪن جي قطار لڳي وڃي تھ ڪاٺ يا لوھھ جي پٽين کي ڪڍي، جلد ئي جوڙن کي 1:1 جي تناسب واري سيمينٽ ۽ واريءَ جي گاري سان ڀريو وڃي ۽ انھيءَ کي پٿرن جي مٿاڇري کان 1/16 انچ ھيٺ ڪرنيءَ سان ٽڪي ٽيپ ڪئي وڃي . ڪم ھلندي ھنن فرشن جي ترائي جاري رکي وڃي ۽ ڪم پوري ٿيڻ کان پوءِ بھ 14 ڏينھن تائين ترائي ضرور ڪجي ۽ تيار ٿيل ففرش مٿان ڪنھن بھ قسم جا نشان ۽ گاري جا داغ ٿيڻ نھ ڏجن ۽ اھڙي قسم جا داغدار فرش ڪڏھن بھ قبول نھ ڪيا وڃن. فرش جي ڪنھن بھ حصي مٿان ٽن ڏينھن تائين ڪنھن کي بھ ھلڻ نھ ڏنو وڃي ۽ انھن مٿان 7 ڏينھن تائين ڪنھن بھ وزنيءَ شيءِ کي آڻڻ نھ گھرجي. [1]


چينيءَ جي چؤنڪن جا فرش سنواريو

(Glazzed Tile Flooring)

ھن قسم جي فرشن واسطي ھيٺيون تھھ (Base) سرن جي فرش وانگر ٺاھڻ گھرجي. چمڪدار چينيءَ جا چؤنڪا گھربل سائيز ۽ رنگ مطابق ھئڻ گھرجن. ٽائيلن لڳائڻ کان پھريائين ھيٺئين تھھ مٿان گھڻي سيمينٽ واري گارري کي پٿارڻ گھرجي. انھيءَ بعد چؤنڪن کي ڪاٺ جي ھٿوڙي ۽ گز جي مدد سان گھربل انداز ۽ گھربل سلاميءَ مطابق لڳائڻ گھرجي ۽ انھن کي لڳائڻ کان اڳ گھٽ ۾ گھٽ 36 ڪلاڪن تائين پاڻيءَ جي حوض اندر ٽٻائي رکڻ گھرجي. ٽائيلن کي گاري مٿان رکي، ھٿوڙي جي مدد سان زور سان ائين لڳائن گھرجي، جيئن ھيٺيون مسالو جوڙن مان ٻاھر نڪري اچي. فالتو مال کي يڪدم آلي حالت ۾ ڪنھن ڀِڳل ڪپڙي سان اگھي صاف ڪرڻ کپي. بھتر تھ ائين آھي تھ ڪاٺ جي ويلڻ رستي ٽائيلن کي دٻايو وڃي، جيئن ٽائيلن جي مجموعي سطح ھموار رھي. ٽائيلن لڳائڻ کان 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد جوڙن ۾ ٽاٽ يا ڪنھن برش جي مدد سان سيمينٽ ۽ ريتيءَ جي رٻڙي (Slurry) ڀرڻ گھرجي. ٽائيلن لڳائڻ کان پوءِ ٽن ڏينھن تائين انھن مٿان ڪنھن بھ وزني شيءِ کي ھلڻ يا رکڻ نھ ڏنو وڃي. انھيءَ بعد انھن مٿان پالش ڪري، انھن کي صابڻ سان صاف ڪرڻ گھرجي. ھن ۽ ٻين سڀني قسمن جي ٽائيلن جي فرش لاءِ ٽائيلن کي گھربل سائيز ۽ نموني ۾ ٽڪڻ جي حالت ۾ صرف ڪارائي استعمال ڪئي وڃي جيئن انھن جا ڪنارا تکا ۽ صاف رھن ۽ انھن جا جوڙ دلڪش رھن. جاءِ جي مڪمل ٿيڻ تائين ھن قسم جي فرشن کي ڪاٺ جي فالتو ٻوري يا ڪنھن ٻي شيءِ سان ڍڪي رکڻ گھرجي جيئن اھو جاءِ جي رنگ روغن ۽ ٻئي ڪنھن اھڙي شيءِ جي داغن وغيره کان صاف رھي[1]

بلوري پٿر يا سنگمرمر يا سنگ موسيٰ جا فرش سنواريو

(Marble or Black Marble Floors)

ھن قسم جا فرش پٿر جھڙي سخت شيءِ جي سنگمرمر جي ھڪ جھڙن چؤنڪن يا تختن (Slabs) استعمال ڪرڻ سان ٺاھيا ويندا آھن. ھن قسم جي فرشن وڇائڻ کان اڳ انھن جو ھيٺيون تھھ (Base) اڳ ۾ بيان ڪيل فرشن جي تھھ وانگر ٺاھيو ويندو آھي. ھنن کي ھيٺئين تھھ سان جوڙڻ واسطي 1:2 جي تناسب وارو چوني جو گچ يا سيمينٽ ۽ واريءَ جو گچ ¾ انچن جي ٿولھھ ۾ ھيٺئين تھھ مٿان پٿاريو ويندو آھي. ھنن جي جوڙن ۾ چوني جي لاپي (Lime putty) استعمال ڪئي ويندي آھي ۽ انھيءَ کي جوڙن اندر زور سان ڀريو ويندو آھي. انھن جوڙن کي بالڪل صاف ۽ خوبصورتيءَ سان ٺاھيو ويندو آھي ۽ انھن جوڙن جي ويڪر 1/16 انچن کان وڌيڪ نھ رکڻ ڏني ويندي آھي. پٿر جي سرن جي ٿولھھ ڪنھن بھ صورت ۾ ¾ انچ کان گھٽ نھ رکي ويندي آھي. انھي پٽيءَ جي نموني ۾ فرشبندي ڪرڻ واسطي ڪو بھ سنگمرمر جو ٽڪر 18 انچن کان گھٽ ڊگھو نھ رکڻ ڏنو ويندو آھي. انھيءَ کان سواءِ ھيٺ ڄاڻايل ھدايتن جو پڻ خاص خيال رکيو ويندو آھي. (i) سنگمرمر جون سرون گھربل رنگ، قسم ۽ سائيز جون ھئڻ گھرجن. ڪن اٽليءَ جي سفيد ۽ آسماني ماربل جھڙين سرن استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ ۽ گھربل انداز جي ڊزائن ۾ نھ ھئڻ جي صورت ۾ جيڪڏھن پالش ڪرڻ کان پوءِ انھن جو رنگ ساڳيو نھ بيھي تھ انھيءَ فرشبنديءَ کي خارج ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ ھن قسم جي ماربل جي ٽڪرن جو رنگ پالش ڪرڻ بعد ئي اصلي صورت اختيار ڪندو آھي. (ii) ھي سنگمرمر جا ٽڪرا بالڪل صحيح طرح ڪارائيءَ رستي وڍيل، سڀني پاسن کان بالڪل چؤڪور، ھڪ ئي ٿولھھ ۾ ۽ ھڪ ئي سنوت ۾ ھئڻ گھرجن ۽ ڏاڪڻ، دروازن ۽ ورانڊن کان ٻاھر نڪتل ڪنارن جي صورت ۾ ھنن جا ڪنارا بُل نوز (Bul-nose) جي صورت ۾ ھئڻ گھرجن (iii) اڀن جوڙن ۾ استعمال ٿيندڙ چوني جي پٽيءَ ۾ چوني جي مقدار جيترو کؤنر استعمال ڪرڻ گھرجي (iv) ڪم ھلڻ دوران ۽ انھن ماربل جي ٽڪرن جي لڳائڻ کان پوءِ کين 10 ڏينھن تائين پاڻيءَ سان تر رکڻ گھرجي (v)جڏھن فرش پوريءَ طرح ڄمي يعني سيٽ (Set) ٿي وڃي تھ انھيءَ کي ڪاربورئنڊم پٿر (Carborandum Stone)، يا ڪنھن ٻئي سخت پٿر ۽ کھريءَ ريتيءَ ذريعي تمام گھڻو پاڻي جالاري گٺو وڃي ۽ انھيءَ لاءِ جيڪڏھن مشين استعمال ڪجي تھ نھايت ئي بھتر آھي. جوڙن جي پالش لاءِ نھايت ئي نرم (Soft) پٿر استعمال ڪجي. جڏھن کھرائپ ختم ٿي وڃي تھ واري ڌوئي مٿاڇري کي تمام سنھي ڪاربورئنڊم جي پٿر، سر يا ايمري پائوڊر سان گسائي لسو ڪيو وڃي (vi) لسي ڪرڻ کان پوءِ فرش تي پٽي پائوڊر ھاري انھيءَ کي اوني ڪپڙي جي گدين (Felt pads) يا ناريل جي ڇلڪن جي کوپن رستي گھي، تمام جھجھي پاڻي سان پالش ڪيو وڃي ۽ جاءِ جي ڪم ھلڻ دوران ھن فرش کي داغن ۽ ٻئي نقصان کان بچائي رکڻ گھرجي. [1]

سڪل سرن جي فرشبندي سنواريو

(Dry Brick Pavi)

ھن قسم جي فرشبندي ۾ پھرئين درجي جون ۽ ڪوشش ڪري ھر عليحدھ ۽ لڳاتار ٽڪري ۾ ھڪ جھڙي رنگ جون سرون استعمال ڪيون وينديون آھن. زمين جي مٿاڇري کي چڱيءَ طرح پاڻي ھاري ڌمڪ يا نھرو ڪندڙ مشين (Compactors) ذريعي وھاري نھرو ڪيو ويندو آھي ۽ انھيدءَ کي صحيح طرح سان گھربل سلاميءَ ۽ ڪئمبر (Camber) ۾ رکيو ويندو آھي. انھيءَ جي مٿان اڌ انچ ٿلھو مٽيءَ جي گاري جو ليپو ڏيئي يا چئن انچن جو ڪاري واريءَ (River or pit sand) جو تھھ ڏيئي انھيءَ مٿان گھربل نموني ۾ سڪل سرون ڄمائي انھن جي فرشبندي ڪئي ويندي آھي. . ھن فرشبندي ۾ ڪوشش ڪري بالڪل باريڪ جوڙ رکيا وڃن ۽ ڪو بھ جوڙ ¼ انچ کان وڌيڪ ويڪرو نھ ھئڻ گھرجي. ڇاڪاڻ تھ سرن کي ھڪ ٻئي سان جوڙڻ لاءِ ڪنھن بھ قسم جو مسالو استعمال نٿو ڪيو وڃي بلڪ انھن کي ھڪ ٻئي سان جوڙڻ لاءِ ڪنھن بھ قسم جو مسالو استعمال نٿو ڪيو وڃي بلڪ انھن کي ھڪ ٻئي سان زور سان جڪڙي قابو رکيو وڃي ٿو. فرشبندي ختم ڪرڻ کان پوءِ انھيءَ مٿان ڪاري واري ھاري جوڙن کي انھيءَ واريءَ سان ڀريو ويندو آھي ۽ فرش مٿان بچيل فالتو واريءَ کي ٻھاري صاف ڪيو ويندو آھي، ھن قسم جي فرش ۾ سرن کي اڀي صورت ۾ رکيو ويندو آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن قسم جو فرش سڌين سرن جي فرشن کان مضبوط ٿيندو آھي. ڪن خاص حالتن ۾ سيمينٽ ۽ جابلو ريتيءَ جو تمام پٽڙو گارو ھاري سرن جي جوڙن کي صرف مٿان جوڙڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي اھو گارو سرن جي جي درزن ۾ مٿئين حصي منجھان داخل ٿيندو آھي. ھن قسم جي فرشبندي گودامن، رستن، اڱڻن، رستن ۽ چبوترن لاءِ ڪئي ويندي آھي.[1]

ڪاٺ جا فرش سنواريو

(Wooden Floors)

ھن فرش تمام گھڻا مھانگا ھوندا آھن، ڇاڪاڻ تھ اھي تمام عمدي ڪاٺ جا ٺاھڻا ھوندا آھن. انھيءَ ڪري ھنن جو استعمال گھڻو ڪري جابلو علائقن (Hilly areas) جھڙوڪ مري وغيره جي اھڙن ھنڌن تي ڪيو ويندو آھي، جتي ڪاٺ تمام گھڻو ۽ سستو پوي ٿو. انھيءَ کان سواءِ ڪن خاص حالتن (جتي سانت جي ضرورت ھوندي آھي) ۾ ھنن فرشن جي ضرورت پوندي آھي، جھڙوڪ ناچ خانھ (Dancing Halls) ۽ سماعت خانھ (Auditoriums) وغيره. ھن قسم جا فرش بالڪل پختا ۽ سخت ھئڻ گھرجن جيئن اھي وڌيڪ کان وڌيڪ بار کڻي سگھن. انھيءَ کان سواءِ ھن قسم جي فرشن کي خوبصورتيءَ جي لحاظ کان نھايت ئي لسو ھئڻ گھرجي. جيئن تھ ڪاٺ ۾ مڙڻ جي نمايان خاصيت ٿيندي آھي، انھيءَ ڪري اھڙن فرشن ۾ ھر ھڪ فوٽ جي فاصلي (Span) تي 1/40 کان 1/30 انچن جي حساب سان اوچائي (Camber) ڏيڻ گھرجن.[1]

مفرد يا ھيڪوٽا فرش سنواريو

(Single Floors)

ھن قسم جي حالت ۾ ھڪ ئي طريقي سان ڪامون يا شھتير (Bridging joists) کوڙي انھيءَ مٿان ڪاٺ جا تختا لڳايا ويندا آھن. اھي ڪامون ھر پاسي کان ديوار جي ڪڙين (Wall plates) مٿان رکيون وينديون آھن. اھي ڪامون اھڙيون تھ سخت ھئڻ گھرجن جو انھن مٿان ڪاٺ جي تختن کي ڪوڪن رستي ٺوڪڻ ۾ ڪا بھ تڪليف محسوس نھ ٿئي. انھن ڪامن جي اصلي ۽ بنيادي گھرج اھا آھي تھ اھي بالڪل سخت ۽ مضبوط ھئڻ گھرجن تھ جيئن اھي گھڻي کان گھڻو بار جھلي سگھن. انھيءَ مقصد واسطي اھي حساب ڪيل قوت کان وڌيڪ سخت قوت واري ڪاٺ مان ٺاھيون وينديون آھن. انھن شھتيرن جي ويڪر گھڻو ڪري 2 انچن کان گھٽ نھ رکي ويندي آھي ۽ اھي ھڪ شھتير جي مرڪز کان ٻئي شھتير جي مرڪز تائين ھڪ فوٽ جي مفاصلي جي حساب سان رکيا ويندا آھن. وڌيڪ مفاصلي رکڻ سان انھن جي مڙڻ جو انديشو رھندو آھي ۽ اھو مڙڻ (Deflection) ھر ٻن شھتيرن جي مرڪزي مفاصلي جي 1/333 حصي کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي. ھنن ڪامن کي تازي گاري (Green mortar) يا اوساريءَ سان لڳڻ نھ ڏنو وڃي، نھ تھ انھن جو ڪاٺ ڳرڻ لڳندو، جيئن تھ ھن قسم جي فرشن کي ھر حالت ۾ سڪل رکڻو آھي انھيءَ ڪري شھتيرن ۽ ڀتين جي ڇيڙن جي وچ ۾ ھوا جي پوري گذر واسطي وٿي ڇڏي ويندي آھي.ڊزائن ڪرڻ بعد شھتيرن کي صحيح ماپ ۽ جاءِ تي کوڙي، انھيءَ مٿان 1 انچ کان 1 ½ انچ ٿلھا ڪاٺ جا تختا لڳائي ڪاٺ جا فرش تيار ڪيا ويندا آھن.[1]


ٻٽا فرش سنواريو

(Double Floors)

ھن قسم جي فرشن ۾ سڄي ڪمري جي فاصلي مطابق شھتير (Bridging joists) نھ کوڙيا ويندا اھن ۽ انھيءَ جي برعڪس اھي ٻين شھتيرن جن کي ٻڌندڙ شھتير يا صرف ٻڌندڙ (Binding joists or Binders) ۽ ٽيڪنيڪي ٻوليءَ ۾ ”بائينڊرس“ سڏيو ويندو آھي، انھن مٿان رکيا ويندا آھن. ھي بائينڊرس، مٿان رکيل شھتيرن ھيٺان 90 ڊگريءَ جي سڌي ڪنڊ تي کوڙيا ويندا آھن ۽ انھن ٻڌندڙ شھتيرن کي ديوارن مٿان 6 کان 8 فوٽن جي فاصلي تي رکيو ويندو آھي. ڪوشش ڪري ھي فرش درن کان ڪجھھ ھٽائي رکيا ويندا آھن. ھن قسم جا فرش ھڪ تھھ وارن فرشن کان وڌيڪ مضبوط ٿيندا آھن ۽ اھي آواز کي ٻاھر وڃڻ کان بھتر نموني ۾ روڪي سگھندا آھن. ليڪن ھيٺ وارين ديوارن تي ڪن نڪتن وٽ ھنن جو بار اچي ڪٺو ٿيندو آھي. ھنن فرشن جي عمق، اوچائي وڌڻ سان گڏو گڏ وڌي ٿي، انھيءَ سبب جاءِ جي اوچائي پڻ وڌائڻي پوي ٿي ۽ نتيجي ۾ ھي فرش نھايت ئي مھانگا پون ٿا. انھيءَ ڪري ھي فرش گھڻو ڪري ڇتين ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا ھن قسم جا فرش 12 فوٽن کان مٿي واري مفاصلي لاءِ ٺاھيا وڃن ٿا ۽ انھن ۾ ”بائينڊرس“ جا ڇيڙا ڀتين ۾ نھ کوڙيا ويندا آھن پر اھي کليل ڇڏيا ويندا آھن تھ جيئن انھن کي ھوا لڳي سگھي.[1].

ڪاٺ جي پڃري يا ٽِيڻن شھتِيرن وارا فرش سنواريو

(Triple joist or framed wooden floors)

جيڪڏھن ڪنھن ڪمري يا وڏي ھال جو ننڍي ۾ ننڍو فاصلو (Short span) اٽڪل 25 فوٽ يا انھيءَ کان وڌي وڃي تھ ھن طريقي جا ڪاٺ جا فرش ٺاھيا وڃن. ھر فرش گرڊرن، بائينڊرس، شھتيرن (Bridging joists) ۽ ڪاٺ جي تختن رستي ٺاھيا وڃن ٿا. ھن قسم جي فرشن ۾ سڀ کان پھرين، ڪمري جي ننڍي فاصلي جي رخ ۾ 13 کان 20 فوٽن جي وٿيءَ تي گرڊر رکيا ويندا آھن. اھي وٿيون بائينڊرس رستي، جيڪي گرڊرن جي گوني ڪنڊ (Right angles) جي طرف رکيون وينديون آھن، ڀريون وينديون آھن. فرش جي گھٽ ۾ گھٽ ٿولھھ رکڻ لاءِ بائينڊرس کي گرڊرن اندر ٽسڪ ۽ ٽينن جوائنٽس (Tusk and Tennon joints) رستي قابو ڪيو ويندو آھي. گرڊرن جي ڇيڙن ۽ ديوارن جي وچ ۾ ھوا جي گذر واسطي وٿي ڇڏي ويندي آھي جيئن ڪاٺ ڳرڻ کان محفوظ رھي. جيئن تھ ھن قسم جي فرشن ۾ ھڪ وڌيڪ ڪاٺ جي گرڊر جو اضافو ڪجي ٿو ۽ ٻڌندڙ شھتيرن (Binding joists) کي انھيءَ سان جوڙي ڪاٺ جو پڃرو ٺاھيو وڃي ٿو، انھيءَ سبب ڪري گرڊرن جي ڪمزور ٿيڻ جو انديشو رھي ٿو. انھيءَ انديشي کي روڪڻ لاءِ ٻڌندر شھتيرن جي ڇيڙن کي لوھھ جي پٽين (Iron Stirrups) ذريعي عليحدھ رکيو وڃي ٿو. مکيھ گرڊرن ۽ ٻڌندر شھتيرن کي ايتري حد تائين اونھو رکيو ويندو آھي جيتري ۾ ڇت ۾ ڏار پوڻ نھ ڏنا وڃن. شھتير (Bridging joists) ٻڌندڙ شھتيرن کان ترڇا (Across) رکيا ويندا آھن ۽ انھن کي يا تھ ٻڌندڙ شھتيرن جي مٿان رکيو ويندو آھي يا تھ انھن کي مضبوطيءَ سان جڪڙي فريم ٺاھيو ويندو آھي. شھتيرن جي ھڪ وچ کان ٻئي وچ تائين 1 فوٽ کان 1 ½ فوٽ تائين مفاصلو ڇڏيو ويندو آھي ۽ آخر ۾ ڪاٺ جي تختن کي انھن مٿان رکي فرش ٺاھيو ويندو آھي. بائينڊرس کي گرڊرن سان اھڙي نموني ۾ جڪڙيو ويندو آھي جيئن انھن جو مٿاڇرو ڪاٺ جي گرڊرن جي مٿاڇري کان بالڪل ٿورڙو رھي. ليڪن، شھتير (Bridging joists) بائينڊرس مٿان ائين رکيا ويندا آھن، جيئن انھن جو مٿاڇرو گرڊرن جي مٿاڇري کان بالڪل ٿورڙو مٿي بيھي. انھيءَ طريقي سان ھن قسم جي فرشن جي ٿولھ گھٽائي سگھجي ٿي[1].

زميني يا ھيٺيان فرش سنواريو

(Ground Floors

ھنن فرشن کي پڻ ڪاٺ جي ڳرڻ جي انديشي واسطي پوسل کان روڪڻ لاءِ خاص اپاءُ ورتا ويندا آھن، انھيءَ ڪري ھنن جي ھيٺا سيمينٽ جا ٻھ تھھ ڏنا ويندا آھن. عام طرح سان ھيٺيون تھھ گھٽ ملاوث جھڙوڪ 1:6:12 جي تناسب واري گاري سان ۽ مٿيون تھھ 1:2:4 جي تناسب واري گاري سان ڏنو ويندو آھي. ھر ھڪ تھھ جي ٿولھھ سراسري طور 3 انچ رکي ويندي آھي ۽ انھيءَ طرح سان پوري تھھ جي مجموعي ٿولھھ 6 انچ رکي ويندي آھي. فني (ٽيڪنيڪي) لحاظ کان انھيءَ کي ”سائيٽ“ يا ”اوور سائيٽ“ (Site or Oversite) سڏيو ويندو آھي. انھيءَ تھھ جي مٿان 6 فوٽ ۽ 5 انچ جي ھر ھڪ مرڪزي مفاصلي کان ٻئي مرڪزي مفاصلي جي حساب سان 4 انچ ٿلھيون ڪاٺ جي تختن (Sleepers) يا پٿر جي بلاڪن يا پڪسري اوساريءَ رستي ننڍيون ديوارون ٺاھي، جن کي (Dwarf walls) چئبو آھي، انھن مٿان ڪاٺ جون وال پليٽون (Walls plates) لڳايون وينديون آھن. اھي ديوارون ڪمرن جي ٻنھي طرفن يعني ويڪر ۽ ڊيگھھ جي رخ ۾ ۽ ھڪ جھڙي انداز جي وڇوٽيءَ تي ٺاھيون وينديون آھن. شھتير جن کي (Bridging joists) سڏيو وڃي ٿو ۽ عام طرح سان 4 انچ x 44 انچ جي سائيز جا ٿين ٿا، انھن کي پليٽن جي مٿان چاڙھي ڪلن ڪوڪن ۽ پيچن وارن اسڪرن ذريعي قابو ڪيو وڃي ٿو. آخر ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ انچ ۽ وڌ ۾ وڌ ڏيڍ انچ ٿولھھ وارا ڪاٺ جا تختا شھتيرن مٿان جوڙي ھن قسم جا فرش ٺاھيا ڃن ٿا ڪاٺ جي تختن ھيٺان کليل حصي مان ھوا جي بالڪل پوري گذر واسطي ھيٺ ڏنل ديوارن ۾ ٽنگ ڇڏيا ويندا آھن ۽ انھيءَ کان سواءِ چوڪيءَ جي ليول (Plinth level) ھيٺان پڻ سوراخن وارن بلاڪن جون ديوارون ٺاھيون وينديون آھن. وال پليٽن لڳائڻ کان اڳ ۾ ھيٺ وارين ننڍين ديوارن ۽ پاسي وارين ڀِتين مٿان 1 ½ انچ ٿلھو پوسل روڪڻ وارو سيمينٽ ڪانڪريٽ جو تھھ (D.P.C) چاڙھيو ويندو آھي. ھن قسم جي فرشن ۾ عام طرح سان، شھتيرن ۽ تختن لاءِ ديال جو ڪاٺ استعمال ڪيو ويندو آھي. تمام اھم عمارتن لاءِ ڪنھن خاص سبب لاءِ ساڳ جو ڪاٺ (Teak wood) پڻ استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ ڪڏھن وري ساڳ جي ڪاٺ جا تختا ۽ ديال جي ڪاٺ جا شھتير استعمال ڪيا ويندا آھن. ڪن حالتن ۾ شيشم جي صحيح تيار ٿيل ڪاٺ جا تختا پڻ لڳايا ويندا آھن[1]

رٻڙ جا فرش سنواريو

(Rubber Flooring)

ھن قسمن جي فرشبنديءَ واسطي گندڪ ملايل رٻڙ جا مرڪب، جيڪي رٻڙ ۾ اھڙي طريقي سان ملائي ٺاھيا ويندا آھن تھ جيئن انھيءَ جي مضبوطي ۽ لچڪ وڌي وڃي، سي استعمال ڪيا ويندا آھن. انھن جي شڪل بالڪل سڌي ۽ پلين چادر جھڙي، يا چادرن ۾ خانا ٺاھي پلين يا چٽسالي ڪيل چؤنڪن جي نموني ۾، ۽ يا تھ عليحده عليحده چؤنڪن جي صورت ۾ ٿيندي آھي. اھي فرش سيمينٽ ڪانڪريٽ يا اھڙي ڪنھن ٻئي ٺوس ۽ سخت بنيادي تھھ (Base) مٿان ٺاھيا ويندا آھن. فرش چاڙھڻ کان پھرين بنياد کي ھر ڪنھن قسم جي دز (Dust) ۽ ٻين اھڙين شين جھڙوڪ پوسل، چڪنائيءَ وغيرھ کان پاڪ ۽ صاف ڪيو ويندو آھي. انھيءَ کان سواءِ بنيادي تھھ ۾ جيڪي بھ ھيٺاھيون ۽ مٿاھيون ھونديون آھن، انھن کي بالڪل چڱيءَ طرح سان صحيح ڪري ليول ڪيو ويندو آھي. استعمال ٿيندڙ رٻڙ 1/8 انچن کان ½ انچن جي معيادي ٿولھھ جو ٿيندو آھي ۽ ھميشھ گندڪ (Suphur)، ٽمڻ ۽ کھراڻ کان پاڪ قسم جو رٻڙ استعمال ڪيو ويندو آھي. انھيءَ کان سواءِ انھيءَ ڳالھھ جو چڱيءَ طرح خيال ڪيو ويندو آھي تھ انھيءَ جو مٿاڇرو لسو ھجي ۽ پاڻيءَ ۽ ڪنھن سٺي معيار واري صابڻ يا ڪنھن اھڙيءَ ٻيءَ شيءِ سان ڌوئڻ يا پالش ڪرڻ سان انھيءَ جي رنگ تي ڪو اثر نھ پوي. رٻڙ چاڙھڻ لاءِ انھيءَ جي ھيٺئين پاسي کي کھرو ڪيو ويندو آھي ۽ ھڪ ئي وقت 25 مربع فوٽن کان وڌيڪ ايراضيءَ تي نھ چاڙھبو آھي. رٻڙ چاڙھڻ کان پھرين بنيادي فرس مٿان ڪنھن سٺي چنبڙائيندڙ (Adhesive) مرڪب جو ھڪ جھڙو تھھ چاڙھي انھيءَ کي ڏھن کان پندرنھن منٽن تائين کليل ڇڏي ڏبو آھي تھ جيئن انھيءَ کي ھوا لڳي. بعد ۾ انھيءَ مٿان گھربل قسم ۽ ڊزائن جي رٻڙ جو پوش چاڙھي انھيءَ مٿان سھڻي نموني زور ڏيئي چنبڙايو ويندو آھي تھ جيئن فرش جي بنيادي تھھ ۽ رٻڙ جي چادر جي وچ ۾ ھوا نھ رھي ۽ رٻڙ فرش سان بالڪل چڱيءَ طرح ۽ سڌائيءَ ۾ چنبڙي. انھيءَ لاءِ عام طرح سان ننڍو لوھ جو رولر استعمال ڪيو ويندو آھي. انھيءَ کان پوءِ رٻڙ جي فرش کي گھٽ ۾ گھٽ ٽن ڏينھن تائين آزاد ڇڏيو ويندو آھي ۽ انھيءَ کي ڪنھن سٺي صابڻ سان ڌوئي استعمال ڪيو ويندو آھي. ھن قسم جا فرش اھم جاين، آفيسن، اسپتالن، سينيمائن ۽ ھوٽلن وغيره ۾ استعمال ڪيا ويندا آھن. معياري تعليمي درسگاھن ۽ آڊيٽوريم اندر پڻ ھن قسم جا فرش پسند ڪيا ويندا آھن، ڇاڪاڻ تھ ھنن مٿان ھلن سان آواز نٿو ٿئي ۽ سانت رھي ٿي.[1]

لينوليم جا فرش سنواريو

(Linoleum Floors)

ھنن فرشن کي پڻ رٻڙ جي فرشن وانگر سيمينٽ ڪانڪريٽ يا ڪاٺ وغيره جي بنياد مٿان لينوليم جو پلاسٽڪ جھڙو پوش چاڙھي ٺاھيو ويندو آھي. ڪيميا جي خيال کان لينوليم السيءَ جي تيل (Linseed oil)، ڪارڪ جي دز، ڪاٺ جي ٻوري ۽ رنگ وغيره جو مرڪب آھي، جنھن کي ڪنھن مناسب تھھ جھڙوڪ ڪنوس (Convas) مٿان پٿاري فرش جو پوش ٺاھيو ويندو آھي. اھو پوش خوشنما نمونن ۾ ٺاھي، بنيادي فرش مٿان چاڙھي، ھن قسم جا دلڪش فرش ٺاھيا ويندا آھن. لينوليم جا رٻڙ جي فرش وانگر الڳ الڳ چؤنڪ پڻ ٺاھيا ويندا آھن، انھن کي لينوليم جا چؤنڪا سڏيو ويندو آھي. ھي فرش رٻڙ جي فرشن جي ڀيٽ ۾ سستا ٿيندا آھن ۽ انھن کي وقفي وقفي سان وارنش ۽ ميڻ (Wax) لڳائڻ سان ھن قسم جي فرشن جي سنڀال ڪري انھن کي پائيدار بڻائي سگھبو آھي. لينوليم عام طرح سان رولن وانگر ويڙھيل ٿانن جي صورت ۾ ملندي آھي، جنھن کي ڪنھن مناسب ڳنڍيندڙ مرڪب (Adhesive) رستي چنبڙايو ويندو آھي. انھيءَ بعد انھيءَ تھھ مٿان وارنش لڳائي، کين چمڪايو ويندو آھي. موٽر ڪارن، لارين، جھازن ۽ ريل گاڏين وغيره جا فرش، پڻ لينوليم سان ٺاھيا ويندا آھن ۽ ھن قسم جا فرش رھائشي گھرن، اسپتالن، آفيسن ۽ ريسٽورانن لاءِ بھ نھايت موزون رھن ٿا. [1]

ڪارڪ جا فرش سنواريو

(Cork Floors)

ھن قسم جا فرش اھڙين جاين يا جاين جي انھن حصن لاءِ ڪارآمد آھن، جن کي سانت وارو يعني بنا گوڙ وارو (Noiseless) ٺاھڻو ھوندو آھي، جھڙوڪ آڊيٽوريم، پبلڪ لئبرريون، ٿئيٽر ۽ چرچون (گرجائون) وغيره.ھي فرش ڪارڪن جي چادرن يا ڪارڪ جي ٽائيلن جي صورت ۾ دستياب ھوندا آھن. ڪارڪ جي شيٽن يعني چادرن جي تياري ڪارڪ جي ٽائيلن کان مختلف نموني جي ٿيندي آھي، ڇاڪاڻ تھ ٽائيلن ۾ صرف ڪارڪن استعمال ٿيندو آھي ۽ چادرن ۾ ڪارڪ جا ڇلڪا ۽ ٻورو، السيءَ جو تيل، ڪاٺ جو ٻورو ۽ رنگ وغيره استعمال ٿيندا آھن. ٻنھي قسمن جي فرشن جو ڪجھھ بيان ھيٺ پيش ڪجي ٿو.[1]

ڪارڪ جي ٽائيلن جا فرش سنواريو

(Cork tiles Floors)

ھن قسم جي فرش ۾ ڪارڪ جا چؤنڪا استعمال ڪيا ويندا آھن ۽ اھي چؤنڪا مختلف ماپن ۾ دستياب ھوندا آھن. داونن يعني بارڊرن (Borders) لاءِ 1 کان 3 فوٽن تائين ويڪريون ۽ 6 فوٽ ڊگھيون ڪارڪ جون پٽيون پڻ ٺھنديون آھن. انھن ٽائيلن جي ٿولھھ ¼ انچن کان 5/8 انچن تائين ٿيندي آھي. اھڙين ٽائيلن جو ترو سڌو يا جھريءَ وارو ٿيندو آھي. ھي ٽائيلون سيمينٽ ڪانڪريٽ يا ڪاٺ جي ھيٺئين تھھ (Sub base) مٿان لڳايون وينديون آھن. جيڪڏھن ھيٺيون تھھ ڪاٺ جو آھي تھ انھيءَ کي نرم ھئڻ گھرجي يا تھ ٻي صورت ۾ انھيءَ مٿان پِلاءِ (Ply) لڳائي وڃي. ٽائيلن لڳائڻ کان پھرين ھيٺيون تھھ بالڪل صاف ۽ ھڪ جھڙو ھئڻ گھرجي، جنھن مٿان نرم گديءَ جو پترو تھھ چاڙھيو وڃي، جيئن ڪاٺ جي لڏڻ سان ٽائيلن جي تھھ کي ڪو نقصان نھ پھچي. انھن ٽائيلن کي خاص قسم جي ڏامر ذريعي نرم گديءَ سان چنبڙايو ويندو آھي ۽ آخري حصي يا ڪنڊن وارن چؤنڪن کي ڪوڪن ذريعي قابو ڪيو ويندو آھي. جيڪڏھن ھيٺيون تھ (Base) سيمينٽ ڪانڪريٽ جو ھوندو آھي تھ انھيءَ مٿان 1:3 جي تناسب وارو سيمينٽ ۽ گاري جو تھھ چاڙھي ۽ مٿاڇري کي بلڪل سنوت ۾ آڻي، سڪڻ ڇڏي ڏنو ويندو آھي. سڪڻ کان پوءِ انھيءَ کي تمام چڱيءَ طرح صاف ڪري انھيءَ مٿان ڏامر (Bitumen) جو ھڪ جھڙو تھھ چاڙھي، انھيءَ مٿان ٽائيلون وڇايون وينديون آھن. ڪارڪ اوڪ (Oak) يعني شاھ بلوط جي سدا بھار وڻن جي کل مان تيار ڪيو ويندو آھي. ھيءُ وڻ بحريھ روم جي قريبي ملڪن ۾ ٿيندا آھن، جنھن جي کل تمام گھڻي ٿلھي ٿيندي آھي. انھيءَ کل کي ھر اٺن يا ڏھن سالن کان پوءِ لاٿو ويندو آھي، جنھن کي اٻاري، ٿورڙو آلو ڪيو ويندو آھي ۽ پوءِ انھن کي ڇلي ۽ خوب طرح سان گسائي، گرم ويلڻن مان ايتري وقت تائين لنگھائبو رھبو آھي جيستائين انھيءَ کل مان شيري جھڙي گھاٽي شيءِ ٻاھر نڪري اچي. انھيءَ گھاٽي شيءِ نڪرڻ سان ڪارڪ جي اندر سنھا سوراخ نھ رھندا آھن ۽ اھو وڌيڪ سخت ۽ ٺوس ٿي ويندو آھي. ھيءُ شيري جھڙو مادو ڪارڪ جي ذرن کي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان چنبڙائي رکندو آھي ۽ انھيءَ کان پوءِ انھيءَ ڪارڪ کي گھربل ماپ جي چؤنڪن جي صورت ۾ ڪاٽي وٺبو آھي.[1]

ڪارڪ جي چادرن جا فرش سنواريو

(Cork Sheet Floors)

ھن قسم جي فرشن ۾ ڪارڪ جي ٽائيلن بدران ڪارڪ جون شيٽون استعمال ڪيون وينديون آھن. ھن قسم جون چادرون مختلف ماپن ۽ رنگن ۾ دستياب ھونديون آھن. ھنن چادرن کي پڻ ٽائيلن وانگر ھيٺئين سيمينٽ ڪانڪريٽ يا ڪاٺ جي سخت ۽ ٺوس تھھ مٿان چنبڙائي استعمال ڪيو ويندو آھي.[1]

پي-وي-سيءَ جا فرش سنواريو

( Polyvinyl Chloride i.e. P.V.C Floors)

ھن قسم جا فرش گھريلو جاين، ريل گاڏيءَ جي دٻن، دفترن، آڊيٽوريم جي ھالن ۽ ٿئيٽرن وغيره لاءِ موزون رھندا آھن. ھي فرش پڻ رٻڙ يا لينوليم جي فرشن وانگر ٺاھيا ويندا آھن ۽ ھن قسم جا فرش گھڻو ڪري زيبائش لاءِ ئي ٺاھيا ويندا آھن. ھنن فرشي چادرن ۽ چؤنڪن جي ٿولھھ 1/16 انچن کان ¼ انچن تائين ٿيندي آھي. ھيءُ پي-وي-سيءَ جو مرڪب جديد دور جي ايجاد آھي جيڪو ٿرموپلاسٽڪ بائينڊرس، فلرس ۽ رنگن مان ٺاھيو وڃي ٿو. ھن قسم جون چادرون 3 فوٽن، 3 ½ فوٽن ۽ 6 فوٽن جي ويڪرائيءَ ۾ ۽ چؤنڪا 1 فوٽ، 2 فوٽن ۽ 3 فوٽن جي سائيز ۾ دستياب ھوندا آھن ۽ اھي ھڪ قسم جو لچڪدار ۽ اڻ ٽمندر مٿاڇرو مھيا ڪنديون آھن.[1]

شيشي جا فرش سنواريو

(Glass Floors)

~ھن قسم جا فرش گرائونڊ فلور ۾ اھڙن حصن تي ٺاھيا ويندا آھن، جن جي ھيٺان تھھ خانا ھجن ۽ انھن تھھ خانن ۾ روشني پھچائڻ جي ضرورت ھجي. ھن قسم جا فرش مختلف نمونن ۾ ڪاٺ جا مضبوط فريم ٺاھي انھن ۾ عمارتي شيشي جون شيٽون يا چؤنڪا وجھي تيار ڪيا ويندا آھن. عمارتي شيشو عمدي قسم جو ۽ مضبوط استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ انھيءَ جي ٿولھھ ¼ انچن کان 5/8 انچن تائين ٿيندي آھي[1]

ائسفالٽ جا فرش سنواريو

(Asphalt Floors)

ھن قسم جي فرشن جا ٻھ نمونا ٿيندا آھن، ھڪ ائسفالٽ ٽائيلن جا فرش ۽ ٻيا ائسفالٽ ماسٽڪ فرش. ھنن ٻنھي نمونن جا فرش سستا، لچڪدار (Resilient)، اڻ جاذب (Non absorbent) ، پوسل روڪ (Moisture proof) ، تيزاب روڪ (Acid proof)، تيل (Oil) ۽ گريس (Greese) سان مقابلو ڪندڙ ٿيندا آھن. انھن خاصيتن سبب ائسفالٽ ٽائيلن وارا فرش سرڪاري آفيسن ۽ اسڪولن وغيره جھڙين عمارتن ۽ ائسفالٽ ماسٽڪ قسم جا فرش گودامن، ڀانڊن، ڪارخانن ۽ ٻين اھڙي نوعيت جي عمارتن ائسفالٽ جي چؤنڪن کي سخت بنياد مھيا ڪرڻ لاءِ سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرش مٿان ھڪ ٻئي سان ڳنڍي ھن قسم جو فرض ٺاھيو ويندو آھي. پر جيڪڏھن ڪاٺ جي فرش مٿان ھن قسم جو فرش ٺاھڻو ھوندو آھي تھ انھيءَ صورت ۾ سڀني ڪاٺ جي پٽين ۽ تختن کي مضبوطيءَ سان ڪوڪن وغيرھ جي رستي جڪڙيو ويندو آھي. ٽائيلن وڇائڻ کان پھرين ڪاٺ جي سطح مٿان ائسفالٽ، بٽومين يا رچيل ائسفالٽ جي اوني ڪپڙي (Asphalt saturated felt) جو اٽڪل 3/8 انچن جو ٿلھو تھھ پٿاريو ويندو آھي. اھڙيءَ طرح ائسفالٽ ماسٽڪ فرش (Asphalt mastic floor) ٺاھڻ واسطي انھيءَ کي گرم ڪري، ڪنھن ٺوٺ سطح، جھڙوڪ ڪاٺ يا سيمينٽ مٿان پٿاري ھن قسم جو فرش ٺاھيو ويندو آھي.[1]

فرشن جي سنڀال ۽ مرمت سنواريو

.(Maintenance and Repair of Floors) ھن قسم جي فرشن کي ڪوشش ڪري روزانو آلي پوچيءَ سان ڌوئڻ گھرجي. جڏھن اھو فرش تمام گھڻو گندو نظر اچي تھ انھيءَ کي نرم صابڻ ۽ پاڻيءَ سان ڏوتو وڃي. صابڻ جي تھھ کي فرش جي ڪنھن بھ ٽڪري تي بنا ڌيان جي ڇڏڻ نھ ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ تھ فرش ترڪڻو ٿي پوندو. انھيءَ کان سواءِ فرش جو اھو ٽڪرو جھڪو (Dull) ٿي پوندو. فرش جي ڌوئڻ واسطي سوڍا کار يا ٻين اھڙين تيز شين استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي مرمت ڪرڻ لاءِ جيڪڏھن فرش جو ڪو بھ حصو ٽٽي يا ڪنھن بھ نموني مرمت طلب ھجي تھ انھيءَ صورت ۾ سمورو پانيل يا خانو (Panel) ھيٺئين تھھ تائين ڪڍي، بنيادي ڪانڪريٽ کي سخت برش سان صاف ڪري، انھيءَ کي پاڻيءَ سان آلو رکي، ھڪ رات تائين ڇڏي ڏيڻ گھرجي. رات گذرڻ کان پوءِ بيٺل پاڻيءَ کي ڪڍي صاف ڪري، صاف سيمينٽ جو ھلڪو تھھ چاڙھو وڃي ۽ پوءِ انھيءَ مٿان گھربل ٿولھھ ۽ گھربل تناسب، جھڙوڪ 1:2:4 يا اھڙو ڪو ٻيو موزون تناسب واري سيمينٽ ڪانڪريٽ جو تھھ چاڙھيو وڃي. انھيءَ بعد ڪانڪريٽ کي دٻائي، پاسن واري فرش جي ٿولھھ برابر آندو وڃي، جيئن سموري فرش جي ليول ھڪ جھڙي ٿي وڃي. انھيءَ ڳالھھ جو بھ خيال ڪيو وڃي تھ جيئن پاسن وارن پانيلن جا ڇيڙا نھ ڀڄن. انھيءَ بعد نئين ٺاھيل پانيل کي ڏھن ڏينھن تائين تر رکيو وڃي.[1]


موزائيڪ يا ٽيرازو فرش سنواريو

(Mozaic or Terrazo Floors)

ھن قسم جي فرشن ۾ پڻ ڪنھن بھ حصي جي خراب ٿيڻ سان انھيءَ کي سيمينٽ ڪانڪريٽ جي فرشن وانگر پانيل جي شڪل ۾ ھيٺئين تھھ تائين ڪڍي ساڳئي رنگ ۽ داڻي جي ملاوٽ ۽ انھيءَ لڳ فرش جي ليول جي برابر رکڻ گھرجي. ھن قسم جي فرشن کي پڻ صاف پاڻيءَ ۽ پوچيءَ رستي ھر روز صاف ڪيو وڃي. پوچيءَ لاءِ پراڻا ان جا سوئيٽر پائيدار رھن ٿا ۽ انھن سان صفائي پڻ سٺي نموني ٿئي ٿي. اھڙا داغ جي پوچيءَ جي رستي صاف نھ ٿي سگھن، تھ انھن کي ھلڪي آگزئيلڪ ائسڊ (Dilute oxalic acid) رستي ميساري آلي ڪپڙي سان صاف ڪري سڪڻ ڇڏي ڏنو وڃي. صفائيءَ واسطي ڪڏھن بھ سوڍا کار يا تکي تيزاب کي استعمال نہ ڪيو وڃي. گھڻي ٽائيم گذرڻ يا ڪنھن ٻئي سبب ڪري موزائيڪ جو فرفش تمام گھڻو خراب ٿي وڃي تھ انھيءَ کي ڪنھن عمدي قسم جي پالش سان چٽو ۽ چمڪندر بڻايو وڃي. انھيءَ لاءِ سڀ کان پھرين ھلڪي آگزئيلڪ تيزاب سان فرش کي صاف ڪيو وڃي. تيزاب سان ڌوئڻ کان پوءِ انھيءَ کي آلي ڪپڙي جي پوچيءَ سان صاف ڪري پوءِ ڪنھن صاف نرم ڪپڙي سان چوھڻ رستي سڪايو وڃي. بعد ۾ عمدي قسم جي پالش کي صاف ريشمي سٽ يعني ڪاٽن ويسٽ سان فرش مٿان مھٽي انھيءَ کي چمڪايو وڃي. پالش ڪرڻ وقت فرش کي تمام گھڻو لسو ۽ سڻڀو رکڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جيئن تِرڪڻ جو امڪان نھ رھي. موزائيڪ وجھڻ وقت ضرورت کان وڌيڪ پاڻي استعمال ڪرڻ سبب سڪڻ کان پوءِ فرش اندر سنھڙا ڏار (Hair Cracks) پيدا ٿي پوندا آھن، جن جي مرمت ڏاڍي مشڪل ٿي پوندي آھي. بھرحال انھن ڏارن اندر ڪنھن بھ قسم جي دز، مٽي ۽ پاڻيءَ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ انھن کي صاف سيمينٽ جي ھلڪي ۽ عمدي ڪريم سان صاف پاڻيءَ رستي مھٽيو وڃي، جيئن انھيءَ ڪريم رستي اھي ڏار چڱيءَ طرح ڀرجي وڃن. انھيءَ بعد اٽڪل ڏھن ڏينھن تائين مرمت ڪيل حصن جي پاڻي رستي ترائي ڪئي وڃي.[1]

ڪاٺ جا فرش سنواريو

(Wooden Floors)

ھن قسم جي فرشن کي اڏوھي لڳڻ ۽ ڳرڻ کان ڪنھن سٺي اڏوھي مارڻ جي دوا ۽ موزون پالش رستي بچائي رکڻ گھرجي. خراب ٿيل يا ڳري ويل فرش جي ڪاٺ جي حصي کي ھڪدم ڪٽي ڪڍي انھيءَ جي جاءِ تي موزون ڪاٺ لڳايو وڃي ۽ انھيءَ کي رندي ذريعي ٻئي فرش جي ليول سان سڌو ڪيو وڃي، جيئن نئين ڪاٺ واري حصي ۽ پراڻي ڪاٺ واري حصي جي ليول ۾ ڪنھن بھ قسم جو فرق نھ رھي.[1]

لينوليم ۽ رٻڙ جا فرش سنواريو

(Linoleum and Rubber Floors)

ھن قسم جي فرشن جي سنڀال واسطي کين ڪنھن ھلڪي صابڻ ۽ آلي ڪپڙي سان صاف ڪبو رھجي ۽ انھن کي وقفي سان پالش ڪبو رھجي. صاف ڪرڻ واسطي گھڻي پاڻيءَ جي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جيئن اھو ھيٺئين چنبڙائيندڙ مسالي جي تھ تائين پھچي فرش کي نقصان نھ پھچائي. جڏھن ھن قسم جو فرش تمام گھڻو ميرو ٿي وڃي تھ انھيءَ کي ڪنھن عمدي صاف ڪندڙ (Cleanser) مرڪب رستي صاف ڪيو وڃي. ھن قسم جي فرش کي تيز صابن رستي زور سان ملي صاف ڪرڻ کان احتياط ڪيو وڃي. ھن فرش ۾ ھيٺا ڪاٺ جو بنياد ھئڻ جي صورت ۾ گھڻو ڪري ڏار پئجي ويندا آھن ۽ اھو ڪڏھن ڪڏھن ھيٺان اکڙجي پوندو آھي. اھڙن فرشن جي مرمت، ٿيل نقصان جي نوعيت تي مدار رکي ٿي.[1]

ائسفالٽ جا فرش سنواريو

: (Asphalt Floors)

ھن قسم جي فرشن کي صاف ۽ پائيدار رکڻ لاءِ کين گرم پاڻي ۽ ڪنھن عمدي نموني جي شيءِ (Detergent) سان ڌوئڻ گھرجي. انھيءَ بعد کين آلي ڪپڙي سان، اگھي ھر ڪنھن قسم جي سڻڀ جي داغن جھڙوڪ تيل، گريس ۽ چرٻيءَ وغيره کان پاڪ ڪيو وڃي، جيئن انھن جي چيڙھھ سان مٽي ۽ ٻيو اھڙي قسم جو گند ڪچرو ڄمي خراب ۽ گدلو نظر نھ اچي. ھن قسم جي فرشن واسطي تمام گھڻو ڌيان رکڻو پوندو آھي، ڇاڪاڻ تھ اڪثر ڪري ھيٺئين فرش جي خراب ھئڻ جي صورت ۾ ائسفالٽ ڦنڊي پوندو آھي. انھيءَ صورت ۾ خراب حصي کي تمام گھڻي خيال سان ڪڍي انھيءَ جي جاءِ تي نئون ائسفالٽ وڇائي انھيءَ کي ٻئي پراڻي لڳل ڀر واري فرش جي سنوت ۾ آندو ويندو آھي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 1.18 1.19 1.20 1.21 1.22 1.23 1.24 1.25 1.26 1.27 1.28 1.29 1.30 1.31 1.32 1.33 1.34 1.35 ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو