فرا صوبو

افغانستان ۾ صوبو

فرا صوبو يا فرہ صوبو : (انگريزي: Farah Province ) افغانستان جي 34 صوبن مان ھڪ صوبي جو نالو جيڪو ملڪ جي اولھ واري پاسي ايران سان لڳولڳ واقع آهي. ھي صوبو 11 ضلعن م ورھايل آھي. صوبي جي آبادي 925,016 آهي جنھن ۾ 80% پشتو ڳالهائيندڙ ۽ ٻيا جن ۾ تاجڪ ۽ بلوچ شامل آهن. صوبي جو گادي جو هنڌ فرا شھر آھي جيڪو روڊ رستي ايراني شھر ماھي رود سان ڳنڍيل آهي. ھن صوبي جي پکيڙ 48٬000 ڪلوميٽرزچورس (19٬000 sq mi) آھي جيڪا ڏکڻ ڪوريا ملڪ جي اڌ جي برابر آهي. ھن صوبي جون سرحدون اتر ۾ ھرات صوبو، اتر-اوڀر ۾ غور صوبو، ڏکڻ-اوڀر ۾ ھيلمند صوبو، ڏکڻ ۾ نمروز صوبو ۽ اولھ ۾ ايران سان ملن ٿيون. ھي افغانستان جو پکيڙ ۾ چوٿون وڏو صوبو آهي. ھن صوبي ۾ کوڙ ڦٽل قلعا واقع آھن.

فرا
Farah
فرہ
افغانستان جو صوبو
اساف جا پائليٽ ۽ ٽيم 2009 ۾ گلستان ضلعي مان روانا ٿيندي
اساف جا پائليٽ ۽ ٽيم 2009 ۾ گلستان ضلعي مان روانا ٿيندي
افغانستان جي نقشي ۾ فرا نمايان ڏيکاريل
افغانستان جي نقشي ۾ فرا نمايان ڏيکاريل
فرا is located in Afghanistan
فرا
فرا
افغانستان جي نقشي ۾ فرا نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ (گاديءَ جو هنڌ): 32°30′N 63°30′E / 32.5°N 63.5°E / 32.5; 63.5مڪانيت: 32°30′N 63°30′E / 32.5°N 63.5°E / 32.5; 63.5
ملڪ  افغانستان
گاديءَ جو هنڌ فرا شھر
حڪومت
 • گورنر محمد آصف شاھجھان
پکيڙ
 • ڪل 48,470.9 ڪ.م2 (18,714.7 ميل2)
آبادي (2015)[1]
 • ڪل 925,016


انتظامي ورھاست سنواريو

 
فرا صوبي جا ضلعا
فرا صوبي جا ضلعا
ضلعو صدر مقام آبادي [2] پکيڙ ڳوٺ ۽ نسلي گروھ
اڻار درہ ضلعو 65,573 5,000 km2 50 ڳوٺ 70% پشتون ۽ 30% تاجڪ.[3]
بڪواہ ضلعو 39,871 2,424 km2 80 ڳوٺ. 100% پشتون.[4]
بالا بلوڪ ضلعو 72,465 km2 100% پختون
فرا ضلعو فرا 104,300 3,500 km2 115 ڳوٺ. 80% پختون ۽ 20% تاجڪ.[5]
گلستان ضلعو 49,774 7,102 km2 109 ڳوٺ. 90% پختون, 10
تاجڪ [6]
خاڪي سفيد ضلعو 37,000 1,200 km2 60 villages. 100% پختون [7]
لاش و جوين ضلعو 20,499 5,491 km2 63 ڳوٺ. 50% پختون, 50% تاجڪ.[8]
پر چمن ضلعو 51,626 6,694 km2 294 ڳوٺ. 70% تاجڪ, 30% پختون [9]
پشت رود ضلعو 37,000 1,200 km2 60 ڳوٺ. 100% پختون [10]
قلعه ڪاھ ضلعو 30,653 3,598 km2 56 ڳوٺ. 50% پختون, 50% تاجڪ.[11]
شيب ڪوھ ضلعو 23,013 2,738 km2 56 ڳوٺ. 70% پختون, 30% تاجڪ[12]

حوالا سنواريو

وڌيڪ ڏسو سنواريو

افغانستان جي 34 صوبن يا ولايتن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

 
افغانستان جا 34 صوبا جيڪي وري 400 ضلعن
افغانستان جا صوبا يا ولايتون نقشي ۾ ڏنل نمبر مطابق ڏسو
صوبو/ولايت صوبو/ولايت صوبو/ولايت صوبو/ولايت
1. بدخشان صوبو 2. بادغيس صوبو 3. بغلان صوبو 4. بلخ صوبو
5. باميان صوبو 6.دايڪندي صوبو 7. فرا صوبو 8. فارياب صوبو
9. غزني صوبو 10. غور صوبو 11. ھيلمند صوبو 12. ھرات صوبو
13. جوزجان صوبو 14. ڪابل صوبو 15. قنڌار صوبو 16. ڪاپيسا صوبو
17. خوست صوبو 18. ڪونر صوبو 19. قندوز صوبو 20. لغمان صوبو
21. لوگر صوبو 22. ننگرھار صوبو 23. نيمروز صوبو 24نورستان صوبو
25.اروزگان صوبو 26. پڪتيا صوبو 27.پڪتيڪا صوبو 28.پنجشير صوبو
29. پروان صوبو 30.سمنگان صوبو 31. سرپل صوبو 32. تخار صوبو
33. ميدان وردڪ صوبو 34. زابل صوبو

حوالا سنواريو