فائر ٽيم فوجي دستي جو سڀ کان ذيلي دستو هوندو آهي. هن دستي جو ڪم نگهداشت، چوڪسي يا دشمن مٿان مختلف هنڌن تان فائر ڪرڻ هوندو آهي. فائر ٽيم ۾ ڪنهن هدف جي مطابق سپاهين جو تعداد گھٽ وڌ هوندو آهي، پر عام طور 4 يا ان کان گھٽ سپاهي هڪ فائر ٽيم ۾ شامل هوندا آهن. جنهن مان هڪ فوجي ٽيم جي سربراهي پڻ ڪندو آهي.ٻه يا ٽي فائر ٽيم گڏائي هڪ دستو جوڙيو وندو آهي، جنهن جي سربراهي اسڪواڊ ليڊر ڪندو آهي.[1][2][3][4][5][6]

فوجي تنظيم / نظم و ضبط
جٿا تعداد (لڳ ڀڳ) سپهه سالار
فائر ٽيم 2–4 لانس نائيڪ يا
نائيڪ
دستو 8–14 نائيڪ يا
سارجنٽ يا
اسٽاف سارجنٽ
پلٽڻ 15–45 ليفٽيننٽ
ڪمپني 80–150 ڪيپٽن يا ميجر
بٽالين 300–800 ليفٽيننٽ ڪرنل
ريجمنٽ يا
برگيڊ
1,000–5,500 ڪرنل يا
برگيڊيئر جنرل
ڊويزن 10,000–25,000 ميجر جنرل
ڪور 30,000–50,000 ليفٽيننٽ جنرل
فيلڊ آرمي 100,000–300,000 جنرل
فوجي گروپ 2 کان وڌيل فيلڊ آرمي فيلڊ مارشل يا
پنج تارن وارو فوجي آفيسر
فوجي ضلعو 4 کان وڌيڪ فوجي گروپ ڇهه تارن وارو فوجي آفيسر يا
فوج جو سپه سالار

فائر ٽيم کي جديد دور جي  فوج لاءِ اهم ذيلي دستو تصور ڪيو وڃي ٿو ڇو ته هي اول فوجي دستو هوندو آهي. تاريخ ۾ انهي فوج کي وڌيڪ ڪاميابيون مليون جن جي فائر ٽيم وڌيڪ منظم هيون. 

افغانستان ۾ آمريڪي فوجي چونڪي ڏيئي رهيا آهن.

حوالا سنواريو

  1. "Archived copy" (PDF). وقت 2014-11-20 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2015-01-12. 
  2. "MOS 11B - Infantryman Duty Descriptions". www.armywriter.com. حاصل ڪيل 14 August 2017. 
  3. "Job Description of a United States Army Infantry Team Leader". حاصل ڪيل 14 August 2017. 
  4. "What Are the Duties of Infantry Team Leaders?". حاصل ڪيل 14 August 2017. 
  5. آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2020-01-22 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-05-30 
  6. "Sample Army Team Leader Duties, Responsibilities and Job Description - Citizen Soldier Resource Center". حاصل ڪيل 14 August 2017.