غير محفوظ جنس(انگريزي: vulnerable)ھڪ ڪيٽيگري يا درجي جو نالو آهي جيڪو انٽرنيشنل يونين فار ڪنزروييشن آف نيچر (ICUN) طرفان جاندارن جي جنسن جي ماحولياتي تحفظ متعلق ڪيل درجابندي ۾ شامل آھي. ھن درجي ۾ آيل جنسن جي افزائش ۽ بقا لاء خطرو بڻيل حالات جيڪڏهن ختم نہ ٿا ڪيا وڃن ته آھي جنسون خطري ۾ اچي سگھن ٿيون، تنھن ڪري انھن کي غير محفوظ جنسون چيو ويندو آهي. عدم تحفظ جي شروعات سڀ کان اول انھن جي رھڻ واري جاء جي تباهي يا خاتمي کي چئبو آهي. انھن ۾ ڪي اھڙا جاندار بہ اچي وڃن ٿا جيڪي جانورن جي باغن ۾ قيد آھن انھن۾ فوجي طوطو (military macaw) پڻ شامل آهي.ھن درجي وارين جنسن کي انگريزي ۾ ولنرابل اسپيشيز ( vulnerable species) يا (VU) سنڌي ۾ غير محفوظ يا (غ.م) چئجي ٿو. ھن وقت غير محفوظ جنسن جو تعداد 5196 جاندار ۽ 6789 ٻوٽا غير محفوظ جنسن جي فھرست ۾ شامل ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن 1998 سان ڀيٽ ڪجي ته ان سال جاندارن جون غير محفوظ جنسون 2815 ۽ ٻوٽن جون ترتيبوار 3222 ھيون.[1] ھن درجي جي جنسن خاص طور تي چوپائي مال کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ انھن جا جينياتي مادا ڪڍي محفوظ ڪرڻ جو عمل پڻ شامل آهن.

حفاظتي درجو
سونھري ڏيڏر جنھن کي آخري دفعو 15 مئي 1989 ۾ ڏٺو ويو
نابود ٿي ويل جنسون
نابودي جي خطري واريون جنسون
معمولي خطري ۾

ٻيا قسم

لاڳاپيل موضوع

IUCN Red List category abbreviations (version 3.1, 2001)
NatureServe category abbreviations

ھن درجي جي چونڊ جا معيار سنواريو

انٽرنيشنل يونين فار ڪنزروييشن آف نيچر ھن درجي ۾ جنسون داخل ڪرڻ جا کوڙ معيار مقرر ڪيا آھن. جنسي گروپ(taxon) غير محفوظ ٿيڻ جو مطلب اھو ناھي تہ اھي صفا خطري ۾ اچي ويون ھجن پر جيڪڏهن ھيٺ ڏنل پنج معيارن مطابق جيڪڏهن انھن جي نابود ٿي وڃڻ جو خدشو موجود ھجي تہ سمجھيو ويندو تہ اھي جنسي گروپ غير محفوظ آھن:

(1) آبادي ۾ لاٿ سنواريو

جيڪڏهن ان جنس جي مشاھداتي، ڪٿيل، دليلن سان حاصل ڪيل يا اندازي مطابق آبادي جو تعداد ڏھن سالن ۾ يا ٽن پيڙھين ۾، پوء ٻنھي عرصن مان جيڪو بہ ڊگھو ھجي، اڌ کان گھٽجي وڃي ان شرط سان تہ آبادي جي لاٿ جو سبب سمجھ ۾ ايندڙ ۽ ختم ٿي سگھندڙ ھجي تہ اھا جنس غير محفوظ سمجھي ويندي [2] ھن معيار جي آزمائش ھيٺين مان ڪنھن به ھڪ سان ٿي سگھندي آهي:

  1. سڌو سئون مشاھدو.
  2. ان جنسي گروپ جي مناسب ڪثرت جي انڊيڪس.
  3. ان جي رھڻ واري جاء جي قلت يا ان جي رھڻ جي معيار ۾ لاٿ
  4. اصل يا امڪاني نقصان
  5. ٻاھران آيل جنسي گروپن جو اثر جنھن ۾ نسلي گاڏڙ ساڏڙ (hybrid) يا ٻئي نسل سان لڳ

(hybridisation)، ٻئي نسل مان بيماريون لڳڻ(pathogens), گدلاڻ ڪندڙ (pollutants), مقابلا ڪندڙ ۽ مفت خور جاندار (parasites) شامل آهن.
6.ٻئي ڏھاڪي ۾ ڏھن سالن اندر يا ٽن پيڙهين ۾ ، پوءِ جيڪو عرصو وڏو ھجي، جيڪڏهن ان جنس جي آبادي يا تعداد ۾ ويھ سيڪڙو لاٿ اچي ۽ ان جو مٿين 1 کان 5 تائين ڏنل سببن مان ڪو ھڪ سبب ظاھر ٿئي يا اندازي ۾ اچي.

(2) اثر جو دائرو سنواريو

جيڪڏهن جنسي گروپ جي وجود جو دائرو 20000 ھزار چورس ڪلوميٽرن جي علائقي کان گھٽ ھجي. يا ان جي رھائش جو علائقو 2000 ھزار چورس ڪلوميٽرن کان گھٽ ھجي ۽ آھي ٻئي اندازا ھيٺ ڏنلن مان ڪي بہ ٻہ شرط ظاھر ڪن تہ سمجھيو ويندو تہ جنس غير محفوظ آھي:

  1. آبادي مڪمل ڇڊي ٿي وڃڻ يا مٿي ڏيکاريل علائقي جي صرف ڏھن جي اندر ھنڌن تي وجود ۾ ھجڻ
  2. ھيٺ ڏنل حالتن مان ڪنھن بہ ھڪ مطابق جنس جي آبادي ۾ لاٿ اچڻ:
    1. اثر جي دائري تائين لاٿ
    2. رھائش جي علائقي ۾ لاٿ
    3. رھائش جي علائقي ، دائري يا معيار ۾ زوال اچڻ ڪري لاٿ
    4. جاين جي تعداد يا ذيلي آبادي جيڪري لاٿ
    5. جنس جي بالغ جاندارن جي تعداد جي کوٽ جي ڪري لاٿ
  3. ھيٺين حالتن مان ڪنھن بہ ھڪ ۾ گھٽ وڌائي:
    1. اثر جي دائري ۾ گھٽ وڌائي
    2. رھائشي علائقي ۾ گھٽ وڌائي
    3. رھائش جي مقامن ۽ ذيلي آبادين ۾ گھٽ وڌائي
    4. جنس جي بالغ جاندارن ۾ گھٽ وڌائي.

(3) جنس جي بالغ جاندارن ۾ ڪمي سنواريو

جنسي گروپ جي آبادي جي اندازي جو تعداد گھٽجي يا ته 10000 ھزار بالغن جي اندر تي پھچي يا وري:

  1. ڪٿيل لاڳيتي لاٿ جيڪڏهن ڏھن سالن يا ٽن نسلن ۾ ، پوءِ جيڪو عرصو وڌيڪ ھجي، گھٽ ۾ گھٽ 10 سيڪڙو ٿئي.
  2. لاڳيتي لاٿ جنس جي بالغ جاندارن ۾ جيڪڏهن مشاھدي، نتيجي يا نظر ۾ اچي ۽ آبادي جي حالت اھڙي شڪل ۾ ھجي جو:
    1. صفا ڇڊي ٿي وئي ھجي (اھڙي طرح جو ذيلي-آبادي ۾ بالغ جاندارن جو تعداد 1000 کان مٿي ھجي)
    2. جو سڀئي بالغ جاندار صرف ھڪ ذيلي-آبادي ۾ وڃي بچن

(4) آبادي جو مختصر ٿيڻ سنواريو

آبادي تمام گھٽجي وڃي يا ھيٺ ڏنل صورتن ۾ محدود ٿي وڃي:

  1. آبادي ۾ بالغ جاندارن جو تعداد 1000 کان گھٽجي وڃي.
  2. آبادي ايتري تہ محدود ٿي وڃي جو جنس جي رھائش وارو علائقو 20 چورس ڪلوميٽرن تائين وڃي بچي، يا علائقي ۾ رھائش جا مقامن جو تعداد پنج يا پنج کان بہ گھٽ ٿي وڃي يا ٿوري وقت اندر ان ڄاتل مستقبل ۾ اھڙي حالت ۾ ھجن جو انساني سرگرمين کان متاثر ٿين (يا اھڙن امڪاني واقعن جو شڪار ٿين جن جو اثر انساني سرگرمين سان وڌي وڃي) ، ۽ زبردست خطري واري حالت ۾ داخل ٿي وڃڻ يا جلد ختم ٿي وڃڻ جي امڪان ۾ ھجن

(5) مقداري تجزيو سنواريو

مقداري تجزيي وسيلي ھڪ صدي جي عرصي دوران ان جنس جي جھنگلي جيوت جو گھٽ ۾ گھٽ 10 سيڪڙو نابود ٿي وڃڻ جو امڪان ظاھر ٿئي

جاندارن جي غير محفوظ جنسن جي مثالن ۾ جابلو زيبرا، ڪاري تاجدار ڪونج، نيري ڪونج، نيوزيلينڊ جو ڳاڙھو ناسي۽ ساون پرن وارو طوطو جنھن جو نالو آھي ڪيئا (Kea) , ھندوستاني چوپائي مال جو ھڪ جھنگلي قسم نالي گائو(Gaur), واڱڻائي طوطو نالي ھائئسنٿ ميڪا(hyacinth macaw) شامل آهن.

حوالا سنواريو