غلام علي الانا

مشھور سنڌي اديب، دانشور ۽ ماھر لسانيات

ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌ جو مشهور اديب، دانشور ۽ ماهر لسانيات آهي. هن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ گذاري آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ سالن جا سال سربراهه ۽ پروفيسر ٿي رهيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کي اڏڻ ۽ اوج تي رسائڻ جو سهرو الانا صاحب جي سر تي آهي. الانا صاحب ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون آهن هڪ ناول به تحرير ڪيو اٿس. سندس دلچسپيءَ جا موضوع، ادب جي تاريخ، ٿقافت، لسانيات، آرڪائيوز ۽ ڪلچر انٿراپالاجي وغيره آهن.

غلام علي الانا
مقامي ٻوليء ۾ نالو Dr. Ghulam Ali Allana
پيدائش غلام علي
15 مارچ 1930(1930-03-15)
خواجه, تعلقو جاتي, سجاول ضلعو, سنڌ
وفات 28 نومبر 2020 (عمر 90 سال)
حيدرآباد
ڌنڌو ليکڪ ، ٻوليدان
قوميت پاڪستاني
تعليم پي.ايڇ.ڊي، ماسٽرس آف آرٽس سنڌي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور 1971
صنف ٻوليدان
مُکيه ڪم شاعريءَ جا ڪتاب (40)

پس منظر سنواريو

خواجه غلام علي الانا ٺٽي ضلع جي شهر تڙ خواجه ۾ سن 1930 ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم تڙ خواجه ۽ ٿانوي تعليم ميرپور بٺوري ٽنڊومحمد خان ۽ ڪراچي ۾ حاصل ڪئي. 1955ع ايم اي ڪرڻ کان پوءِ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. 1958 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ بطور استاد مقرر ٿيو.

تعليم سنواريو

ڊاڪٽر غلام علي الانا، 15 مارچ 1930ع تي، ڳوٺ تڙ خواجا، تعلقي جاتيءَ ۾ هڪ غريب هاريءَ الهڏني جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڊاڪٽر آهي، جنهن ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي موضوع تي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾، سال 1971ع ۾ پي. يڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو مڪمل ڪيو. سندس رهبريءَ ۾ ڪيترن محققن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي آهي. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ’تڙ خواجا‘ ۾ ورتائين. ثانوي تعليم ميرپور بٺوري مڊل اسڪول ۾، ۽ پوءِ اي وي اسڪول ٽنڊومحمد خان ۽ پوءِ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين. بي.ا ي آنرس سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب ۾، 1953ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ايم. اي سنڌي علم و ادب 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڊاڪٽر الانا پاڪستان ۾ پهريون شخص آهي، جنهن علم لسانيات ۽ علم صوتيات ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ ايم. اي ڪئي.

مهارتي سفر سنواريو

ڊاڪٽر الانا پنهنجي سڄي زندگي درس ۽ تدريس لاءِ تعليمي ادارن ۾ گذاري. تعليمي ميدان ۾ الانا صاحب پنهنجي خدمت جو آغاز ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو هڪ استاد جي حيثيت سان ڪيو. 1952ع ۾ اُتي استاد مقرر ٿيو، ۽ پوءِ اتان 1954ع ۾ پهرين گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي ۽ پوءِ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي 26 جنوري 1958ع تائين رهيو، تنهن کانپوءِ ڊاڪٽر الانا صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار طور چونڊيو ويو. جتان ترقي ڪندو، 1976ع ۾ ساڳئي شعبي ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر الانا صاحب جولاءِ 1963ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ پوءِ پروفيسر انچارج ٿي رهيو. 6 جنوري 1981ع کان 9 سيپٽمبر 1981ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين ٿي رهيو. ڊاڪٽر الانا سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان سينئر پروفيسر جي حيثيت ۾ 14 مارچ 1990ع ۾ رٽائر ٿيو. 21 جون 1993ع کان وٺي 28 جولاءِ 1995ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ٿي رهيو. جتان 25 جولاءِ 1995ع ۾ استعيفا ڏنائين. کيس سال 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پروفيسر ايمريٽس مقرر ڪيو ويو.

خدمتون سنواريو

ڊاڪٽر الانا 9 آگسٽ 1983ع کان وٺي 4 سيپٽمبر 1989ع تائين علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ اسلام آباد جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. 22 جولاءِ 1998ع کان وٺي آگسٽ 2001ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن رهيو. سندس تصنيفن جو مختصر وچور هن ريت آهن: ”چور“ (1954ع،”لاش“ (1954ع)، ”ناصر خسرو، ايراني“ (1961ع)، ”منتخب ديوان فاضل“ (1964ع)، ”سنڌي صورتخطي“ (1964ع)، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (1966ع)، ”ادبي اوسر“، (1967ع)، ”سنڌي صوتيات“ (1967ع)، ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ“ (1971ع)، ”علمي آئينو“ (1971ع)، ”سنڌي زبان جي بنيادي لغت“ (1973ع)، ”سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي لغت“ (1973ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بُنياد“ (1974ع)، ”سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري“ (1974ع)، ”سنڌي پهريون ڪتاب“ (1974ع)، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ (1977ع)، ”سنڌ جي لساني جاگرافي“، (1979ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، (1987ع)، ”زبان اور ثقافت“ (1987ع. ”سنڌي معلم“ (1991ع)، Introduction of Sindhi literature (1991), Papers on Sindhi Language & Linguistics (1999)، ”ثقافتي ورثو“ (1999ع)، ”سنڌي لنگئافون پئڪيج“ (2001ع)، ”استادن لاءِ هدايتون2 جلد“، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“(2007ع)، ”سنڌي صوتيات“، ”History of Sindhi Language and Literature at a Glance”“ جڏهن ته سندس ڪتاب ”سنڌيءَ جو عملي گرامر “ ڇپائي هيٺ آهي.

لاڳاپا سنواريو

ڊاڪٽر الانا ڪيترين ئي تنظيمن ۾ ميمبر طور پڻ ڪم ڪيو آهي. هن دنيا جا اڪثر ملڪ گهميا آهن ۽ بين الاقوامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ مقالا پڙهيا آهن. ڊاڪٽر الانا صاحب ڪيترائي قومي ۽ صوبائي اوارڊ حاصل ڪيا آهن.[1]

وفات سنواريو

ناليواري تعليم دان ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا 28 نومبر 2020ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.[2]


حوالا سنواريو