غلام حسين شاهه بخاري

پاڪستاني سنڌي مذھبي عالم (پ. 1932 - و. 2023)


غلام حسين شاهه بخاري (انگريزي ٻولي: Ghulam Hussain Shah Bukhari؛ پ. 1932ع – و. 26 جنوري 2023ع)، سنڌي اسلامي عالم ھو. ھن جو تعلق صوفين جي نقشبندي سلسلي سان ھو. ھي پاڪستان جي ھڪ وڏي مذھبي اداري درگاھ حسين آباد جو والي پڻ ھو.[1][2]

غلام حسين شاھ بخاري
پيدائش 1932 (عمر 91–92)
ديھ ڊرٻ چانڊيو، قمبر شھدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ڊويزن، پاڪستان
وفات 26 جنوري 2023ع
ڪراچي
مڪتبه فڪر سني اسلام، حنفي، صوفي، نقشبندي

شروعاتي زندگي سنواريو

غلام حسين شاهه بخاري قمبر شھداد ڪوٽ جي ڳوٺ ڊرٻ چانڊيا ۾ 1932ع ۾ پيدا ٿيو. ھن جو تعلق صوفين جي نقشبندي سلسلي سان ھو، ھن مذھبي تعليم پنھنجي والد سيد گل محمد شاھ کان ورتي. ھن خوشي محمد تنيو، غلام محمد چانڊيو ۽ علي گوھر مستوئي کان پڻ تعليم ورتي.[حوالو گھربل] ھن 1980ع ۾ درگاھ حسين آباد نالي سان ھڪ مسجد ۽ مدرسو تعمير ڪرايو، جتي مذھبي تعليم ۽ رھائش مفت ڏني ويندي آھي. ھي تنظيم اصلاح فقرا الحسينيا جو پڻ سربراھ ھو، جيڪا تنظيم پڻ ماڻھن ۾ مذھبي پرچار ڪندي آھي. حسين شاھ پھرين پنھنجي ڳوٺ ڊرٻ چانڊيو ۾ درگاھ قائم ڪئي، ان کان پوءِ بلوچستان جي تنبو تعلقي ۾ ھڪ آستانو جوڙيو. ان کان پوءِ حسين شاھ قمبر جي سرھيا پاڙي ۾ رھيو ۽ قمبر ريلوي اسٽيشن لڳ درگاھ حسين آباد قائم ڪيو.[3] [2] غلام حسين شاهه کي 4 پٽن جو اولاد ٿيو، سندس وفات کان پھرين 3 پٽ فوت ٿي ويا، جڏھن ته سندس ٻيو نمبر وڏو پٽ عطاالله شاهه درگاهه جو سجاده نشين ھو.[4] 2013 ۾ ھن جي مٿان جيڪب آباد لڳ دھشتگردن قاتلاڻو حملو پڻ ڪيو، جنھن ۾ سندس پوٽو شفيق شاھ قتل ٿي ويو.[5]


ھي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 26 جنوري، 2023ع تي وفات ڪري ويو.[6] سندس وفات جي سوڳ ۾ قمبر تعلقي جي تعليمي ادارن کي ھڪ ڏينھن لاءِ بند ڪيو ويو.[7]

وڌيڪ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "Spiritual leader’s grandson killed in ‘sectarian’ attack". Daily Dawn. February 21, 2013. http://www.dawn.com/news/787590/spiritual-leaders-grandson-killed-in-sectarian-attack. 
  2. 2.0 2.1 "Cleric targeted in Jacobabad last week teaches only the message of peace". Daily Tribune.com.PK. February 24, 2013. http://tribune.com.pk/story/511776/cleric-targeted-in-jacobabad-last-week-teaches-only-the-message-of-peace/. 
  3. حسين شاھ مذھبي تعليم حماد اللہ ھاليجوي وٽ پرائي آرڪائيو ڪيا ويا 27 January 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., روزاني ڪاوش (27 January 2023)
  4. ناليوارو مذهبي اڳواڻ غلام حسين شاهه قمبر وارو لاڏاڻو ڪري ويو: شهر بند: مريدن ۾ سوڳ آرڪائيو ڪيا ويا 27 January 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., پنھنجي اخبار (27 January 2023)
  5. "غلام حسين شاهه تي جيڪب آباد ۾ بم حملو ٿيو هو، سندس پوٽو شهيد ٿي ويو هو". پنھنجي اخبار. https://thetimenews.tv/%d8%ba%d9%84%d8%a7%d9%85-%d8%ad%d8%b3%d9%8a%d9%86-%d8%b4%d8%a7%d9%87%d9%87-%d8%aa%d9%8a-%d8%ac%d9%8a%da%aa%d8%a8-%d8%a2%d8%a8%d8%a7%d8%af-%db%be-%d8%a8%d9%85-%d8%ad%d9%85%d9%84%d9%88-%d9%bf%d9%8a/. 
  6. web, des (26 January 2023). "ناليوارو مذهبي اڳواڻ غلام حسين شاهه قمبر وارو لاڏاڻو ڪري ويو" (sd ۾). عوامي آواز. عوامي آواز (awamiawaz.pk). https://awamiawaz.pk/1006158/. 
  7. قمبر وارو سائين حسين شاھ بخاري لاڏاڻو ڪري ويو آرڪائيو ڪيا ويا 27 January 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., روزاني ڪاوش (27 January 2023)