غلام (انگريزي ٻولي: Slave) ان کي چيو ويندو آهي جيڪو ڪنهن ٻئي انسان جي ملڪيت ۾ ورتل هجي. ان جو رواج قديم زماني کان آهي. آمريڪا جي ترقي ۾ انهن غلامن جو وڏو هٿ آهي جن کي گورن آفريڪا کان اغوا ڪري آمريڪا پهچايو هيو. تمام قديم قومن ۾ غلامن جو رواج هيو. قديم يونان ۽ روم ۾ عورتون غلامن سان مباشرت بہ ڪنديون هيون. مصر جي فرعونن بہ غلامن جي ذريعي اهرامن کي تعمير ڪيو. اسلام غلامي کان منع نہ ڪيو پر ان جي آزادي جو وڏو ثواب رکيو ايتري تائين جو غلامي تمام گھٽ ٿي وئي. اڄڪلھ غلام جو اصطلاح وسيع معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو مثلاً ڪوئي ملڪ ڪنهن ٻئي ملڪ جي زيرِ اثر آهي تہ چيو ويندو آهي تہ اهو ان جو غلام آهي. جيئن سعودي عرب ۽ پاڪستان آمريڪا جا غلام چورائيندا آهن. ان کان علاوه ماڻهو جذبات جا غلام هوندا آهن. عاشق معنوي اعتبار سان معشوق جو غلام هوندو آهي.

آمريڪا جي تعمير ۾ غلامن کي استعمال ڪيو پيو وڃي. ورجينيا جي باغن ۾ غلام ڪم ڪري رهيا آهن.

غلام مرد سنواريو

غلام عورت سنواريو

غلام عورت کي اردو ۾ لونڊي چوندا آهن. اھي عورتون جيڪي جنگ ۾ گرفتار ٿينديون ھيون اھي لونڊيون قرار ڏئي ماڻھن ۾ تقسيم ڪيو ويندو ھيو. اسلام ۾ سوره النساء جي آيت نمبر 3 ۾ لونڊين سان نڪاح ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي[1].

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :322