عمارتي ڪاٺ- (Timber): ھونئن تھ تعمير سازيءَ ۾ علائقي ۽ ڪم جي نوعيت مطابق استعمال ٿيندڙ ڪاٺ جا ڪيترائي قسم آھن، پر سنڌ اندر عام طور ۽ سرڪاري ڪمن ۾ خاص طور ديال (Deodar Wood)، پين ۽ ساڳ (Teak Wood) وغيره استعمال ٿين ٿا. ڪن غير اھم ڪمن لاءِ پرتل، چلغوزھ ۽ چِيل وغيره بھ استعمال ٿيندا آھن، پر جيئن تھ پرتل ۽ چلغوزو، ديال سان مشابھت رکن ٿا ۽ قيمت ۾ ديال کان سستا آھن، ان ڪري انھيءَ ڳالھ جو خيال رکيو وڃي تھ جيئن ديال جي جاءِ تي انھيءَ ٻئي قسم جو ڪاٺ استعمال نہ ٿئي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو