علائقائي تعاون براءِ ترقي

تنظيم


ايران، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٽه طرفو معاھدو، جنھن جو نالو ”ريجنل ڪوآپريشن فار ڊيولپمينٽ“ (علائقائي تعاون براءِ ترقي) آھي. ھن معاھدي جو مقصد، ٽنھي ملڪن جي ڪروڙين عوام جي بھبودي، اقتصادي، فني ۽ ثقافتي تعاون کي وڌائڻ ۽ معاشي ترقيءَ کي مضبوط ڪرڻ آھي. ھي معاھدو 21 جولاءِ 1964ء تي ايران، ترڪي ۽ پاڪستان جي سربراھن جي وچ ۾، استنبول ۾ طئي ٿيو ھو. ھن معاھدي جي نقطن تي تمام تيزيءَ سان عمل ٿيو، جنھن تحت ٽنھي ملڪن ۾ صنعتون قائم ٿيون. آر.سي.ڊي. شاھراھ مڪمل ٿي ۽ اقتصادي تعاون جا ڪئين پروگرام پورا ٿي چڪا آھن. انقلاب ايران (1979ء) کان پوءِ، ھن معاھدي جون سرگرمين ختم ٿي ويون.[1]