عزت يا مان (انگريزي: Respect) ھڪ مثبت احساس يا عمل جو نالو آهي جنھن ذريعي ڪنهن ماڻھو کي اھم سمجھيو ويندو آھي ۽ ان لاء وڌ کان وڌ ادب جو اظھار ھوندو آھي. اھو ڪنھن جي سٺي صلاحيتن جي واکاڻ وارو اظھار ھوندو آھي. [1][2] قرآن م سوره النساء ۾ فرمايو ويو آهي ته:

...أَيَبْتَغُونَ عِنْدَهُمُ الْعِزَّةَ فَإِنَّ الْعِزَّةَ لِلَّهِ جَمِيعًا 139
ترجمو:ڇا ھي ماڻھو عزت جي طلب ۾ انھن وٽ ويندا آهن؟ حالانڪه عزت تہ سموري الله جي لاء ئي آھي.

— النساء: 139

عزت جو مفھوم عربي ٻولي ۾ اردو جي ڀيٽ ۾ گھڻو وسيع آهي. اردو ۾ عزت رڳو احترام ۽ قدر جي معني ۾ استعمال ٿئي ٿو، جڏھن تہ عربيءَ ۾ عزت جو مفھوم اھو آھي تہ ڪنھن شخص کي اھڙي بلند ۽ محفوظ حيثيت حاصل ٿي وڃي جو ڪوئي ان جو ڪجهه بگاڙي نہ سگھي[3]. ٻين لفظن م عزت ناقابل ھتڪ حرمت جي ھم معنيَ آهي[3].

  1. "Definition of RESPECT". Merriam Webster. حاصل ڪيل December 13, 2017. 
  2. "Definition of "respect"". Cambridge Dictionary. حاصل ڪيل December 14, 2017. 
  3. 3.0 3.1 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 408