عبدالله بن عمر هباري: 270ھ (84 ــ 883ع) ۾ عمر بن عبدالعزيز هباري کان پوءِ سندس پٽ عبدالله بن عمر جانشين ٿيو، جنهن جي ڪنيت ابوالمنذر هئي.

عبدالله بن عمر
ھباري گھراڻي جو حاڪم
303ھ کان تائين سنڌ تي 30 سال حڪومت ڪئي
پيشرو عمر بن عبدالعزيز ھباري
جانشين عمر بن عبدالله
ريجنٽ نالي ۾ عباسي خلافت
نسل عمر بن عبدالله
پورو نالو
عبدالله بن عمر ھباري
گهراڻو قريش جيبنواسد جي شاخ ھباري
شاھي گھراڻو ھباري گھراڻو
پيءُ عمر بن عبدالعزيز
مذھب اسلام

تفصيلي احوال سنواريو

279ھ ۾ ابو صمه (جنهن جو اڳ ۾ ذڪر اچي چڪو آهي) جي پٽ صمه بغاوت ڪري منصوره تي قبضو ڪري ورتو، پر عبدالله بن عمر جلد مٿس حملو ڪري منصوره واپس ورتو ۽ باتيه ڇڏي اچي اتي رهڻ لڳو.عبدالله بن عمر هباري سنڌ تي لڳ ڀڳ ٽيهه سال حڪومت ڪئي ۽ سڀئي ملڪي معاملا چڱي طرح نڀايائين.

اولاد سنواريو

عمر بن عبدالله جنهن جي حڪومت جو بيان هلي رهيو آهي تنهن کي ٻه پٽ هئا، هڪ محمد ٻيو علي. ۽ ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ حضرت علي مرتضى جو اولاد هتي گهڻي انداز ۾ موجود هو ۽ انهن علوي بزرگن ۾ زياده شمار انهن ماڻهن جو هو جو پاڻ کي عمر بن علي ۽ محمد بن علي جي اولاد مان سڏائيندا هئا. تنهن ڪري يقيناً عمر بن عبدالله هباري جو اولاد ان محترم خاندان ۾ ملي ويو[1].

قرآن پاڪ جو پهريون سنڌي ترجمو سنواريو

انهيءَ زماني ۾ هڪ هندو راجا مهروق، عبدالله بن عمر هباري کي اسلام جا اصول سنڌي ۾ لکي موڪلڻ جي درخواست ڪئي. عبدالله اتي رهندڙ هڪ عراق جي عالم جنهن جي پرورش سنڌ ۾ ٿي هئي ۽ تمام ذهين، مختلف زبانن جو ڄاڻو ۽ سٺو شاعر هوندو هيو کي پاڻ وٽ گهرايو. ۽ هندو راجا جي خواهش ٻڌايائينس. ان عالم سنڌي زبان ۾ اسلامي اصولن تي ٻڌل هڪ قصيدو لکيو ۽ راجا ڏانهن موڪلي ڏنائين. راجا جڏهن اهو قصيدو پڙهيو ته لاجواب ٿي ويو ۽ ان مهل ئي عبدالله بن عمر ڏانهن خط لکي سنڌي عالم جي ٻانهن گهري. اهو سنڌي عالم راجا وٽ پهچي ٽن سالن تائين اتي رهيو ۽ سندس خواهش تي قرآن پاڪ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين. راجا روزانو ان کان قرآن مجيد جو ترجمو ٻڌندو هو ۽ ڏاڍو متاثر ٿيندو هو. اهو قرآن ڪريم جو پهريون سنڌي ترجمو هو.ان عالم جو چوڻ آهي ته راجا مون کي ڇهه سؤ مڻ سون ٽي ڀيرا انعام طور ڏنو..[2]

سنڌ ۾ ھباري گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  2. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page11.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }