صيهونيت

يهودين کي فلسطين ۾ آباد ڪرڻ جي حمايت لاءِ يهودي قومپرست هلچل

صيهونيت (Zionism) مان مراد آهي يهوديت يا يهودين جي سياسي ۽ مذهبي تحريڪ. هن نظريي يا تحريڪ جي اصل شروعات ته پهرين صدي عيسويءَ دوران، يهودين جي، وچ اوڀر مان جلاوطنيءَ سان ٿي، جيڪا مختلف روپن ۾ صدين تائين جيئري رهي. جديد صيهوني تحريڪ جي شروعات 1897ع ڌاري سئٽزرلينڊ جي شهر بيسل (Basle) ۾ سڏيل عالمي يهودي ڪانگريس ۾ ٿي. آسٽرو-هنگريائي رياست جي شهر پيسٽ ۾ ڄاول مشهور صيهوني صحافي ۽ اڳواڻ ٿيوڊورهَرزل 1896ع ۾ يهودي رياست (Der Jude Stat) جي عنوان سان پمفليٽ لکي، هن تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. هن نظريي جي سلسلي ۾ کيس اوڀر يورپ مان به سٺي حمايت حاصل ٿي. صيهونيت يا زاينزم جو مقصد دُنيا ۾ يهودين لاءِ هڪڙي رياست قائم ڪرڻ هو، جيڪا قدامت پسند يهودي نظريي موجب سندن مفادن جو بچاءُ ڪري ۽ کين پنهنجي عقيدي مُوجب زندگي گذارڻ جو حق ملي. هن تحريڪ جو پورائو 1948ع ۾ ٿيو، جڏهن وچ اوڀر ۾ اسرائيل وجود ۾ آيو. [1]