صلاح مصلحت جي لاءِ رسمي گڏجاڻي

صلاح مصلحت جي لاءِ رسمي گڏجاڻي يا ڪانفرنس (Conference) ڪنهن به خاص معاملي تي رياستن يا سندن نمائندن جو سڏايل ميڙ، جنهن ۾ لاڳاپيل معاملي تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهجي. عام طور تي ڪانفرنس ۾ ڪنهن به ڌر يا رياست جو موقف پيش ڪري، ان تي ٽيڪا ٽپڻيءَ کان پوءِ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويندو آهي. جنهن کي اڳتي هلي معاهدن جي صورت ۾ پڪو ڪبو آهي، يا ڪانفرنس ۾ ٿيل فيصلن کي بين الاقوامي ضمانتون ڏيئي سگهارو ڪيو ويندو آهي، ان سلسلي ۾ فيبروري 1945ع ۾ اتحادي قوتن وچ ۾ ٿيل ”يالٽا ڪانفرنس“ کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو، جنهن کان پوءِ ٻي عالمي جنگ جو خاتمو عمل ۾ آيو. ”ڪانفرنس“ سدائين هڪ نتيجو ڏيندڙ گڏجاڻي هوندي آهي، جنهن جا هاڪاري يا ناڪاري نتيجا ٿي سگهن ٿا، ان سلسلي ۾ جيڪا گڏجاڻي امڪاني نتيجا نه ڏئي سگهي ته ان کي ”ناڪام يا بي نتيجا“ ” ڪانفرنس سڏيو وڃي ٿو.[1]

حوالا سنواريو