صحت جو عالمي ڏهاڙو

عالمي ڏيھاڙو


صيحت جو عالمي ڏينھن (انگريزي: World Health Day) گڏيل قومن جي ذيلي اداري عالمي ادارو صيحت جي تعاون سان 1950ع کان ھر سال سڄي دنيا ۾ 7 اپريل تي صيحت جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي، جنھن جو مقصد سڄي دُنيا ۾ صيحت ۽ بيمارين کان بچاءَ جي شعور اُجاڳر ڪرڻ آھي. 1948ع ۾ اھوئي ڏينھن ھيو جنھن ڏينھن عالمي ادارو صيحت جو قيام عمل ۾ آيو ھيو. ھر سال صيحت جي ڪنھن خاص موضوع جي تحت سڄي دنیا جا مُلڪ ھِن ڏينھن کي مَلھائيندا آھن.[1]

صيحت جو عالمي ڏينھن
سرڪاري نالو World Health Day
ملهائڻ وارا صيحت جي عالمي ادارو جا سڀئي رڪن مُلڪ عالمی
تقريبون صيحت جو عالمي ادارو
شروعات 7 اپريل 1950ء
تاريخ 7 اپريل
دورانيو 1 ڏينھن
تقرر ساليانو


ان ڏينهن کي ملهائڻ جو ڪارڻ عوام ۾ صحت جي اهميت کي اجاگر ڪري انھن ۾ آگاهي ڏني وڃي

گڏيل قومن جي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ٺھڻ کانپوءِ ست 7 اپريل 1948ع کي صيحت جو پھريون عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو هي ڏينھن گڏيل قومن جي اداري صحت WHO ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي هيٺ پوري دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي

هر سال صحت جي عالمي ڏهاڙي کي ڪنھن پليٽ فارم يا پيغام سان گڏ ملهايو ويندو آهي 2019ع ۾ هي ڏينھن

”صحت جي مڪمل سهولتون هر هڪ جي لاءِ هر جڳھ“ جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي

1948ع ۾ پھريون دفعو پھرين ورلڊ هيلٿ اسيمبلي جوڙي وئي جنھن ۾ اسيمبلي فيصلو ڪيو هو تہ 1950ع کان هر سال ست 7 اپريل جو ڏينھن ورلڊ هيلٿ ڊي جي حيثيت سان ملهايو ويندو

ورلڊ هيلٿ ڊي جي موقعي تي ڊبليو ايڇ او حڪومتن بين الاقوامي ادارن مقامي سماجي ۽ فلاحي اداره عوامي صحت جي حوالي سان مختلف سرگرميون ڪندا آهن


حوالا سنواريو