شڪاگو (انگريزي: Chicago) آمريڪا جي گڏيل رياستن ھڪ مشھور شھر آھي. ھي شھر نيويارڪ ۽ لاس اينجلس کان پوءِ آمريڪا جي گڏيل رياستن جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون نمبر وڏو شھر آھي. ھي رياست الينوائي (Illinois) جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر پڻ آھي. 2020ع جي آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 2746388 آھي[6]. ھن کي اتر آمريڪا جي پنجون نمبر گھڻ آباديءَ وارو شھر ھئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آھي. مشيگن ڍنڍ (Lake Michigan) جي ڪناري تي آباد ھن وسنديءَ کي 1837ع ۾ شھر جو درجو مليو. اوڻويھين صديءَ ۾ ھن شھر تيزيءَ سان ترقي ڪئي. 1871ع ۾ ھن شھر کي خطرناڪ باھ وڪوڙي وڌو جنھن سبب اٽڪل ھڪ لک ماڻھو پنھنجي گھرن کان محروم ٿي ويا ۽ شھر کي ٻيھر تعمير ڪرڻو پيو. انھيءَ باھ واري واقعي کان فقط ٽيھ سال پوءِ ھي دنيا جو پنجون نمبر وڏو شھر بڻجي ويو[7]. ھيءُ شھر پنھنجي خوبصورت اڏاوت ۽ شاندار عمارتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. 2018ع ۾ 18 ملين سياح ھي شھر گھمڻ لاءِآيا[8] . ھتان جو اوھاري بين القوامي ھوائي اڏو دنيا جو ڇھون نمبر مصروف ھوائي اڏو شمار ٿئي ٿو. 2021ع ۾ ھن شھر کي دنيا جو ٻيو نبمر سھڻو شھر قرار ڏنو ويو[9].

شڪاگو، الينوائي
شھر
شڪاگو جو شھر
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي: اسڪاءِ لائين آف ڊائون ٽائون، ولس ٽاور، شڪاگو ٿيٽر، شڪاگو ”L“، نيوي پيئر، فيلڊ ميوزيم، پزڪر پويلين
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي: اسڪاءِ لائين آف ڊائون ٽائون، ولس ٽاور، شڪاگو ٿيٽر، شڪاگو ”L“، نيوي پيئر، فيلڊ ميوزيم، پزڪر پويلين
شڪاگو، الينوائي
جھنڊو
شڪاگو، الينوائي
مھر
شڪاگو، الينوائي
لوگو
ڀانڃ: شڪاگو Shikaakwa لفظ مان ورتل آھي جنھن جي معني آھي ”جھنگلي بصر“ يا ”جھنگلي ٿوم“
نعرو: لاطيني ٻولي: Urbs in Horto (City in a Garden); I Will
Map

شڪاگو جو نقشو
جاگرافي بيهڪ: 41°52′55″N 87°37′40″W / 41.88194°N 87.62778°W / 41.88194; -87.62778مڪانيت: 41°52′55″N 87°37′40″W / 41.88194°N 87.62778°W / 41.88194; -87.62778[1]
ڪائونٽي آمريڪا جون گڏيل رياستون
رياست الينوائي
ڪائونٽيس ڪُڪ ڪائونٽي، ڊوپيج ڪائونٽي
بنياد پيو ت. 1780؛ 243 سال اَڳُ (1780)
ٽائون جو درجو مليو آگسٽ 12, 1833؛ 190 سال اَڳُ (1833-08-12)
شھر جو درجو مليو مارچ 4, 1837؛ 187 سال اَڳُ (1837-03-04)
قيام Jean Baptiste Point du Sable
حڪومت
 • قسم ميئر ڪائونسل
 • مجلس شڪاگو سٽي ڪائونسل
 • ميئر Lori Lightfoot (D)
 • سٽي ڪلارڪ Anna Valencia (D)
 • سٽي خزانچي Melissa Conyears-Ervin (D)
پکيڙ[2]
 • شھر 234.53 ميل2 (607.43 ڪ.م2)
 • زميني 227.73 ميل2 (589.82 ڪ.م2)
 • آبي 6.80 ميل2 (17.61 ڪ.م2)
بلندي[1] (mean) 597.18 ft (182.02 ميل)
بلند ترین  پیمائش
– near Blue Island
672 ft (205 ميل)
گھٽ ترین  پیمائش
– at Lake Michigan
578 ft (176 ميل)
آبادي (2021)[3]
 • شھر 2,746,388

تاريخ سنواريو

شروعاتي تاريخ سنواريو

ارڙھين صديءَ جي وچ ڌاري ھتي پوٽاواٽومي (Potawatomi) نالي اصلوڪن آمريڪي لوڪن جو ھڪ قبيلو آباد ھو[10]. 1780ع ڌاري ھيٽي کان لڏي آيل واپاريءَ ڊو سيبل (Du Sable) پنھنجي ھڪ ڪالوني قائم ڪئي. آفريقي نسل جي ھن واپاريءَ کي ”شڪاگو جو باني“ ڪوٺيو وڃي ٿو[11]. 1795ع ۾ ھتي آمريڪي فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي وئي. 1803ع ۾ فوج ھتي فورٽ ڊيئربارن (Fort Dearborn) نالي ھڪ قلعو تعمير ڪيو. 1812ع ڌاري اصلوڪن رھواسين کي ھن علائقي مان لڏ پلاڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ سندن زمينن تي قبضو ڪيو ويو.

اوڻويھين صدي سنواريو

12 آگسٽ 1833ع تي شڪاگو ٽائون جو بنياد وڌو ويو. ان وقت ھتي فقط 200 ماڻھن پنھنجا پکا اچي اڏيا ھئا. فقط ستن سالن جي مختصر عرصي ۾ ھتان جي آبادي 6000 ٿي وئي. 15 جون 1935ع تي پھريون ڀيرو ھتي زمين عام ماڻھن کي وڪرو ڪري ڏني وئي. 4 مارچ 1838ع جي ڇنڇر جي ڏينھن شڪاگو کي شھر جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. ھن نئين شھر کي روڊ رستن ۽ ريلوي ذريعي آمريڪا جي ٻين حصن سان ملايو ويو. ھتي پھرين ريل جي پٽڙي 1848ع ۾ وڇائي وئي. پاڻيءَ رستي بحري جھازن جي اچ وڃ پڻ شروع ٿي. ھتان جي آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌارو آيو ۽ روزگار جا نوان رستا کليا. فيبروري 1857ع ۾ ھتي آمريڪا جو پھريون گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو متعارف ڪرايو ويو. 1871ع ۾ ھن شھر کي خطرناڪ باھ لڳڻ ڪري تباھيءَ جو منھن ڏسڻو پيو. انھيءَ باھ ڪافي ماڻھن کي پنھنجن گھرن کان محروم ڪري ڇڏيو. البت ستت ئي نئين اڏاوت شروع ٿي وئي. 1885ع ۾ ھتي آمريڪا جي پھرين گھڻ ماڙ عمارت تعمير ڪئي وئي. 1851ع ۽ 1920ع جي وچ واري دور ۾ ھن شھر جي پکيڙ ۽ آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌارو آيو ۽ اسپاس جون ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون وسنديون ھن شھر جو حصو بنجي ويون. شڪاگو جي خوشحالي ۽ وڌندڙ ڪاروبار کي ڏسندي آمريڪا جي ٻين علائقن جا ماڻھو وڏي تعداد ۾ ھتي آباد ٿيڻ لڳا. گڏوگڏ يورپ مان وڏي تعداد ۾ ماڻھو ھتي اچي آباد ٿيڻ لڳا. 1900ع ۾ ڪل اباديءَ مان 77 سيڪڙو ماڻھو يا تہ پرڏيھ مان اچي آباد ٿيا ھئا يا وري پرڏيھي لوڪن جو اولاد ھئا. اٽڪل 75 سيڪڙو آبادي جرمني، آئرلينڊ، پولينڊ، سوئيڊن ۽ چيڪ ريپبلڪ مان لڏي آيل ماڻھن تي مشتمل ھئي.

1870ع ۽ 1880ع وارن ڏھاڪن ۾ ھتي صحت ۽ علاج جي سھولتن تي گھڻو ڪم ٿيو ۽ ڪالرا، ماتا ۽ پيلي بخار (Yellow Fever) جي خاتمي لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا ويا. شھر ۾ ڪيترائي وڏا پارڪ قائم ڪيا ويا ۽ ماڻھن جي رھڻي ڪرڻيءَ کي خوشگوار ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو ويو. اوڻويھين صديءَ جي پھرئين ڏھاڪي ۾ ھتي ڪيتريون ئي ريلوي پٽڙيون وڇايون ويون. ان ڪري شھر اندر ۽ ٻين شھرن ڏانھن سفر آسان ٿي پيو.

ويھين ۽ ايڪويھين صدي سنواريو

پھرين عالمگير جنگ ۽ 1920ع واري ڏھاڪي ۾ ھتي وڏي پيماني تي صنعتون قائم ٿيون ۽ روزگار جا نوان در کليا. 1910ع ۽ 1930ع جي وچ واري دور ۾ ڪيترائي آفريقي آمريڪي آمريڪا جي ٻين علائقن مان لڏي ھتي اچي آباد ٿيا. انھيءَ عرصي ۾ افريقي آمريڪين جو تعداد 44103 مان وڌي 233903 ٿي ويو. ھن شھر ۾ اڇي چمڙي ۽ ڪاري چمڙيءَ وارن لوڪن جي وچ ۾ ڪيترائي نسلي فساد پڻ ٿيا جن مان 1919ع وارو نسلي فساد خاص ذڪر جي لائق آھي. ھن فساد ۾ 23 ڪاري چمڙيءَ وارا ۽ 15 اڇي چمڙيءَ وارا ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا. اٽڪل 537 ماڻھو زخمي ٿيا. 1000 کان 2000 شيدين کي پنھنجي گھرن مان بيدخل ٿيڻو پيو.

شڪاگو آمريڪا جو پھريون شھر آھي جتي 1924ع ۾ ھم جنس پرستن پنھنجي تنظيم ٺاھي. البت بعد ۾ انھيءَ تنظيم تي پابندي مڙھي وئي. 1920ع کان 1940ع تائين ھتان جي صنعتن ۾ زوال محسوس ٿيڻ لڳو ۽ روزگار جا ذريعا محدود ٿيڻ لڳا. ھي شڪاگو جي تاريخ جو تلخ دور ھو جنھن ۾ بيروزگاري ۽ بدامني عروج تي رھي.

ٻي عالمگير جنگ دوران ھتان جي اسٽيل جي پيداوار برطانيہ جي ڪل پيداوار کان بہ وڌيڪ رھي. روزگار جي تلاش ۾ ھزارين شيدي آمريڪا جي ڏاکڻين علائقن مان لڏي اچي ھتي آباد ٿيا. وڌندڙ آباديءَ جي ڪري شھر کي ھڪ ڀيرو ٻيھر معاشي بدحاليءَ جو منھن ڏسڻو پيو.

2 ڊسمبر 1940ع تي شڪاگو يونيورسٽيءَ جي پروفيسر انريڪو فرمي (Enrico Fermi) دنيا جو پھريون ڪنٽرولڊ ائٽمي ڌماڪو ڪيو. انھيءَ ڪامياب تجربي جي نتيجي ۾ آمريڪا ائٽم بم ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جيڪو 1945۾ ٻي عالمگير جنگ ۾ جاپان جي شھر ھيروشيما تي ڪيرايو ويو. ڪاري چمڙيءَ وارن ماڻھن تي ٿيندڙ زيادتين تي آواز اٿارڻ لاءِ مارٽن لوٿر ڪنگ ”شڪاگو فريڊم موومينٽ“ جو بنياد وڌو. انھيءَ تحريڪ ڪاري چمڙيءَ وارن ماڻھن سان ٿيندڙ زيادتين ۾ ڪجهه ڪمي آندي.

1983ع ۾ ھيرالڊ واشنگٽن ھن شھر جو پھريون ڪاري چمڙيءَ وارو ميئر چونڊيو. ھن شھر جي غريب آباديءَ ۽ پٺتي پيل علائقن جي ڀلائيءَ لاءِ گرانقدر خدمتون سرانجام ڏنيون. ھو 1987ع ۾ ٻيھر ميئر چونڊيو پر دل جي دوري سبب موت جو شڪار ٿي ويو. 2 اپريل 2019ع تي لوري لائيٽ فوٽ (Lori Lightfoot) شڪاگو جي ميئر طور چونڊجي آئي. ھوءَ شڪاگو جي ڪاري چمڙيءَ واري پھرين عورت آھي جنھن اھو اعزاز حاصل ڪيو.

جاگرافي سنواريو

شڪاگو جي سرھي سانجھ ويلي ورتل ھڪ تصوير

شڪاگو رياست الينائس جي اتر اوڀر ۾ مشيگن ڍنڍ (Lake Michigan) جي ڪنارن تي آباد آھي. ھي شڪاگو ميٽروپوليٽن علائقي جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي. ھي آمريڪا جي وچ اولہ ۾ وڏين ڍنڍن واري علائقي (Great Lake Region) ۾ واقع آھي. شڪاگو ندي (Chicago River) ۽ ڪالوميٽ ندي (Calumet River) ھن شھر مان گذرن ٿيون.

شڪاگو جي تاريخ ۽ معيشيت ۾ مشيگن ڍنڍ ڪرنگھي واري ھڏيءَ جھڙي حيثيت رکي ٿي. ھن ڍنڍ ۾ ھميشہ وڏا وڏا سامونڊي جھاز باربرداريءَ لاءِ موجود ھوندا آھن. ھن ڍنڍ جو پاڻي سياري ۾ ٿورو گرم ۽ اونھاري ۾ ٿورو ٿڌو رھندو آھي. ايئن سياري توڙي اونھاري ۾ ھتان جي موسم خوشگوار رھي ٿي[12].

1837ع ۾ جڏھن ھن شھر جو بنياد پيو تڏھن شھر جون اڪثر عمارتون شڪاگو نديءَ جي منڍ وٽ تعمير ٿيون. شڪاگو شھر جو گھڻو حصو سنئين سڌي ميداني علائقي ۾ آباد آھي. سراسري طور تي ھن شھر جي سرزمين سامونڊي سطح کان 176.5 ميٽر (579 فوٽ) اوچي آھي، البت شھر جو ڏاکڻيون بلو ٻيٽ وارو علائقو سامونڊي سطح کان 205 ميٽر (672 فوٽ) مٿي آھي[13]. مشيگن ڍنڍ جي ڪنارن تي وڏا وڏا پارڪ جھڙوڪ لنڪن پارڪ، گرانٽ پارڪ، برنھام پارڪ ۽ جيڪسن پارڪ ھن شھر جي خوبصورتيءَ کي چار چنڊ لڳائين ٿا.

ھن شھر کي چئن وڏن حصن ۾ ورھائي سگھجي ٿو. مرڪزي ڪاروباري حصي کي ”دي لوپ“ (The Loop) ڪوٺيو وڃي ٿو. باقي ٽن حصن ۾ ”اتريون“، ”ڏاکڻيون“ ۽ ”اولاھون“ حصو شامل آھن. اتريون حصو سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آباديءَ وارو علائقو آھي جنھن ۾ ڪيتريون ئي آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ گھڻماڙ عمارتون نظر اينديون. ڏاکڻيون حصو پکيڙ ۾ ٻين حصن کان ڪافي وڏو آھي. شڪاگو جو بندرگاھ بہ ھن علائقي ۾ قائم آھي. شڪاگو ۾ پنڌ ھلڻ لاءِ خوبصورت پيچرا ٺھيل آھن جن جي ٻنھي پاسن تي رنگبرنگي گل، ٻوٽا ۽ وڻ پوکيل آھن. 1916ع ۾ ھن شھر کي پنڌ ھلڻ وارن لاٰٰءِ آمريڪا ۾ ڇھون نمبر سٺو شھر قرار ڏنو ويو[14]. شھر جون اڪثر گھٽيون ڪشاديون ۽ وسيع آھن. ھن شھر کي اھو بہ اعزاز حاصل آھي تہ ھن شھر ۾ دنيا جي سڀ کان ڊگھي شھري گھٽي موجود آھي جنھن کي ”ويسٽرن اوينيو“ (Western Avenue) ڪوٺيو وڃي ٿو.

شڪاگو پنھنجي گھڻ ماڙ عمارتن ۽ بھترين فن اڏاوت سبب سڄي دنيا ۾ مشھور آھي[15]. ھتي ڪيتيون ئي آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ گھڻماڙ عمارتون موجود آھن جن ۾ ”ولس ٽاور“ (Willis Tower)، ”ٽرمپ انٽرنيشنل ھوٽل ۽ ٽاور“ (Trump International Hotel and Tower)، شڪاگو بورڊ آف ٽريڊنگ بلڊنگ، فائن آرٽس بلڊنگ، شڪاگو بلڊنگ، مرچنڊائس مارٽ ۽ ٻيون عمارتون شامل آھن. ھتي ڪيتريون ئي آرٽ گيلريون ڏسڻ لاءِ ملنديون جن ۾ جڳ مشھور آرٽسٽ پنھنجي فن جي نمائش ڪندا رھن ٿا. شھر ۾ ڪيترائي مونيومينٽ، پتلا ۽ مورتيون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون.

شڪاگو جي موسم اونھاري ۾ گرم ۽ گھميل ھوندي آھي. جولاءِ ۾ ھتان جي ڏينھن جو سراسري گرميءَ جو درجو 24.40C يا 75.90F ھوندو آھي. اھو گرميءَ جو درجو ٻنپھرن جي وقت 29.40C يا 850F تائين پھچي سگھي ٿو. اونھاري جي عام ڏينھن ۾ گرميءَ جو درجو گھٽ ۾ گھٽ (900F) 320C تائين پھچي سگھي ٿو. البت جيڪي گھر ڍنڍ جي ڪناري اڏيل آھن تن کي ڍنڍ کان ايندڙ ٿڌي ٿڌي ھوا بھتر ٿڌڪار پئي پھچائيندي آھي. سياري ۾ چڱي ٿڌ پوندي آھي ۽ عام حالتن ۾ گرميءَ جو درجو(360F) 20C تائين ڪري سگھي ٿو.

آدمشماري ۽ مذھب سنواريو

پھرين سو سالن دوران شڪاگو دنيا جي انھن شھرن ۾ شامل ھو جن جي آدمشماري تيزيءَ سان وڌي آھي. 1833ع ۾ ھتان جي رھواسين جو تعداد فقط 200 ھو. فقط ستن سالن اندر شھر جي آبادي وڌي 4000 ٿي وئي. 1850ع کان 1880ع تائين ھن شھر جي آبادي 30000 کان وڌي ڏھ لک تائين پھچي وئي. اوڻويھين صديءَ جي آخر ۾ شڪاگو آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو شھر بنجي ويو. 1950ع تائين ھن شھر جي آبادي 3.5 ملين تائين پھچي وئي.

اوڻويھين صدي جي ٻن ڏھاڪن دوران ھتي وڏي تعداد ۾ يورپ کان لڏي آيل ماڻھو اچي آباد ٿيا. انھن ۾ آئرلينڊ، اٽلي، پولينڊ، جرمني، يونان، بلغيريا، ڪروشيا ۽ ٻين يورپي ملڪن جا ھزارين ماڻھو شامل ھئا. ھتي آفريقي آمريڪي بہ وڏي تعداد ۾ اچي آباد ٿيا. شڪاگو جي ڏاکڻئين علائقي ۾ ڪاري چمڙيءَ وارا آمريڪي وڏي تعداد ۾ آباد آھن. ھتان جي آدمشماري ويھين صديءَ جي آخري ڏھاڪي ۾ گھٽجڻ لڳي. 1950ع ۾ ھتان جي آبادي 3.6 ملين ھئي جيڪا 2010ع ۾ گھٽجي 2.7 ملين ٿي وئي. 2019ع ۾ ھتان جي آباديءَ ۾ 31.7 سيڪڙو اڇي چمڙيءَ وارا غير اسپيني، 32.9 سيڪڙو شيدي، 28.9 سيڪڙو اسپيني ۽ لاطيني ۽ 5.5 سيڪڙو ايشيائي ماڻھو شامل ھئا.

ھتان جي اڪثر آبادي عيسائي مذھب جي مختلف فرقن سان واسطو رکي ٿي. ھتي يھودي، مسلمان، ٻڌ، ھندو ۽ ٻين مذھبن جا ماڻھو پڻ آباد آھن.

معيشت سنواريو

معاشي پيداوار جي لحاظ کان شڪاگو آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ ٽيون نمبر وڏو شھر آھي. 2007ع جي ھڪ سروي مطابق شڪاگو دنيا جو چوٿون نمبر وڏو واپار جو مرڪز آھي[16]. 2014ع ۾ ھي شھر آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ سڀ کان وڌيڪ نيون يا توسيعي ڪارپوريٽ سھوليتون ڏيڻ وارو شھر بنجي ويو[17]. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان واسطو رکندڙ افرادي قوت مھيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھي آمريڪا جو ٽيون وڏو شھر آھي[18]. 2018ع ۾ ھي دنيا جو ڏھون نمبر مالدار شھر قرار ڏنو ويو ھو[19]. ھتي مينوفيڪچرنگ، ڪتابن جي ڇپائي، کاڌ خوراڪ، ھوابازي، زراعت ۽ ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ 500 کان بہ وڌيڪ ڪمپنيون ڪم ڪري رھيون آھن.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "City of Chicago". Geographic Names Information System. United States Geological Survey.  Unknown parameter |entry-url= ignored (مدد)
  2. "2021 U.S. Gazetteer Files". United States Census Bureau. حاصل ڪيل September 6, 2021. 
  3. "QuickFacts: Chicago city, Illinois". United States Census Bureau. حاصل ڪيل August 19, 2021. 
  4. Sandburg, Carl. Monroe, Harriet, وڪي نويس. "Chicago". Poetry. شمارو. 6 (Chicago: Verse). صفحو. 191. حاصل ڪيل April 5, 2019. 
  5. "2020 Population and Housing State Data". United States Census Bureau. حاصل ڪيل August 22, 2021. 
  6. "United States Census Bureau". QuickFacts Chicago city, Illinois. 
  7. "What Were the Largest Cities Throughout History?". ThoughtCo. حاصل ڪيل 2021-12-14. 
  8. Rackl, Lori. "Chicago sets new tourism record with nearly 58 million visitors in 2018 — and the mayor is thrilled". chicagotribune.com. حاصل ڪيل 2021-12-14. 
  9. Krupp, Emma. "Chicago was just voted the 2nd most beautiful city in the world". Time Out Chicago. حاصل ڪيل 2021-12-14. 
  10. Keating, Ann Durkin (2005). Chicagoland : city and suburbs in the railroad age. Chicago: University of Chicago Press. ISBN 0-226-42879-6. OCLC 57577320. https://www.worldcat.org/oclc/57577320. 
  11. Genzen, Jonathan (2007). The Chicago River : a history in photographs. Englewood, CO: Westcliffe Publishers. ISBN 978-1-56579-553-2. OCLC 70659967. https://www.worldcat.org/oclc/70659967. 
  12. "Climate of Chicago - Description, Illinois State Climatologist Office, Illinois State Water Survey, U of I". www.isws.illinois.edu. حاصل ڪيل 2021-12-15. 
  13. "The Elevation of Chicago: A Statistical Mystery". www.chipublib.org. حاصل ڪيل 2021-12-15. 
  14. "Chicago neighborhoods on Walk Score". Walk Score. حاصل ڪيل 2021-12-15. 
  15. Koziarz, Jay. "27 iconic Chicago buildings that everyone should know". Curbed Chicago. حاصل ڪيل 2021-12-15. 
  16. "London named world's top business center by MasterCard - CNN.com". edition.cnn.com. حاصل ڪيل 2022-01-19. 
  17. "Top Metros: Strength in Diversity || Site Selection Online". Site Selection. حاصل ڪيل 2022-01-19. 
  18. "Washington area richest, most educated in US: report" (en-US ۾). 2006-06-08. ISSN 0190-8286. http://www.washingtonpost.com/wp-dyn/content/article/2006/06/08/AR2006060800133.html. 
  19. "City Mayors: Richest cities in the world". www.citymayors.com. حاصل ڪيل 2022-01-19.