شمشاد فارسي ٻولي جو لفظ آهي جنھن کي عربي ۾ بقس يا شمشاد ، ھندي ۾ 'شنشو ۽ لوطوس ۽ انگريزي ۾ باڪس ٽري (انگريزي: Box tree ) سڏيو ويندو آهي. ان جو نباتاتي نالو بڪسس(انگريزي: Buxus) آھي. اھو ھڪ وڏو وڻ ٿيندو آهي. ان جا پن ڏاڙهون جي پنن جهڙا، گل اڇي رنگ جو ۽ ٻج ڪاري رنگ جو ٿئي ٿو. انگريزي ۾ ان جي ڪاٺي کي باڪس ووڊ (انگريزي: Boxwood ) چوندا آهن. ھي وڻ ايشيا ۾ چين ملائيشيا، فلپائن، ڪوريا ۽ جاپان ۾ گھڻو ملندو آهي. ان کان علاوه آفريڪا ۽ اتر آمريڪا جي ملڪن ۾ پڻ ان جون مختلف جنسون ملن ٿيون. ھن وڻ جو عربي ۽ فارسي نالو: شمشاد عام طور تي مردن ۽ عورتن جو اسلامي نالو پڻ آھي. ھن وڻ جي تشبيھ صنوبر جي وڻ سان ڪئي ويندي آهي.

شمشاد
شمشاد وڻ
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): Buxaceae
Genus: Buxus
ڪارل لينيوئس
جنسون

ھن وڻ جون لڳ ڀڳ 70 جنسون ملن ٿيون

بڪسس سيمپرورينس
بڪسس سنيڪا


طب سنواريو

هن جا پن مينديءَ سان ملائي مٿي تي پني ڪري رکائڻ سان گرميءَ کان پيل مٿي جو سور لاهيندا ۽ وارن کي کسجڻ کان محفوظ ڪندا. هن جو ٻج قابض آهي، جيڪو دستن، رت جي دستن، سوري، پيچش، آنڊن ۽ معدي جي رطوبت ۽ وات مان گهڻي پاڻيءَ جي اچڻ لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.