شمس سومرو (انگريزي: Shams Soomro ) (پيدائش: پهرين جون 1954ع – وفات: 13 ڊسمبر 2003ع) سنڌ پاڪستان جو بهترين نثر نويس، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر هو. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري سنڌ جي معياري رسالن ۾ شايع ٿيون. سندس ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن.

شمس سومرو
Shamas Soomro
پيدائش شمس الدين سومرو
جون 01 1954(1954-06-01)

دادو، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 13 ڊسمبر 2003 (عمر 49 سال)

ڪراچي
قلمي نالو شمس سومرو
ڌنڌو ڊاڪٽر، ڪهاڻيڪار، شاعر
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم بي بي ايس
مادرِ علمي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو
صنف ڪهاڻيون مقالا، شاعري
موضوع سنڌي ادب
مُکيه ڪم موهن جو دڙو
ڪينجهر

زندگي جو احوال سنواريو

ڊاڪٽر شمس سومري جو پورو نالو شمس الدين سومرو هو. هيءُ پهرين جون 1954ع تي دادو ضلعي جي دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس پورو نالو شمس الدين ولد غلام حيدر سومرو هو. پرائيمري کان هاير سيڪنڊري تائين تعليم دادو ۾ حاصل ڪيائين. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ڊاڪٽري جي پيشي سان وابسته رهيو.بعد ۾ دادو ڇڏي ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. شمس سومرو 1970ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي.سندس ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع آهن. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻن سالن لاءِ مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي به رهيو. [1][2]

ڪتاب سنواريو

سندس شايع ٿيل ڪتاب “موهن جو دڙو” ۽ “ڪينجهر” سندس اهم ادبي ڪم ۾ شمار ٿين ٿا.

وفات سنواريو

شمس سومرو 13 ڊسمبر 2003ع ۾ ڪراچي ۾ لاڌاڻو ڪري ويو.

حوالا سنواريو

  1. Poets and writers | Aziz Kingrani
  2. "شمس سومرو ڊاڪٽر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-08-21.