شريا گهوشال

هندستاني پردي پويان ڳائڻي

شريا گهوشال (پيدائش: 12 مارچ 1984) ڀارتي پلي بيڪ ڳائڻي آهي. هن اردو ۽ هندستاني کانسواءِ ڪيترن ئي ٻين هندستاني ٻولين کي پنهنجي راڳ سان مالامال ڪيو. 2002ع، 2005ع، 2007ع، 2008ع سالن ۾ هن کي نڀارتي سرڪار جي قومي فلمي اعزازن سان نوازيو ويو آهي. هن کي چار قومي فلم ايوارڊ، چار ڪيرالا اسٽيٽ فلم ايوارڊ، ٻه تامل ناڊو اسٽيٽ فلم ايوارڊز، ست فلمي ايوارڊز ملي چڪا آهن، جن ۾ ڇھ بهترين ناري پلي بيڪ راڳي ۽ ڏهه فلم فيئر ايوارڊز سائوٿ شامل آهن. هن مختلف هندستاني ٻولين ۾ فلمي گيت ۽ البمز لاءِ گانا رڪارڊ ڪيا آهن ۽ پاڻ کي ڀارتي سينيما جي هڪ معروف پلي بيڪ راڳي طور مڃرايو آهي. گهوشال ننڍڙي ڄمار ۾ ئي پلي بيڪ ڳائڻي بڻجڻ جي خواهش رکندي هئي. چار سال جي عمر ۾، هن راڳ ڳائڻ سکيائين، ڇھ سال جي عمر ۾، ھن ڪلاسيڪي راڳ جي باقاعدي تربيت شروع ماڻڻ شروع ڪئي. سورنھن سال جي عمر ۾، ھن کي فلم ميڪر سنجي ليلا ڀنسالي جي ماءُ ھن کي ان وقت ڏٺو جڏھن ھيءَ ٽيليويزن جي راڳ ڳائڻ واري ريئلٽي شو ساري گاما ۾ ڳائيو پئي ۽ اھو شو ھن کٽي ورتو ھيو. انکانپوءِ، ھن ڀنسالي جي ٺاھيل رومانٽڪ ڊرامو فلم ديوداس (2002) سان بالي ووڊ جي پلي بيڪ ڳائڻي طور شروعات ڪئي، جنھن فلم لاءِ ھن کي ھڪ قومي فلم فيئر ايوار، بھترين ناري پلي بيڪ ڳائڻي لاءِ فلم فيئر ايوارڊ ۽ نئون راڳ ٽيلنٽ جي لاءِ فلم فيئر آر ڊي برمن ايوارڊ مليو.

شريا گهوشل Shreya Ghoshal

سال 2015 ۾ گهوشل 62 هون فلم فيئر ايوارڊز ڏکڻ جي تقريب ۾
پيدائش مارچ 1984 (عمر 39–40 سال)
برهامپور، اولھ بنگال، انڊيا[1]
قوميت هندستاني
مادر علمي ايس آءِ اي ايس آرٽس، سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج
پيشو * پلي بيڪ راڳي
سَرگَرمُ سالَ سال 1998 –کان هينئر تائين
جيون ساٿي شيليدتيا مکوپاڌايا (ش. 5 فيبروري 2015)
اعزاز هيٺ ڏسو
'Musical career'
صنف
اوزار سُرَ (ووڪلز)
Labels آزاد آرٽسٽ
سڃاڻپ نشان
ويب سائيٽ
www.shreyaghoshal.com
فائل:Shreya Ghoshal 1.jpg
شريا گهوشال

پلي بيڪ گانو کانسواءِ، گھوشال ڪيترن ئي ٽيليويزن ريئلٽي شوز ۾ جج طور شامل ٿي ۽ ھيءَ ميوزڪ وڊيوز ۾ پڻ ڪم ڪندي آھي.ھيءَ سموري دنيا ۾ ميوزيڪل ڪنسرٽس ۾ پرفارم ڪندي آھي. ھن کي گڏيل آمريڪي رياستون آمريڪا جي رياست اوھائيو طرفان اعزاز سان نوازيو ويو، جتي گورنر ٽيڊ اسٽرڪلينڊ 26 جون 2010 تي "شيريا گوشل ڊي“ طور ھن لاءِ ڏينھن ملھائڻ جو اعلان ڪيو ھيو اپريل 2013 ۾، برطانيا جي ھائوس آف ڪامنز جي چونڊيل ميمبرن وسيلي ھن کي لنڊن ۾ اعزاز سان نوازيو ويو. ھيءَ پنج ڀيرا فوربس جي فھرست ۾ ھندستان جي 100 مشھور ماڻھن جي فھرست ۾ پڻ شامل ھئي.2017 ۾، گھوشال جو ميڻ سان ٺھيل مجسمو مادام توسوڊس ميوزيم ۾ رکيو ويو، جنھنڪري گھوشل پھرئين ھندستاني راڳي بڻجي وئي جنھن جو ميڻ وارو مجمسو ان ميوزم ۾ رکيو ويو.

گلوبل انڊين فلم ۽ ٽيليويزن اعزاز 2012 ۾ شريئا گهوشل
21 آڪٽوبر، 2009 تي نئي دهلي ۾، 55 هين قومي فلم ايوارڊ تقريب ۾، هندي فلم جب وئي ميٽ لاءِ، شريا گهوشال، کي صدر، شريمتي پرتڀا ديويسنگھ پاٽل بهترين ناري پلي بيڪ ڳائڻي جو ايوارڊ ڏئي رهي آهي

.

ايوارڊَ سنواريو

شرييا گهوشال کي مليل اعزازن جي فهرست

گهوشال 2012ع ۾ تيرهين آءِ آءِ ايف اي (آئيفا) ايوارڊز جي موقعي تي، جنهن ۾ هن کي باڊي گارڊ فلم جي گانو تيري ميري ڪهاني لاءِ بهترين پس پردا ڳائڻي جو آءِ آءِ ايف اي اعزاز سان نوازيو ويو.

اعزاز حاصل ٿيل نامزد
قومي فلمي اعزازَ
4 N/A
فلم فيئر اعزازَ
6* 20
فلم فيئر ايوارڊ ڏکڻ
9 36
آءِ آءِ ايف اي اعزاز
7 20
Guild Awards
4 16
مرچي ميوزڪ ايوارڊ
3* 13
اسڪرين ايوارڊ
6 12
زي فلم اعزاز
7 17
* هڪ کان وڌيڪ ڀيرا زمري ۾ اعزازَ حاصل ڪيا
ڪُل
حاصل ٿيل اعزاز 112
نامزد 269

حوالا سنواريو

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو