شرم ٻوٽي هيءَ ٻوٽي جنهن کي شرم ٻوٽڙي به چوندا آهن، سا باغن ۾ عام آهي. دکني ٻوليءَ ۾ لاجائو يا لاجاري چونس ٿا، هندستانيءَ ۾ ڇُئُي مئي چوندا اٿس، يعني جا ڇُهڻ سان مري. انگريزي رواجي نالو ٽَچ مي ناٽ (يعني متان مون کي ڇهين) اٿس، سينسٽوهه پلانٽ (يعني اوڀڙ جنهن کي هٿ لائڻ سان خبر پوي). ڪتابي نالو مِموسا اٿس.

Mimosa pudica folding leaflets inward.

شرم ٻوٽي
Mimosa pudica showing flower head and leaves
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: Plantae
(unranked): Angiosperms
(unranked): Eudicots
(unranked): Rosids
ترتيب: Fabales
خاندان: Fabaceae
ذيلي خاندان: Caesalpinioideae[1]
(unranked): Mimosoid clade[1]
نسل: Mimosa
جنس: M. pudica
حياتياتي نالو
Mimosa pudica
L.[2]

هن جا پن سنهڙا ٿيندا آهن. هي ول جهڙو ننڍو ٻوڙو آهي. ننڍڙا گلابي رنگ جا گل ڪندو آهي ۽ هميشھ گل ٿيندا رهندا اٿس. ٻج گهڻو پيدا ڪندو آهي جو پوکڻ ۾ ايندو آهي. انهيءَ جي خاصيت اها آهي ته هٿ لڳندس ته پن توڙي سنهڙيون ٽاريون ڪومائجي لڙڪي پونديون. ٿوري کان پوءِ وري اٿنديون ۽ کڙيون ٿي بيهنديون.هن جا چار پنج قسم آهن.[3]

Mimosa pudica flower from Thrissur, Kerala, India
Flower
The whole plant of Mimosa pudica includes thorny stem and branches, flower head, dry flowers, seed pods, and folded and unfolded leaflets

طب سنواريو

شرم ٻوٽي (نالا: ع. لجالو، ف. درخت مها، هه. وغيره___ ڇوئي موئي، طرشولي ۽ لاجونتي.)

اثر: سرد تر 2، نقصان: ٻرهل کي، ميل: ماکي، عيوض: ___-، وزن: ٻه ماسا.

سڃاڻپ: مشهور ننڍو ٻوٽو آهي، جيڪو باغن ۽ پاڻيءَ جي جاين تي پيدا ٿيندو آهي. هن جا پن ٻٻر جي پنن جهڙا ٿيندا آهن، هن کي هٿ لائبو ته يڪدم ڪومائجي ويندي.

خاصيت: گهوٽي پيارڻ سان حيض جاري ٿيندو. مئل ٻار پيٽ مان نڪري ايندو. بلغم ۽ سودا کي پچائي، دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندو، جگر جي سدن، جذام، آتشڪ، داءِ الفيل، ناسورن ۽ پراڻن ڦٽن لاءِ مفيد آهي.[4]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 The Legume Phylogeny Working Group (LPWG). (2017). "A new subfamily classification of the Leguminosae based on a taxonomically comprehensive phylogeny". Taxon 66 (1): 44–77. doi:10.12705/661.3. http://www.ingentaconnect.com/contentone/iapt/tax/2017/00000066/00000001/art00004. 
  2. سانچو:GRIN
  3. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن: 1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو۔
  4. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو