شائينا نانا چوداساما

ڀارتي فيشن ڊزائنر

شائينا نانا چوداساما هڪ هندستاني فيشن ڊزائنر، سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن آهي، سندس جنم 1 ڊسمبر 1972 تي ٿيو هيو. شائينا اين سي جي نالو سان هيءَ گهڻو مشهور آهي، سندس تعلق ممبئي کان آهي. هيءَ هڪ اڳوڻي ​​شيرف (پوليس واري) جي ڌيءُ آهي. شائينا هندستاني فيشن انڊسٽري سان ساڙي (ساڙهي) جي مختلف طريقن سان پائڻ جي ڪري مشهور آهي، اهو ئي سبب آهي تہ کيس 'ڪوئیي آف ڊريپس' جو لقب مليو آهي. هن ساڙي ٻڌڻ جا 54 طريقا متعارف ڪرايا آهن. سندس نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪاڊ ۾ تيز ترين ساڙهي ٻڌڻ جي سبب سان شامل ٿيو آهي. هيءَ 2004 ۾ سياست ۾ داخل ٿي، ۽ ڀارتيا جنتا پارٽي (پي جي پي) ۾ شامل ٿي. هيءَ بي جي پي جي قومي ترجمان، بي جي پي جي قومي ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبر ۽ بي جي پي جي مهاراشٽرا يونٽ جي خزاچي جي عهدن تي رهي آهي. شائنا پنهنجي چيريٽي فيشن شوز ۽ ٻن اين جي اوز 'آءِ لو ممبئي' ۽ 'جينٽس انٽرنيشنل' جي ذريعي پڻ سماجي ڪمن ۾ شامل آهي. هڪ زائفان سياستدان جي حيثيت سان، هيءَ گهڻي ريت ٽيليويزن بحثن ۾ بي جي پي جي نوجوان ۽ ناري ساٿي چهرو جي طور سامهون آڻي ويندي آهي.

شائينا نانا چوداساما

شائنيا اين سي مارچ 2011 ۾
بي جي پي جي اسپوڪس پرسن
دفتر سنڀاليو
سال 2012
ذاتي تفصيل
پيدائش شائنيا نانا چوداساما
ڊسمبر 1972 (عمر 51 سال)[lower-alpha 1]
بمبئي, مهاراشٽر, انڊيا (اڄ-ڪلهه ممبئي, مهاراشٽرا)
قوميت انڊين
سياسي جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي
جيون ساٿي منيش منوت
ٻار ٻچا شانائيا منوت
ايان منوت
ماءُپيءُ نانا چوداساما
منيرا نانا چوداساما
رهائش ممبئي
مادر علمي سينٽ زاويرس ڪليج، ممبئي
ايف آءِ ٽي, نيو يارڪ
پيشو فيشن ڊزائنر, سياستدان, سوشل ورڪر
مذهب جين ڌرم ان کان اڳ اسلام ۽ هندومت

ذاتي زندگي سنواريو

شائينا 1 ڊسمبر 1972 تي بمبئي (هاڻي ممبئي) جي مالابار هِل ۾ نانا چوداساما ۽ منيرا چوداساما جي گهر ۾ جنم ورتو هيو. هن پاران سال 1989 ۾ ڪوئين ميري اسڪول ، بمبئي کان تعليم حاصل ڪئي.[1] ۽ 1993 ۾ سينٽ زاويرس ڪاليج، بمبئي کان پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلرآف آرٽس جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس. [1] جڏهن هيءَ ڪاليج هئي تہ وڪيل بڻجڻ چاهيندي هئي، پر هيءَ فيشن ڊزائننگ ڏانهن گهڻو دلچسپي وٺڻ اهو ئي ڪارڻ آهي تہ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ، هن پاران فيشن انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، نيویارڪ منجهان فيشن ڊزائننگ ۾ اسوسيئيٽ ڊگري حاصل ڪئي آهي. شائينا جو پيءُ ناناچوداساما، بمبئي جو اڳوڻو​ ​شيرف (پوليس اهلڪار) آهي.سندس پيءُ سوراشٽر سان تعلق رکندڙ هڪ هندو راجپوت آهي، جڏهن تہ سندس ماءُ دائودي بوهرا مسلم خاندان منجهان آهي. سندس ڀيڻ جي شادي هڪ مسلمان مرد سان جڏهن تہ سندس پنهنجي شادي مارواڙي جين ماڻهوءَ سان ٿيل آهي. مختلف مذهبي گهراڻن ۽ برادري جو حصو هجڻ جي سبب، سندس ڪٽنب پريوشن، ديواليي، عيد ۽ ڪرسمس جهڙا سمورا مذهبي ميلا ملهائيندو آهي.[2] [3] شائينا جي شادي منيش منوت سان ٿي هئي هي ءَ هڪ ڀيرو ان سان اسڪول ۾ ان مهل ملي هئي جڏهن هيءَ تيرنهن سال ڄمار جي هئي ۽ ڇهہ سال جي تعلق کانپوءِ ٽيويهہ سال جي عمر ۾ ان سان شادي ڪري ڇڏيائين. شائينا پنهنجي پيشي، سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ چڱي طريقي سان حصو وٺڻ ۾ ڪامياب آهي. هوءَ ممبئي ۾ پنهنجي ڪٽنب ۽ ٻن ٻچن، شانيا ۽ ايان سان گڏ پنهنجي مڙس سان رهندي آهي.[4]

ڪيريئر سنواريو

شائينا فيشن ڊزائن سان گڏوگڏ سياست ۾ پڻ پنهنجو ڪيريئر بڻائي رهي آهي. سندس مطابق فيشن ڊزائن سندس پيشو آهي جڏهن تہ سياست سندس جون جنون آهي. [5]

حوالا سنواريو


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو