سيڙھ (ٻيا نالا: ع. دلع، ف: خارپشت، ھ. وغيره سينوه، شاڪره ۽ شال سئي، انگريزي :Porcupine) کير ڏيندڙ يا پياريندڙ جانور آهي جيڪو 25 کان 30 انچ ڊگھو ٿئي ٿو. هن جو پڇ ننڍڙو يعني 4 کان 5 انچ ٿيندو آهي. پٺيءَ تي اڇا ڪارا ڊگھا ڪنڊا هوندا اٿس. جن جي نوڪ سفيد هوندي آهي. پر مجموعي طور تي ان جي پُٺي ڪاري آهي. ڪنڌ تي کُهرن ڪنڊيدار وارن جي جھنڊ هوندي اٿس. ان جون اکيون ننڍڙيون، ڪَنَ ننڍڙا، چنبا مضبوط، پير ۽ ٽنگون ڪاريون، ڳچيءَ هيٺان اڇو پٽو ۽ اٿس. سيڙھ جي نر کي سيڙهو سڏبو آهي.[2]

سيڙھ
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Hystrix
جنس: Template:Taxonomy/Hystrix{. indica
حياتياتي نالو
Hystrix indica
Kerr, 1792

رهائش ۽ کاڌ خوراڪ سنواريو

سيڙھ دڙن، پوٺن يا ڪنڌين تي اونهو ٻِر کوٽي ٿي جنهن ۾ گھڻيون گھٽيون ۽ نڪرڻ لاءِ دروازا هوندا آهن. سيڙھ ڏينهن جو بِر ۾ رهندي آهي، رات جو نڪرندي آهي. وڻن جا ڇوڏا، ڳنڍدار پاڙون ۽ فصلن سميت ٻي نباتات به کائي ٿي. پٺيءَ جا ڪنڊا خطرناڪ جانوارن کان بچاءُ لاءِ اٿس. خوف خطري مهل ڪنڊا کڻي اُڀا ڪندي آهي ۽ دشمن کي پٺي ڏيئي بيهندي آهي. سيڙھ جو ڪنڊو ان جو جسم مان سولائيءَ سان ڌار ٿي دشمن کي چڀندو آهي.

نسل جي واڌ ويجھ سنواريو

سيڙھ 6 کان 8 هفتا پيٽ ڪري ٿي ۽ هڪ کان چار ٻچا ڏئي ٿي. انجي ٻولي رابطي خاطر هوندي آهي ۽ اها هڏڪار يا گرڪاٽ ڪندي آهي.

طب سنواريو

هن جو گوشت سنڌن جي سور، نقرس ۽ چيلھ جي سور لاءِ مفيد آهي. هن جو رت ڪوڙه، چٽي ۽ ڇانئن جي داغن تي فائدو ڪري ٿو.[3]

گيلري سنواريو

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. سانچو:IUCN2008
  2. "سيڙهه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-10-21. 
  3. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.