سيف سميجو

پاڪستاني بينڊ دي اسڪيچس جو باني ۽ سرواڻ ڳائڻو (گلوڪار)

سيف سميجو (انگريزي ٻولي: Saif Samejo) (پيدائش:23 جنوري 1984) هڪ موسيقار،[1] گيت لکندڙ ۽ پاڪستاني صوفي، لوڪ بينڊ دي اسڪيچس جي اڳواڻي ڪندڙ راڳي (ڳائڻو) سميت باني آهي. مئي 2014 ۾ هن حيدرآباد، سنڌ ۾ پهريون ميوزڪ آشرم (اسڪول) کوليو، جنهن جو نالو "لاهوتي ميوزڪ آشرم" آهي.[2] [3] هن ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ داستان مومل راڻو تي موسيقي تيار ڪئي آهي..[4]

سيف سميجو

اپريل 19، 2015۔ سيف سميجو، ميوزڪ ميلو، اسلام آباد ۾ پنهنجي بينڊ دي سڪيچيس سميت پرفارم ڪري رهيو آهي.
پس منظري معلومات
پيدائشي نالو سيف سميجو
پيدائش جنوري 1984 (عمر 40 سال)
خيرپور، سنڌ، پاڪستان
تعلق ڄامشورو, سنڌ
صنف صوفي لوڪ پاپ راڪ
پيشا ڳائڻو
اوزار گٽار
سرگرم سال سال 2003 – هينئرتائين
Labels فائر ريڪارڊز, لاهوتي رڪارڊز
Associated acts دي سڪيچيس
ڪوڪ اسٽوڊيو
جونو مانسن
لاهوتي لائيو سيشنز
ويبسائيٽ www.saifsamejo.com

شروعاتي جيون ۽ تعليم سنواريو

سيف سميجو 23 جنوري 1984 تي خيرپور، سنڌ ۾ پيدا ٿيو هو. هن سنڌ يونيورسٽي منجهان انگريزي ادب ۾ بيچلرز جي تعليم ماڻي آهي.

ميوزڪ ڪيريئر سنواريو

مستقل مزاجي سان دي اسڪيچس جا گيت جهڙوڪ ننڊ نشي ويچ، راڻو، رات، مين صوفي هون، مينا نہ رُڳو سنڌ ۾ پَر پوري پاڪستان ۾ مقبول هٽ ٿيا. ويجهر ۾ هڪ نئون ميوزڪ البم تون (انگريزي: يُو)[5] ۽ هڪ نئون گانو جوڳي لائونچ ڪيو ويو آهي..[6] سيف موسيقيءَ ۾ اصل راجسٿاني تڙڪو پيش ڪرڻ لاءِ مائي ڌائي سان ملي ڪري گانا ڳايا آهن،[7] انکانسواءِ سندس ويچارَ هيا تہ لاهوتي ميوزڪ آشرم وسيلي ٻين فنڪارن سان گڏ پڻ تعاون ڪيو وڃِي.[8]

لاهوتي سڌوسنئون سيشن سنواريو

لاهوتي لائيو سيشن سيف سميجو پاران جون 2013 ۾ شروع ڪيو ويو، جيڪا هڪ هفتيوار سرگرمي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا مختلف موسيقار سڌوسنئون (براهہ راست، لائيو) ميوزڪ ڳائڻ جي لاءِ سميجو جي ٺِڪاڻي تي گڏ ٿيندا آهن. ان تحت پيش ڪيل پرفارمنس جا آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊ ڪري سماجي ذريعن (سوشل ميڊيا) تي جاري ڪيا ويندا آهن.

سميجو پاڻ ڄامشورو ۾ هڪ راڪ بينڊ دي سڪيچز جو سرواڻُ آهي، ۽ وڏي وقت کان لاهوتي سيشن ڪرڻ چاهيائين. ثقافتي بچاءُ جي لاءِ لاهوتي جي سڌو سنئون (لائيو، براهہ راست) سيشن جي انتهائي ڪچي شڪل ۾ سندس خواب سچ ٿئي ٿو..[9] سميجو جو چوڻ آهي تہ، "منهنجو مقصد نہ صرف اهو هيو تہ انهن راڳين (موسيڪارن) کي رڪارڊ ڪجي، پر اعليٰ آوازي (صوتي) ۽ تصويري معيار ۾ ائين ممڪن بڻائڻو هيوتہ انهن کي سوشل ميڊيا تي پڻ اوتري ئي سُٺي انداز ۾ پيش ڪري سگهجي.".[10]

لاهوتي لائيو سيشنز وسيلي اَٽِڪَل 50 مختلف لوڪ ڳائڻن کي رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي ڳايل گيتن کي جاري ڪيو ويو آهي ۽ انهن منجهہ ڪيترائي فنڪار پهرئين ڪڏهن بہ ڪيمرا سامهون يا رڪارڊنگ ۾ ناهين آندا ويا..[11] ڪُجھ نمايان فنڪارن ۾ مائي ڌائي، ذوالفقار فقير، اريب اظهر، بينڊ بيل، ٺٽو سان واسطو رکندڙ ٻہ چنگ وڄائيندڙ - علي محمد ۽ فيروز رانجهو، مانجهي فقير، طالب طلاري، مائي هنجو ۽ محمد حسن شامل آهن.

لاهوتي ميوزڪ آشرم سنواريو

لاهوتي اسڪول آف ميوزڪ، اصل ۾ لاهوتي لائيو سيشنز جو واڌارو (ايڪسٽينشن) آهي جيڪي ديسي موسيقي اوزارن ۽ سازن جي بچاءَ (تحفظ)، تعارف سميت سيف طرفان شروع ڪيو ويو.[12] لاهوتي ميوزڪ اسڪول جي نالي سان واڳيل لاهوتي ميوزڪ آشرم حيدرآباد ۽ ڄامشورو ۾ پهريون ميوزڪ اسڪول آهي جنهن جي مهورت (افتتاح) مئي 2014 ۾ ڪئي وئي. اسڪول ۾ ڇٽيھ ڪلاڪ جي ميوزڪ سکڻ جا ماڊيول پيش ڪيا ويندا آهن، جِن ۾ ڪيبورڊ، گيٽار، باس گٽار ۽ دهل سميت اولهہ جا موسيقي اوزار ۽ ديسي موسيقي اواز جهڙوڪ چنگ، بوڻينڊو، شهنائي، تنبورو، سارنگي، نار، سِتار، بانسري ۽ ڍولڪ/ طبلو سميت ٻيا اوزار پڻ پيش ڪيا ويندا آهن.,[13] انکانسواءِ اُهي شاگرد جيڪي موسيقي جي تياري واري ميدان ۾ دلچسپي رکندا آهن تِن کي پڻ پنهنجي صلاحيتن (اسڪلز) کي ڪمِ آڻن لاءِ اسٽوڊيو جون سهوليتون ڏنيون وينديون آهن..[14]

ڊسڪوگرافي سنواريو

البمز

ميوزڪ وڊيو ۽ سنگلز

سانچو:The Sketches

حوالا سنواريو

  1. "Saif Samejo". IMDb. حاصل ڪيل 2019-11-07. 
  2. Mahmood, Rafay. "Music along the Indus: Jamming in Jamshoro". 
  3. Sabeeh, Maheen. "The mystic might of Saif Samejo". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2019-11-07. 
  4. "Dastaan-e-Moomal Rano - Episode 5 - Season 11 - Coke Studio Pakistan". www.cokestudio.com.pk. حاصل ڪيل 2019-11-07. 
  5. "The Sketches album ‘You’ is a worth-taking journey from Jamshoro to New Mexico". The Express Tribune. April 22, 2016. http://tribune.com.pk/story/1089908/the-sketches-album-you-is-a-worth-taking-journey-from-jamshoro-to-new-mexico/. Retrieved 10 May 2016. 
  6. "Did you know?: Jogi by The Sketches bags nomination at New Mexico Music Awards". The Express Tribune. http://tribune.com.pk/story/695926/did-you-know-jogi-by-the-sketches-bags-nomination-at-new-mexico-music-awards/. Retrieved 10 May 2016. 
  7. "Lahooti Live Sessions: Traditional music in its purest form". The Express Tribune. 
  8. "The Sketches collaborate with Mai Dhai". The Express Tribune. September 23, 2015. http://tribune.com.pk/story/962194/the-sketches-collaborate-with-mai-dhai/. Retrieved 10 May 2016. 
  9. Mahmood, Rafay. "Lahooti Live Sessions: Traditional music in its purest form". 
  10. Mahmood, Rafay. "Music along the Indus: Jamming in Jamshoro". 
  11. Ansar, Hasan. "Exploring Sindh beyond the cliché of folk music". 
  12. "Musicians: Surreal beginnings". The Express Tribune. 
  13. "Resonance of heritage: Sindhi musicians willing to give away life for Sur". The Express Tribune. http://tribune.com.pk/story/640176/resonance-of-heritage-sindhi-musicians-willing-to-give-away-life-for-sur/. Retrieved 12 May 2016. 
  14. "Music along the Indus: Jamming in Jamshoro". The Express Tribune. 
  15. www.amazon.com https://www.amazon.com/gp/product/B06Y2FD2XN/ref=dm_ws_sp_ps_dp. حاصل ڪيل 2019-11-07.  Missing or empty |title= (مدد)

ٻاهِريان ڳنڍڻا سنواريو