سيد پير گاجي شاھ (انگريزي: Syed Pir Gaji Shah) (پيدائش:1027ھ، بمطابق 1628ع – وفات:1102ھ، بمطابق1691ع) المعروف پير گاجي شاھ گنج بخش سنڌ جو وڏو بزرگ ولي اللہ آهي۔ پاڻ ننڍ پڻ ۾ والد سان گڏ اچ شريف کان سنڌ آيا۔ ميان نصير محمد ڪلھوڙو جا قريبي ساٿي ۽ سپه سالار رهيا۔[1]

سيد گاجي شاهه
اردو: سید گاجی شاہ

سید پير گاجي شاھ جو مزار
مذھب اسلام
سلسلو علي
ٻيو نالو گاجي شاهه
ذاتي وضاحت
جنم 1027ھ بمطابق 1628عاچ
موت 1102ھ بمطابق 1691ع
آخري آرامگاهه سنڌ، پاڪستان
وڌيڪ ڄاڻ
شهر سيوھڻ شريف
خطاب گنج بخش
دور مغلن جو دور
سید پير گاجي شاھ جي مزار جو ٻاهريون منظر

ولادت سنواريو

سيد پير گاجي شاھ جي ولادت 1027ھ، بمطابق1628ع ۾ مغل شهنشاھ شاهجهان جي دور ۾ ٿي. سندس حسب نسب سيد هجڻ جي نسبت سان حضرت علي عليه السلام سان ملي ٿو.

زندگي جو احوال سنواريو

سيد پير گاجي شاھ المعروف گاجي شاھ گنج بخش جو اصل نالو غازي شاھ هو جيڪو عام لهجي ۾ گاجي شاھ بڻيو. پاڻ ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد سيد احمد شاھ سان گڏجي اچ شريف مان آيا. سندن والد دادو ضلعو جي جوهي تعلقو ۾ ٽنڊي رحيم خان واري علائقي ۾ دلشاد کوسي جي والد وٽ قيام پذير ٿيا. ان وقت جوهي، ٽنڊو رحيم خان، گرانڊي، هليلي، ٽوڙي، ڇني ۽ واهي کوسن جي علائقي ۾ شامل هئا. سندن سردار روحل کوسو هو جنهن جي مزار جوهي شهر کان اولهه-ڏکڻ ۾ بچاءُ بند سان لڳ ڪاڇي ۾ آهي. کوسن جو وڏو اثر رسخ هو ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ميانوال تحريڪ جا حامي هئا. سندن والد ڪجهه وقت قيام کان پوءِ حج جو ارادو ڪيو ۽ دلشاد کوسي جي والد کي چيائون ته مان حضرت بلاول شاھ نوراني جي زيارت کان پوءِ حج تي وڃڻ ڇاهيان ٿو پر معصوم سيد غازي شاھ سفر ڪري سگهي يانه. تنهن تي دلشاد کوسي جي ماءَ راڻي چيو ته تون مرشد آهين معصوم سيد جي سار سنڀار مان ڪنديس. سيد احمد شاھ حج تي هليو ويو ۽ واپس نه موٽو. اهڙي طرح معصوم سيد غاري شاهه هت ئي رهيو. ننڍپڻ ۾ ڪرامتون ۽ سندس شجاعتون مشهور ٿيڻ لڳيون. سيد پير گاجي شاھ بزرگ هستي طور مشهور ٿيو ۽ سندس پذيرائي ۽ پيري مريدي جو دائرو وڏڻ لڳو. نه صرف کوسا قبيلو سنندس مريدي ۾ شامل ٿيا پر ٻيا قبيلا به سندس مريديءَ جي حلقي ۾ شامل ٿيا. سندس حيثت ۽ اثر رسوخ کي ڏسي ميان نصير محمد ڪلهوڙو به سندس عزت ۽ قدر ڪرڻ لڳو ۽ کيس سپه سالار بڻائي ٽنڊي رحيم لڪ تي مقرر ڪيو هو[2] جتان خان آف قلات مير احمد اول (1695ع-1666ع) جي سنڌ تي حملن جو خطرو رهندو هو. سيد پير گاجي شاھ جي اهميت. عظمت ۽ بزرگانه شجاعت کي ڏسندي سندس نالو ڪلهوڙن جي آزي ۾ شامل ڪيو ويو.[3]

لقب سنواريو

سيد پير گاجي شاھ کي مريدن ۽ عقيدت مندن طرفان گنج بخش، ڌؤنڪ جو ڌڻي ۽ جنات جو بادشاھ جا لقب مليل هئا. پير سيد گاجي غريب نواز هو. سندس لنگرهروقت هلندو هو جنهن ۾ اڪثر روٽ کارايا ويندا هئا. اٽي پيهڻ لاءِ جانڊھ به هوندو هو. جانڊھ اڄ به سندس مزار وٽ پيل آهي. لنگر خاني سبب کين گنج بخش جو لقب مليو. اڄ به تبرڪ طور گاجي شاھ جا روٽ ورهايا ويندا آهن. ڌؤنڪ جي ماٿري جيڪا چشمي جي پاڻي واري واهي تي آباد ٿيندي هئي ۽ ان جي پيداوار سندس لنگر خاني جي حوالي هوندي هئي. ان ڌؤنڪ ماٿري جي ڌڻيءَ جو کين لقب ڏنو ويو. سيد پير گاجي شاهه جي قبضي ۾ جنات هوندي هئي. انڪري کين جنات جي بادشاھ جو لقب مليو.

سماع جو شوق سنواريو

سيد پير گاجي شاھ کي سماع جو شوق هوندو هو. سرندي جو ساز کيس پسند هو. وٽس علائقي جا سرنده نواز گڏ ٿيندا هئا ۽ سماع جي محفل منعقد ٿيندي هئي. سماع جي محفل جو سحر ۽ جنون هر ماڻهو تي طاري ٿي ويندو هو. اڄ به سرندي جو ساز درگاھ تي وڄايو ويندو آهي. جنن جي متاثرين جي جن ڪڍڻ لاءِ به سرندي جو ساز وڄايو ويندو آهي ۽ جنن کي گاجي شاھ جي ڊوهي وجهي هڪاليو ويندو آهي ۽ تبرڪ جو پيالو پياريو ويندو آهي. سماع کا شوق

 
سيد پير گاجي شاھ جي تربت مٿان ڇٽيءَ جو ڏيک

مزار سنواريو

سيد پير گاجي شاح جي مزار هڪ مسجد جي احاطي ۾ هڪ بلند ٽڪريءَ تي موجودآهي. مزار جي ديوارن تي چٽسالي پڻ ٿيل هوندي هئي جيڪا هر سال مرمت جي ڪري ميسارجي وئي آهي. مزار جي سار سنڀال کوسا قبيلي جي حوالي آهي. سيد پير گاجي شاھ جا گادي نشين پڻ کوسا آهن جيڪي پاڻ کي فقير سڏائن ٿا. گاجي شاھ جي مزار طرز تعمير جو اعلى نمونو آهي.

ڪرامتون سنواريو

سيد پير گاجي شاھ جون ڪيئي ڪرامتون بيان ڪيون وڃن ٿيون. سندس اهم ڪرامت بيان ڪئي ويندي آهي ته ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان هوندا هئا گاجي شاھ ڪرامت سان جبلن مان چشمو وهايو جيڪو “بنجو” آبشار جي صورت ۾ وهڻ لڳو. پيئڻ کان علاوه ماڻهو ان تي پوکي راهي ڪرڻ لڳا. اها پاڻيءَ جي واهي اڄ به وهندڙ آهي.

منسوب ماڳ سنواريو

هن علائقي ۾ سيد پير گاجي شاھ سان ڪيترائي ماڳ منسوب آهن. انهن ۾ بُنجو“ آبشار، گورانڊي وارو جنڊ ۽ نئي نلي ۾ ڪيترائي ڪنب شامل آهن جيڪي گاجي شاھ سان منسوب ٿيل آهن.

شهادت سنواريو

خان آف قلات جي حامين ٽنڊي رحيم خان لڳ کيرٿرجبلن ۾ گري لڪ وٽ حملي لاءِ شورش پيدا ڪيو. سيد پير گاجي شاھ پنهنجي حامين سان سندن مقابلو ڪيو. مقابلو ڪندي سن 1102ھ، بمطابق1691ع ۾ شهادت جو جام نوش ڪيائون.

عرس مبارڪ سنواريو

سيد پير گاجي شاهه جو عرس مبارڪ هر سال ڊسمبر مهيني جي آخر ۾ يا جنوري ۾ منعقد ٿيندو آهي. سنڌ توڙي پاڪستان جي ٻين صوبن منجهان مريد، عقيدتمند ۽ زائرين گڏ ٿيندا آهن ۽ عقيدت جا گل نڇاور ڪندا آهن.

حوالا سنواريو