حضرت محمد صلي الله عليه وآله جن جي نياڻيءَ بي بي فاطمته الزھرا ۽ جناب مولا عليءَ جي اولاد کي سادات يا اھليبت سڏيندا آھن. اُھي حسني يا حسيني آھن. جڏھين چنگيز خان مغلن وچ ھندستان ۾ ظلم ٻاري ڏنو ھو، تڏھين گھڻا سيد لڏي سنڌ ۾ آيا ۽ سيوھڻ ۽ بکر ۽ ٺٽو ۾ آباد ٿيا. ايران ۽ ٻين پاسن کان به گھڻا ئي سادات لڏي آيا. انھن جو احوال جدا جدا شھرن ۾ ڏنو ويو آھي. سيد لفظ جي معنيٰ آھي سردار ۽ اھو حضرت محمد صه جن جو لقب آھي، جو سندس اولاد کي ڏنو ويو آھي.