سلجهيل يا سڌريل حلقو يعني سول سوسائٽي (انگريزي ٻولي: civil society) هڪ روايتي اماراتي سرشتي، جمهوري قوتن ۽ وفاقي سرڪار کان جُدا ۽ آزاد حلقو آهي، جيڪو سماج جي ٻين مُختلف ادارن ۽ سرشتن جي سهڪار ذريعي، عوام جي سياسي، معاشي، نظرياتي، ثقافتي ۽ ٻين لاتعداد سوچن جي اظهار جو ذريعو بڻجي ٿو. عام طرح ”سويلين سوسائٽيءَ“ جو تصور انساني سماج ۾ فرضن جي ادائگيءَ تي زور ڏيندي، قانون ۽ انساني حقن جي احترام تي زور ڏئي ٿو. اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري رياستي اختيارين ۽ سماج جي ٻين اوچ نيچ حلقن ۾ موجود فرق کي چٽائيءَ سان ظاهر ڪندي، آزاد فرد، تنظيم ۽ ادارن جي ڌار سُڃاڻپ تي زور ڏنو ويو. وقت گُذرندي، اڄوڪي دور ۾ سويلين سوسائٽي ڪنهن به رياست ۾ جمهوري اصولن جي پاسداريءَ لاءِ اهم فورم سمجهيو وڃي ٿو. روايتي طور غير سرڪاري تنظيمون (NGOs) کي هن حلقي ۾ پُٺيءَ جي ڪنڊي واري حيثيت حاصل آهي، پر غير روايتي سماجي حلقا، پروفيشنل تنظيمون، دلچسپي رکندڙ گروهه ۽ سماجي اوسر ۽ ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ ڪيترا واسطيدار تنظيمون پڻ سويلين سوسائٽيءَ جو حصو سمجهيا ٿا وڃن. اهي سڀ ڌُريون گڏجي فردن ۽ ادارن کي صدارتي ۽ آمريتي جبر کان تحفظ ڏيارڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اُسرندڙ مُلڪن ۾ غيرجمهوري حڪمراني ۽ سياسي انتشار کي نظر ۾ رکندي، غير سرڪاري تنظيمن کي ماحولياتي، ۽ انتظامي شعبن ۾ اهميت ڏني ويندي آهي، بلڪ کانئن قانون سازيءَ جي عمل ۾ پڻ مدد ورتي ويندي آهي. ان هوندي به ”سويلين سوسائٽي“ جي عملي ڪردار بابت بلڪ شعور رکندڙ مڊل ڪلاس حلقي ۾ اڃا ڪيترا سوال موجود آهن، غير سرڪاري تنظيمن جي ڌڙا ڌڙ قيام جي صورت ۾ آيل ٻوڏ ان سوال کي اڃا به شديد بڻائي ڇڏيو آهي. خاص طور ”جديد دُنيا“ جي مُلڪن ۾ اين جي اوز جي رياستي ڍانچي ۽ حُڪومتن سان ويجهڙائي ۽ شفاف طريقي سان ڪم نه ڪرڻ وارن حوالن سان، هن حلقي تي سڄي دُنيا ۾ تنقيد ٿي رهي آهي. انهن ڪمزورين باوجود چِٽي، باضابطا، جمهوري ۽ مهذب حلقي طور جيڪڏهن سويلين سوسائٽي پنهنجو حقيقي ڪردار ادا ڪرڻ چاهي، ته اُها حُڪومتي حلقي ۾ سچا عوامي خدمتگار پيدا ڪرڻ، راءِ جي اختلاف لاءِ سهپ جوڳي فضا پيدا ڪرڻ، باوقار مُخالف ڌُر ترتيب ڏيڻ ۽ سماجي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙڻ جي حوالي سان هاڪاري ماحول پيدا ڪري سگهي ٿي.

Rendir cuentas en el ambito de la education
ان لاءِ ضروري آهي ته اهو حلقو پنهنجين انفرادي سياسي خواهشن تي ضابطو آڻي ۽ ان کي شخصي يا گروهي اختيار يا مرتبي جي حاصلات لاءِ استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪري. بين الاقوامي امن اڀياس جي حوالي سان، ”سويلين سوسائٽيءَ“ جي وڏي اهميت آهي ۽ اهو حلقو دُنيا مان تڪرارن جي خاتمي، سهڪار ۽ عوامي ٻڌيءَ جي بُنيادن تي هڪ مُهذب عالمگير سماج جي اڏاوت ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. [1] سول سوسائٽي خانداني زندگي جي ويجھن  ذاتي شعبن ۽ رياست جي مختلف شعبن جي وچ ۾ واقع ھوندي آھي[2].

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  2. - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 152,153