سوئر (نالا: ع. خنزير، ف. خوک، هه. سور، براهه، ذوالقور ۽ ڪرنيڪول.) ڪاري ۽ ڀوري رنگ جو مشهور جانور آهي.

گھريلو سوئر يورپ، اولھ ايشيا ۽ اتر آفريڪا جي جھنگلي سوئر مان آھي.ان کي آزاد ڪرڻ سان جلد ئي جھنگلي حالت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. جھنگلي سوئر ننڍين ننڍين ٽولين ۾ رھندا آھن ۽ ھڪٻئي سان ڏاڍا وفادار رھندا آھن. کاڌي کائڻ وقت لڳندو آهي تہ انھن ۾ ھڪٻئي لاء پيار ڪونھي. جھنگلي سوئر گھڻو ڪري ٻوٽن جي پاڙن تي گذران ڪندا آهن.جن کي ھو پنھنجي طاقتور سونڍ يا وڄن سان کوٽي ٻاھر ڪڍندا آهن. چين ۽ مشرقي ملڪن جي سوئرن جو نسل ھندوستان جي جھنگلي سوئرن سان ملي ٿو جيڪو يورپي جھنگلي سوئرن کان بلڪل مختلف آهي.[1]

طب سنواريو

خاصيت: هن جو ڇيڻو سرڪي ۾ حل ڪري پاسي جي سور ۽ سيني جي سور تي ضماد ڪرائجي. هن جي چرٻي آلت جي نبضن کي طاقت ڏئي ٿي. جي سنڌن جي سور ۽ سوڄ تي مالش ڪرائجي ته به فائدو ٿيندو. هن جا هڏا ۽ ڏند ننڍن ٻارن کي ٻڌجن ته مرگهي ۽ ڊيڄوڙي لاءِ مفيد آهن. هن جو گوشت قوت باهه پيدا ڪري بدن کي ٿلهو ڪري ۽ عقل کي چٽ ڪري. (مسلمانن وٽ حرام آهي).[2]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛ پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، صفحو: 25
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن:2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.