اتفاق راءِ، يڪراءِ، سهمتي، هڪجهڙائي يا ڪنسينسس (Consensus) لاطيني ٻوليءَ جو هڪ اصطلاح آهي، جنهن جي لفظي معنا آهي”گڏ محسوس ڪرڻ“. عام طور حڪومتي سرشتن ۾ چونڊڻ جي آزاديءَ ۽ عام راءِ واري حق جي اڻاٺ سبب فيصلو ڪرڻ جو طريقيڪار اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو آهي . اهڙو اتفاق، جنهن تي لاڳاپيل ڌرين کي ڪو وڏو اعتراض نه هجي ۽ ٿورائيءَ جي راءِ کي به فيصلي ۾ شامل ڪيو ويو هُجي. هي عمل ’ڳالهه ٻولهه واري سفارتڪاريءَ‘ ذريعي چڱ مڙسيءَ جي جذبي سان، گڏيل قومن جي ’سمنڊ واري قانون بابت ٿيل ڪنوينشن‘ ۾ باضابطا طور ’جينٽل مين ايگريمينٽ‘ جي ٺهڻ دوران هڪ شِق طور شامل ٿيو. هاڻي اهو طريقو ڪيترن ئي فورمن ۽ ڪانفرنسن ۾ استعمال ٿئي ٿو.’ اتفاق راءِ‘ گڏيل راضپي ۽ گڏيل راضپي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن وارين ٻنهي معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. ان ۾ هر ڌُر جي خواهشن جو ڪو نه ڪو حصو شامل ڪرڻ، فيصلي ۾ سڀني شامل ڌُرين جي راءِ کي جائتو ڪرڻ ، ذاتي/ گروهي مفادن کان مٿائون ٿي گڏيل ڀلائيءَ جي جذبي کي ترجيح ڏيڻ، لاڳاپيل هر ڌُر طرفان پنهنجين صلاحيتن کي ٿيندڙ فيصلي ۾ سيڙائڻ، وڌ کان وڌ ڌُرين کي فيصلي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ ۽ اختلافي ڌُرين جي فيصلي جو حصو بڻائڻ وارا نُڪتا شامل هوندا آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. Consensus | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, وقت 2017-01-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-02-27