سنگ مرمر :(Marble) : هڪ قسم جو پٿر آهي۔ هي پٿر، ڪيلشیم ڪاربونيٽ، ڪاربن، ۽ آڪسیجن جو مرڪب آهي۔). هي پٿر مجسمه تراشي ۽ جڳهن جي اڏاوت ۾ بيشمار استعمال ڪيو ويندو آهي ۔

مرمر۔
سنگ مرمر سان ٺهيل خوبصورت تاج محل

نالا:

ع. حجرالرخام، ف سنگ سفيد، هه. وغيره___ سپيد پٿر ۽ اسطوطليس.

سڃاڻپ:

هي مشهور پهڻ اڇي رنگ تي ٿيندو آهي.

طب سنواريو

خاصيت: هن کي گلاب جي پاڻيءَ ۾ گـَـهي پيارڻ سان، ڦڦڙن مان يا واتان رت جو اچڻ، بواسير خونيءَ جو رت، حيض ۾ گهڻو رت بند ٿيندو. هن جو ٻورو نوشادر ۽ ميڻ سان ملائي مرهم ڪري ڦٽن، ناسورن، ڪوڙه ۽ چٽيءَ جي داغن تي لڳائبو ته انهن کي ڇٽائيندو. گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو ۽ کل جي بيمارين ۾ مفيد آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو