سنگيت ناٽڪ (اوپيرا)

ٿيٽر جي ترتيب ۾ ڳايل متن ۽ ميوزيڪل اسڪور جي ميلاپ ڪندڙ فن جو نمونو (آرٽ فارم)

اوپيرا (Opera ):ناٽڪ جو هڪ قسم،[1] جنهن ۾ موسيقيءَ جو عنصر گھڻو شامل هوندو آهي. -اوپيرا- ۾ سڄو متن ۽ گفتگوءَ جو ڳچ حصو سازن جي ميلاپ سان ادا ڪيو ويندو آهي. سڀ کان اڳ ۾ اٽالين -اوپيرا-، جنهن جي شروعات 16 هين صدي عيسويءَ کان ٿي ۽ رڳو يوناني ۽ لاطيني لوڪ ڪهاڻين کي -اوپيرا- لاءِ چونڊيو ويندو هو ۽ سڀني سُريلن ايڪٽرن کي پنهنجا جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو. موجوده -اوپيرا- 16هين ۽ 17هين عيسوي جي عڪاسي ڪري ٿو، اهو يورپ جي نئين جاڳرتا/ نشاة ثانيه (Reuaissances) جو دؤر هو، جنهن ۾ ماڻهو ٻهروپ ڌاري، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ سازن ۽ پنهنجي آوازن سان ماڻهن کي وندرائيندا هئا. انهيءَ زماني جو -انگريزي- ٻوليءَ جو -اوپيرا- (The beggar Opera)، -جرمني- ٻوليءَ جو Sings Piel، فرينچ ٻوليءَ جو Yaudeville وغيره ماڻهن کي وڻندا هئا. -ان- کانپوءِ خاص طور تي انگريزيءَ ۾ جيڪي -اوپيرا- لکيا ويا، -تن- ۾ گفتگوءَ کان وڌيڪ سازن جي ڌُن ذريعي مطلب ادا ڪرڻ کي وڌيڪ اهميت حاصل هوندي هئي. اوپيرا ۾ عشق ۽ محبت جي داستانن کي سُريلي گفتگو جي انداز ۾ آرڪيسٽرا جي ڌن سان پيش ڪيو ويندو هو، -ان- کان پوءِ بئليٽ ناچ کي پڻ -اوپيرا- جو هڪ حصو بڻايو ويو. ڇاڪاڻ جو بئليٽ ناچ پڻ يورپ ۾ مشهور ٿيو هو. بئليٽ ناچ جي ڪري، -اوپيرا- ۾ ڪهاڻيءَ جو تسلسل برقرار رکي نه سگھبو هو. -ان- کانسواءِ اداڪارن جا تاثرات به مڪالمن مطابق قائم رکي نه سگهبا هئا. -اٽلي-، روس ۽ فرانس ۾ مشهور -اوپيرا- نويس پيدا ٿيا. پر انهيءَ زماني جي -اوپيرا- هائوسن ۽ موجوده وقت جي -اوپيرا- هائوسن ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي. برطانيه ۾ به وقفي وقفي سان پيش ڪيل ڪجهه -اوپيرا- ناٽڪن کان سواءِ ٻيا وڌيڪ مقبول ٿي نه سگھيا. دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ وڏا وڏا ۽ خوبصورت -اوپيرا- هائوس موجود آهن. پر آسٽريليا جي شهر سڊنيءَ ۾ ٺهيل، گرانڊ -اوپيرا- هائوس جيڪو 1973ع ۾ جڙي راس ٿيو، -ان- کي به دنيا جي جديد عجائبات ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن -اوپيرا- هائوس کي -ٽن- پاسن کان سامونڊي -پاڻي- وڪوڙيو بيٺو آهي يا ائين کڻي چئجي ته هڪڙي ننڍي اُپ ٻيٽ تي اڏيل اهو -اوپيرا- هائوس، بلڪل -ان- جاءِ تي آهي، -جتي- 1788ع ۾ برطانوي آبادڪار پهريون دفعو اچي لٿا هئا. انهيءَ -اوپيرا- هائوس جو نقشو، ڊينمارڪ جي انجينئر جورين اٽزان (Joern Utzon) سن 1957ع ۾ تيار ڪيو هو. هي -اوپيرا- هائوس -ٽن- وڏن هالن تي مشتمل آهي ۽ اٽڪل پنجن ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل آهي.[2]

سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) جو ٿيٽر
سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) جو ٿيٽر

حوالا سنواريو