سنڌ جو وڏو وزير

سنڌ صوبي جو سرواڻ

وزير اعليٰ سنڌ پاڪستان جي صوبي سنڌ جي صوبائي حڪومت جو سرواڻ هوندو آهي. ان جي چونڊ سنڌ اسيمبلي ڪندي آهي. هاڻوڪي وڏي وزير کان پهرين، سنڌ جو وزير اعليٰ قائم علي شاهه هو. جنهن جو لاڳاپو پاڪستان پيپلز پارٽي سان آهي۔ هو 7 اپريل 2008ع تي سنڌ جو 23 هون وڏو وزير ٿيو هو.

سنڌي جي هاڻوڪي وڏي وزير جو نالو سيد مراد علي شاهه (انگريزي ٻولي: Syed Murad Ali Shah) آهي. هن جو لاڳاپو به پاڪستان پيپلز پارٽي (Pakistan Peoples' Party) سان آهي. مراد شاهه ڪراچي، سنڌ ۾ ڄائو هو. هن جو پيءُ پڻ سنڌ جو وڏو وزير رهي چڪو آهي. مراد شاهه ميٽرڪ سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول (Saint Patrick's High School) مان، انٽرميڊيئيٽ ڊي جي سنڏ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ( D. J. Sindh Government Science College) ڪراچيءَ مان، ۽ انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن، اين اِيِ ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي (NED University of Engineering and Technology) مان ڪئي. سٺي تعليمي ڪارڪردگي جي بنياد تي قائد اعظم اسڪالرشپ تي آمريڪا جي اسٽيفرڊ يونيورستي (Stanford University) ڪيليفورنيا مان اسٽرڪچرل انجنيئرنگ (Structural engineering) ۾ ماسٽر ڪيائين. ان کان پوءِ ٻن سالن کان پوءِ هن ساڳي ئي يونيورسٽي مان ٻيهر انٽرنيشنل اسڪالرشپ تي ايڪانامڪ سسٽم (Economic System) ۾ ماسٽر ڪئي.

1986ع کان 1990ع تائين، مراد شاهه، واپڊ (WAPDA) جي لاهور واري آفيس ۾ انجنيئر طور نوڪري پڻ ڪئي، ان کان پوءِ پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ پڻ نوڪري ڪيائين. ان کان سواءِ هن حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي ( Hyderabad Development Authority) ۾ پڻ انجنيئر طور ڪم ڪيو ۽ ان کانپوءِ هن سٽي بينڪ (Citibank) پاڪستان ۽ لنڊن ۾ پڻ نوڪري ڪئي. هن گلف انويسٽمينٽ ڪارپوريشن ڪويت (Gulf Investment Corporation، Kuwait) ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي.

مراد شاهه 2002ع ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي پي ايس 77 تان چونڊجي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. سنڌ جو وڏو وزير ٿيڻ کان پهرين آبپاشي (Irrigation) ۽ فنانس (Finance) جي وزير جي طور تي ڪم ڪري چڪو آهي. [1]

سنڌ جي وڏن وزيرن جي فهرست سنواريو

نو آبادياتي دور
وزير اعليٰ جو نالو قلمدان سنڀاليو قلمدان ڇڏيو سياسي جماعت/تبصرو
غلام حسين هدايت اللہ (پهريون ڀيرو) 28 اپريل، 1937ء 23 مارچ، 1938ء مسلم پيپلز پارٽي
اللہ بخش سومرو (پهريون ڀيرو) 23 مارچ، 1938ء 18 اپريل، 1940ء اتحاد پارٽي
مير بندہ علي خان ٽالپر 18 اپريل، 1940ء 7 مارچ، 1941ء مسلم لیگ
غلام حسين هدایت اللہ (ٻيون ڀيرو) 14 آڪٽوبر، 1942ء 14 آگسٽ، 1947ء مسلم پيپلز پارٽي
بعد از قيام پاڪستان
وزير اعليٰ جو نالو قلمدان سنڀاليو قلمدان ڇڏيو سياسي جماعت/تبصرو
محمد ايوب کھڙو (پهريون ڀيرو) 16 آگسٽ، 1947ء 28 اپريل، 1948ء   پاڪستان مسلم ليگ
پير الٰهي بخش 3 مئي، 1948ء 4 فيبروري، 1949ء   پاڪستان مسلم ليگ
يوسف هارون 18 فيبروري، 1949ء 7 مئي، 1950ء   پاڪستان مسلم ليگ
قاضي فضل اللہ عبيد اللہ 8 مئي، 1950ء 24 مارچ، 1951ء پاڪستان مسلم لیگ
محمد ايوب کھڙو (ٻيون ڀيرو) 25 مارچ، 1951ء 29 ڊسمبر، 1951ء   پاڪستان مسلم ليگ
گورنر راڄ 13 آڪٽوبر، 1955ء 22 مئي، 1953ء
پيرزادهہ عبد الستار 22 مئي، 1953ء 8 نومبر، 1954ء   پاڪستان مسلم ليگ
محمد ايوب کھڙو (تیسری مرتبہ) 9 نومبر، 1954ء 13 آڪٽوبر، 1955ء   پاڪستان مسلم ليگ
عهدو ختم 13 آڪٽوبر، 1955ء 30 جون، 1970ء صوبو اولھه پاڪستان (ون يونٽ) جو حصو بڻيو رهيو
فوجي قانون (مارشل لاء) پهرئين جولاءِ، 1970ء پهرئين مئي، 1972ء
ممتاز ڀٽو (پهريون ڀيرو) پهرئين مئي، 1972ء 20 ڊسمبر ، 1973ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
غلام مصطفيٰ جتوئي 25 Dسمبر، 1973ء 5 جولاءِ، 1977ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
فوجي قانون (مارشل لاء) 5 جولاءِ، 1977ء 6 اپريل، 1985ء ضیاء الحق جي آمريت جي دوران
غوث علي شاهہ 6 اپريل، 1985ء 6 اپريل، 1988ء   پاڪستان مسلم ليگ
اختر علي غلام قاضي (پهريون ڀيرو) 11 اپريل، 1988ء 24 جون، 1988ء   اسلامي جمهوري اتحاد
گورنر راڄ 24 جون، 1988ء 31 آگسٽ، 1988ء
اختر علي غلام قاضي (ٻيون ڀيرو، نگران) 31 آگسٽ، 1988ء 2 ڊسمبر، 1988ء   اسلامي جمهوري اتحاد
قائم علي شاهه (پهريون ڀيرو) 2 ڊسمبر، 1988ء 25 فيبروري، 1990ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
آفتاب شعبان ميراڻي 25 فيبروري، 1990ء 6 آگسٽ، 1990ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
ڄام صادق علي (5 نومبر، 1990ء تائين نگران جي حيثيت سان) 6 اگست، 1990ء 5 مارچ، 1992ء آزاد
مظفر حسين شاهہ 6 مارچ، 1992ء 19 جولاءِ، 1993ء   اسلامي جمهوري اتحاد
سيد علی مدد شاهہ (نگران) 19 جولاءِ، 1993ء 21 آڪٽوبر، 1993ء
سيد عبد اللہ شاهہ 21 آڪٽوبر، 1993ء 6 نومبر، 1996ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
ممتاز ڀٽو (ٻيون ڀيرو، نگران) 7 نومبر، 1996ء 22 فيبروري، 1997ء سنڌ نيشنل فرنٽ
لياقت علي جتوئي 22 فيبروري، 1997ء 30 آڪٽوبر، 1998ء   پاڪستان مسلم ليگ ن
گورنر راڄ 30 آڪٽوبر، 1998ء 17 ڊسمبر، 2002ء
علي محمد مهر 17 ڊسمبر، 2002ء 9 جون، 2004ء   پاڪستان مسلم ليگ ق
ارباب غلام رحيم 9 جون، 2004ء 19 نومبر، 2007ء   پاڪستان مسلم ليگ ق
عبدالقادر هاليپوٽو (نگران) 19 نومبر، 2007ء 6 اپريل، 2008ء
قائم علي شاهه (ٻيون ڀيرو) 6 اپريل، 2008ء 21 مارچ، 2013ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
زاهد قربان علوي (نگران) 21 مارچ، 2013ء 30 مئي، 2013ء
قائم علي شاهه (ٽيون ڀيرو) 30 مئي، 2013ء 28 جولاءِ، 2016ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
سيد مراد علي شاهہ (پهريون ڀيرو) 30 جولاءِ، 2016ء تاحال   پاڪستان پيپلز پارٽي

لاڳاپيل مضمون سنواريو