سنڌي ٻولي

هند-آريائي ٻولي پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي

سنڌي (/ˈsɪndi/[6]सिन्धी, Sindhi)ھڪ ھند-آريائي ٻولي آھي جيڪا سنڌ جي تاريخي خطي ۾ سنڌي ماڻھن پاران ڳالھائي وڃي ٿي. سنڌي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آھي.[7][8][9] انڊيا ۾، سنڌي وفاقي سرڪار پاران مڃتا حاصل ڪيل ٻولين يعني شيڊيولڊ ٻولين مان ھڪ آھي. گھڻا سنڌي ڳالھائيندڙ پاڪستان جي صوبي سنڌ، ڀارت جي رياست گجرات جي علائقي ڪڇ ۽ مھاراشٽر جي علائقي الھاس نگر ۾ رھن ٿا. ڀارت ۾ بچيل ڳالھائيندڙ سنڌي ھندو آھن جن پاڪستان جي آزادي کان بعد 1948ع ۾ ڀارت ۾ رھائش اختيار ڪئي ۽ باقي سنڌي سڄي دنيا جي مختلف علائقن ۾ رھن ٿا. سنڌي ٻولي پاڪستان جي صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب، سان گڏوگڏ ڀارت جي رياستن راجستان، پنجاب ۽ گجرات ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ان سان گڏوگڏ ھانگ ڪانگ، عمان، انڊونيشيا، سنگاپور، گڏيل عرب اماراتون، گڏيل بادشاھت ۽ آمريڪا ۾ لڏي ويل جماعتن پاران بہ ڳالھائي وڃي ٿي.[10]

سنڌي
सिन्धी ਸਿੰਧੀ سنڌي
Native to سنڌ
Region ڏکڻ ايشيا
Native speakers
75 ملين (2015)[1]
en:Line-handling templates
ھند-يورپي
en:Line-handling templates عربي، ديوناگري، خدا آبادي لپي, Laṇḍā، رومن سنڌي، گرمکي[2]
Official status
Official language in
پاڪستان (سنڌ)
انڊيا
Regulated by سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو (پاڪستان)،
نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (انڊيا)
Language codes
ISO 639-1 sd
ISO 639-2 snd
ISO 639-3 Variously:
snd – Sindhi
lss – Lasi
sbn – Sindhi Bhil
Glottolog sind1272  (سنڌي)[3]
sind1270  (سنڌي ڀيل)[4]
lasi1242  (Lasi)[5]
Linguasphere 59-AAF-f
This article contains IPA phonetic symbols. Without proper rendering support, you may see question marks, boxes, or other symbols instead of Unicode characters.

سنڌي ٻوليءَ جا لهجا

جنت السنڌ ڪتاب ۾ سنڌ جون يارنهن شاخون بيان ٿيل آهن. جيڪي هن ريت آهن.

  1. لهندا (Lahinda) معنا اولهندي واري زبان.
  2. سرائڪي يا جتڪي (Saraiki/ Jatki).
  3. ڪيتراڻي جا لهندا (Kaytranni) سان مشابهت رکي ٿي.
  4. اُڀي (Ubhee).
  5. لاڙي (Laarree).
  6. ٿريلي يا ڍاڍڪي (Thareli/ ddaddki).
  7. لاسي (Laasee).
  8. ڪَڇڪِي (Kchhuki).
  9. موڪاڪي (Mokakee).
  10. لوڙي چيني (Lorree chienee).
  11. جدغالي (Jadghhalee).

ڀيرو مل مهرچنداڻي آڏواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ گريئرسن جي مشهور ڪتاب ”لِنگوسٽڪل سروي آف انڊيا“ (جلد-8، ڀاڱو 1) جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جا لهجا هن ريت ڄاڻايا آهن.

  1. سِريلي يا سِرو لهجو.
  2. وچولي يا وچولو لهجو.
  3. لاڙي لهجو.
  4. لاسي لهجو.
  5. ڪڇي لهجو.[11]

لِپي

1853ع ۾ سنڌي بوليءَ لاءِ جيستائين هاڻوڪي لِپي(گاڏڙ عربي-فارسي-سنڌي لِپي) منظور نه ٿي ھئي سنڌي زبان ڪيترن ئي مختلف رسم الخطن ۾ لکي ويندي ھئي. جن ۾: گرمکي، ديوناگري، عربي، فارسي، خداوادي يا خدابادي، لھاڻڪي، ميمڻڪي، خوجڪي، ٺٽائي، گجراتي، شڪارپوري، ساکرو، ونگائي، سيوهاڻي، ڀاٽيائي. اھڙي طرح ويهينر>]</ref>

سنڌي الف ب يا سنڌي الفابيٽ يا لِپِي يا لِپييا آئيويٽا جا ٻاونجاھ اکر آھن. موجوده عربي-سنڌي الف ب 1853ع ۾ جُڙي.[12][13] سنڌي آئيويٽا ۾ چ، پ،گ فارسي ٻولي مان ورتل آهن جڏهن ته ڪجهه اکر عربي ٻولي جا پڻ شامل آهن.[14]

عربي-فارسي

پاڪستان ۾ سنڌي ترميم ڪيل عربي لِپي۾ لکي ويندي آهي، جنهن ۾ ڪل 52 اکر آهن. عربي اکرن کان کان سواءِ هن ۾ ٻيا آريائي اکر به شامل آهن. هن لِپيجي اڻويهين صدي عيسوي ۾، هندستان جي برطانوي دور حڪومت ۾ حوصلا افزائي ڪئي وئي.

جهہ ڄ ج پ ث ٺ ٽ ٿ ت ڀ ٻ ب ا
ɟʱ ʄ ɟ p s ʈʰ ʈ t ɓ b ɑ: ʔ
ڙ ر ذ ڍ ڊ ڏ ڌ د خ ح ڇ چ ڃ
ɽ r z ɖʱ ɖ ɗ d x h c ɲ
ڪ ق ڦ ف غ ع ظ ط ض ص ش س ز
k q f ɣ ɑ: o: e: ʔ ʕ z t z s ʃ s z
ي ء ھ و ڻ ن م ل ڱ گهہ ڳ گ ک
j i: h ʋ ʊ o: ɔ: u: ɳ n m l ŋ ɡʱ ɠ ɡ

ديوانگري

ڀارت ۾ معياري عربي لِپيکان سواءِ ديوانگري لِپيبہ لاڳو آهي، جيڪا 1948ع لاڳو ڪئي وئي۔

? ? ? ? ? ? ? ? ? ?
ख़ ग़
k x ɡ ɠ ɣ ɡʰ ŋ
ज़
c ɟ ʄ z ɟʰ ɲ
ड़ ढ़
ʈ ʈʰ ɖ ɗ ɽ ɖʰ ɽʰ ɳ
t d n
फ़ ॿ
p f b ɓ m
j r l ʋ
? ʂ s h
 
خدابادي لپي ۾ لکيل دودو چنيسر قصي جي ڪتاب جو پوش

براهمي لپي

پهرين صديءَ جي شروعات ۾ براهمي لپي، سنڌو لکت مان ٺاهي وئي، اشوڪ بادشاهه پنهنجي دؤر ۾ پنهنجي حڪومتي وهنوار کي هلائڻ لاءِ براهمي لکت ڪم آندي، براهمي لکت ۾ 33 حرف ساڪن ۽ 10 حرف علت وارو اُصول پڻ شامل هو، جيڪي سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ ڪيترين ئي صدين تائين جاري رهيو.

گُپتا لپي

پنجين صديءَ ۾ گُپتا لکت، براهمي لکت مان ٺاهي وئي، گپتا لکت ۾ 33 حرف ساڪن ۽ 8 حرف علت شامل هُئا. جيڪا گپتا دؤر ۾ سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ ڪافي عرصي تائين ڪم ايندي رهي.

شاردا، نگري ۽ سدڌرام لپيون

ڇهِين صَدِيءَ ۾ گُپتا لکت جي ذريعي شاردا، نگري ۽ سدڌرام لکتن جنم ورتو ۽ ٻارهين صديءَ تائين لکت جي ڪم اِينديون رَهيوُن. اُنهن لکتن کي ڀينَر سڏجي ٿو. ڇو تَه اِهي ٽيئي لکتون ساڳي دؤر ۾ مُختلف علائقن ۾ لکت لاءِ ڪم اينديون هُيون.

شاردا لکت

شاردا لکت، ڪشمير واري علائقن ۾ استعمال ٿيندي رهي، اِن لکت ۾ 35 حرف ساڪن ۽ 13 خودمختيار حرف علت ۾ 13 غير خودمختيار حرف علت شامل هُئا، جيڪي لکت ۾ اُصول طور ڪم اِيندا هئا. عظيم سنڌ (Greater Sindh) جي خطي ڪشمير ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو شاردا لکت سان پنهنجي ٻولي لکندا هئا.

ناگري لکت

ناگري لکت (Nagari script) سنڌ جي ٿَرَ ۽ راجسٿان واري علائقي ۾ راجپوتن ۽ سومرن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ لکڻ لاءِ 1350ع تائين ڪم ايندي رهي. اِن لکت ۾ 33 حرف ساڪن ۽ 10 خود مختيار حرف علت ۽ 10 غير خودمختيار حرف علت شامل هُئا.

سدڌام لپي

سدڌام لکت (Siddham script) انڊس ڪوهستان واري علائقن ۾ ٻُڌَ ڌرم جي عبادت ۾ ڪم ايندڙ mantra ۽ sutra لکڻ لاءِ 12 صديءَ تائين ڪم ايندي رهي. سِدڌام لکت ۾ 33 حرف ساڪن ۽ 12 خود مختيار حرف علت ۽ 12 غير خود مختيار حرف علت شامل هئا. جيڪي ٻولي لکڻ لاءِ اهم اُصول طور ڪم ايندا هُئا. سدڌام لکت خاص طور تي سنسڪرت لکڻ لاءِ جوڙيل هُئي ۽ سنسڪرت سنڌي ٻوليءَ جو مڪمل طريقو مڃيو ويندو هو.

سنڌي عربي لِپي ۾ ٽٻڪا

هاڻوڪي گاڏڙ عربي فارسي ٻاونجھائي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪُل 72 ٽٻڪا يا نقطا آهن.

بنا ٽٻڪن وارا اکر 18 ا • ح • د • ر • س • ص • ط • ع • ڪ • ک • گ • گھ • ل • م • و • ھ • ء
هڪ ٽٻڪي وارا اکر 12 ب • ج • جھ • خ • ڊ • ذ • ز • ض • ظ • غ • ف • ن
ٻن ٽٻڪن وارا اکر 11 ٻ • ت • ٺ • ڄ• ڃ • ڌ • ڍ • ق • ڳ • ڱ • ي
ٽن ٽٻڪن وارا اکر 6 ٽ • ث • پ • چ • ڏ • ش
چئن ٽٻڪن وارا اکر 5 ڀ • ٿ • ڇ • ڙ • ڦ

سکيا ۽ لِپي جي تاريخ

عربن جي دؤر ۾ سنڌي لِپيجي سلسلي ۾ اسان کي ڪا به شهادت ملي ڪا نه سگهي آهي. عرب جغرافيه نويسن سنڌي زبان جو ته ذڪر ڪيو آهي، ليڪن اهو ڪو نه ڄاڻايو اٿن ته سنڌي زبان خواهه سنڌ يا منصوره جي ٻين مقامي ٻولين جي لاءِ ڪهڙو لِپياستعمال ڪيو ويندو هو. اسلامي دنيا جي مشهورعالم ابو ريحان بيرونيءَ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي ’ڪتاب الهند‘ ۾ چند سٽون لکيون آهن، جن مان پڻ پورو اندازو ڪري نٿو سگهجي. هو صاحب 410ھ کان 420ھ تائين هندستان ۾ رهيو. لِپيجي سلسلي ۾ لکي ٿو:

”حدود مالوه مين ايڪ رسم الخط هي، جس کا نام’ناگر‘هي-يه صرف صورت مين پهلي خط سي مختلف هي-اسڪي بعد اڪ دوسرا خط هي جسڪا نام’ارونا گري‘، يعني آدها ناگري هي، اسلئي ڪه اس مين دونون خط مذڪور مخلوط هين. بهاٽيه اور سند کي بعض شهرون مين يهي خط لکها جاتا هي-اسڪي بعد مروجه خطوط مين ايڪ خط ’ملقاري‘ هي، يه جنوبي سند ڪي ساحلي علاقه ملقشو ڪاخط هي. بهمنو يعني منصوره کا خط سيندپ هي. . . “

— (’ڪتب الهند‘، انجمن ترقي اردو، ص 227، ج ا)

[15]

روايتون آهن ته سڀ کان پهرين سنڌي عربي لِپيمنصوره جي عربي عالم جاحظ لکي هئي. جنهن کي پوءِ اسماعلي داعي صدرالدين باقاعدي سنڌي ۾ لکيو. اسلام جي اچڻ کان پوءِ جيڪي سنڌي اکر سڌا سنوا لکڻ ۾ آيا تن کي سڌو لکيو ويو نه ته ٻن اکرن کي ملائي هڪ آواز نئون آواز ٺاهڻ جو به رواج هو هن وقت اکر ڃ هن ريت لکيو وڃي ٿو، پر آڳاٽي لکت جي صورت ۾ نڃ ملائي ڪري ڃ جو آواز ظاهر ڪيو ويندو هو. جنهن کي پوءِ مخدوم عبدالحسين ڏاهري 40 اکرن جي صورتخطيءَ جي صورت ۾ ٺاهيو هيو.

سومرن جو دور سنڌ ۽ سنڌي زبان لاءِ جاڳرتا ۽ تبليغ جو دور هو. هن دور ۾ سنڌي زبان کي اسلام جي تعليم ۽ تبليغ جو ذريعو بنايو ويو، منجهس ڪيترو ئي ديني پرچار ۽ تبليغ جو ادب لکيو ويو. اسلام جي ٻين فرقن جي مبلغن کانسواءِ اسماعيلي فڪر ۽ فرقي جا داعي سنڌ ۾ پکڙجي چڪا هئا. انهن مان سيد نور الدين به هڪ هو، جو 1079ع ۾ آيو ۽ سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ اُچ واري خطي ۾ ٻيا داعي پڻ آيا. اسماعيلي داعين، نون اسماعيلي مسلمانن کي اسلام جا اصول آسانيءَ سان سمجهائڻ لاءِ مقامي ٻولين جو سهارو ورتو، ۽ انهن ٻولين ۾ نظم يا مقفيٰ ۽ مسجع نثر ۾ اسلام جا اصول ۽ عقيدا، اسلامي تعليم جا سبق سمجهايا، هنن شريعت جا مسئلا، روحاني علمن جا راز، تصور ۽ ويدانت جا ورق، سنڌي، ڪڇي، گجراتي، سرائڪي ۽ هندي ٻولين ۾ سمجهايا. هنن پنهنجن خيالن کي لکت ۾ آڻڻ لاءِ ديسي لِپيڪم آندو، ان لِپيکي چاليهه اکري يا ”خواجڪي سنڌي“ سڏيو ويو. هن لِپي۾ نه فقط اسلامي تعليم ۽ تبليغ تي ڪتاب لکيا ويا، پر هن ۾ اسماعيلي داعين، مبلغن ۽ پيرن جو ڪلام(گنان) ۽ ٻيا درسي ڪتاب پڻ لکيا ويا، جنهن ۾ ٻاڙٻوڌ، کوڙن جون چوپڙيون، رياضي، تاريخ، جاگرافي، اسلامي تاريخ، ملڪي تاريخ، اخلاقيات، شعر و شاعري وغيره درجيوار يعني ٻاراڻي درجي جي سطح کان وٺي ڇهين درجي تائين هوندا هئا. انهن مان ڪي ڪتاب هن وقت به برٽش ميوزم جي لائبرريءَ ۾ موجود آهن. هن راءِ مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي زبان يارهين صدي عيسويءَ کان ذريعه تعليم ۽ تدريس رهي آهي، ان وقت به ان جي حيثيت علمي، ادبي ۽ روزمره جي استعمال ۽ تجارتي وهنوار واري هئي.

سمن جي دور ۾ سنڌ ۾ اسلامي علوم جي گهڻي ترقي ٿي. جيتوڻيڪ سومرن جي دور ۾ به اسلاميات جي تعليم مدرسن ۾ ڏني ويندي هئي، پر هن دور ۾ مدرسن لاءِ جدا عمارتون پڻ ٺهيون، جن ۾ وڏا وڏا محدث، عالم ۽ فاضل تعليم ڏيندا هئا. بکر، ٺٽي، سيوهڻ، درٻيلي، ٽلٽيءَ، ٻٻرلوءِ، هالا ڪنڊي، نصرپور، اگهاماڻي ۽ ٻين شهرن ۾ جيئن پوءِ تيئن مدرسن جو تعداد وڌندو ويو، جن ۾ قرآن، حديث، تفسير، ۽ فقــہ جي تعليم ڏني ويندي هئي. اسلامي دنيا ۾ اسلاميات جي درس و تدريس ۾ ٺٽي دارالعلوم جي حيثيت اختيار ڪئي هئي. ٺٽي جي عالمن ۽ فاضلن جي علم جي هاڪ ٻڌي، ايران، افغانستان، خراسان ۽ ٻين هنڌان ڪيترائي عالم ۽ فاضل لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا. مذهبي تعليم ۽ تدريس وارن مدرسن ۽ دانشگاهن سنڌي علم ادب جي ترقي ۽ سنڌي زبان جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو. هن دور جا وڏا عالم سنڌي زبان جا نامور شاعر پڻ هئا(. اُنهن مان قاضي قاضن، اسحاق آهنگر، مخدوم احمد ڀٽي ۽ ٻين جا نالا فخر سان وٺي سگهجن ٿا. ساڳئي وقت مذهبي پرچار ۽ مذهبي تعليم جو ذريعو سنڌي زبان هئي. شاهه ڪريم جا بيت ۽ سمجهاڻيون، بيان العارفين جي صورت ۾ هن دعويٰ جو دليل آهن.

ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ به سنڌي زبان جو پرچار عام هو. شاهه لطف الله قادري، شاهه ڪريم، مخدوم نوح ۽ ٻين بزرگن سنڌي زبان ۾ لافاني ڪلام چيو. بيان العارفين جهڙا ڪتاب هن دور ۾ لکيا ويا. هن دور ۾ سنڌي ٻولي، عربيءَ جي نسخ ۽ نستعليق رسم الخطن لکجڻ جا ثبوت مليا آهن. مغلن جي راڄ جو آخري عرصو ۽ ڪلهوڙن جي ابتدائي دور سنڌي زبان لاءِ نوان نياپا، نوان موڙ، نيون ڌارائون ۽ نوان ماپا کڻي آيو. هڪ طرف مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءالدين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، شاهه عنايت شهيد، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ شاهه لطيف سنڌي زبان ۾ نئون روح ڦوڪي ان کي تاحيات ۽ زندهه جاويد بنائي ڇڏيو. ڀٽائي صاحب جو سنڌ تي وڏو احسان آهي. هن سنڌي زبان کي لازوال بنائي ڇڏيو ۽ اهڙي عام فهم ٻوليءَ ۾ صوفياڻو پيغام ڏنو، جنهن نه صرف سڄي سنڌ پر سنڌي زبان کي اَمر بڻائي ڇڏيو آهي. هونئن ته بيان العارفين ڪتاب مان ظاهر آهي ته ارغونن ۽ ترخانن جي زماني ۾ به سنڌي زبان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان نستعليق يا نسخ خط ۾ پيئي لکبي هئي، پر نسخ خط ۾ پهريون پهريون معياري ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ جي لکڻ سان ٻن نصابي حيثيت ورتي، جنهن کي سڄي سنڌ جي عالمن تسليم ڪيو ۽ ٻيو ته سنڌي زبان لاءِ سنڌ جي سڀني مدرسن ۾ اصولي طور هڪ صورتخطي منظور ڪئي ويئي. جيتوڻيڪ اهي بزرگ جيڪي نستعليق لِپيتي هريل هئا، سي ان ئي لِپي۾ پيا لکندا هئا، پر سنڌ جي اڪثر عالمن جهڙوڪ: مخدوم ضياء الدين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله ۽ ٻين عالمن پنهنجن پنهنجن مدرسن ۾ نسخ لِپياختيار ڪيو. اڄ به انهن جون”ســِـنڌيون“ انهيءَ دعويٰ جو دليل آهن ته ڪلهوڙن جي دور (1700 - 1782ع) جي شروعات واري زماني ۾ به سنڌي سرڪاري طور يا عوام جي پسند موجب مدرسن ۾ ذريعهء تعليم طور استعمال ٿيندي هئي. انهن مدرسن ۾ سنڌي زبان جي صورتخطيءَ وارو مسئلو هيڪر حل ٿي ويو هو. هن کانپوءِ مدرسن ۾ ڪم ايندڙ نصابي ڪتاب گهڻو ڪري هن لِپي۾ لکجڻ لڳا. ڪلهوڙن جي دور ۾ لکيل درسي ڪتاب ۽ ٻين موضوعن تي موجود قلمي گهڻو ڪري نسخ لِپي۾ ملن ٿا، پر ان جي باوجود نستعليق خط لکڻ جو رواج به عام هو. هن دور ۾ جيڪي سنڌي ڪتاب مدرسن ۾ درس و تدريس ۾ ڪم ايندا هئا، انهن مان ڪن جا نالا هي آهن:

  • مقدمة الصلواة =مخدوم ابوالحسن
  • چوعلمي =ايضاً
  • مخدوم ضياء الدين جي سنڌي =مخدوم ضياء الدين ٺٽوي
  • فرائض الاسلام =مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
  • وصيت نامه =ايضاً
  • ذبح شڪار عرف راحت المومنين =ايضاً
  • زادالفقير =ايضاً
  • مطلوب المومنين =مخدوم عبدالخالق ٺٽوي
  • ڪنز العبرت (2 جلد) =مخدوم عبدالله نريي وارو
  • بدر المنير =ايضاً
  • نورالابصار=ايضاً
  • هفت بهشت =ايضاً
  • قمر المنير =ايضاً
  • سنگت نامو =ايضاً
  • مخدوم ابراهيم جي سنڌي =مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي هالائي

ٽالپرن جي دور ۾ به مدرسن ۾ تعليم عربيءَ سان گڏ سنڌي زبان ۾ پڻ ڏني ويندي هئي. اعليٰ تعليم لاءِ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم جو رواج هو. ان وقت سنڌي ٻوليءَ جو نصاب هن ريت هوندو هو: مڪتب ۾ پهرين سال کانپوءِ جڏهن ٻار لکڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪندو هو، تڏهن هن کي مادري زبان يعني سنڌيءَ جي اڀياس لاءِ هڪ ڏاڪو اڳتي ٽپايو ويندو هو. ان لاءِ هيٺيون نصاب پڙهايو ويندو هو.

  • نور نامو: هي هڪ آسان ۽ مختصر منظوم ڪتاب آهي، جنهن ۾ انسان ذات جي پيدائش کان اڳ جي تاريخ بيان ٿيل آهي. هي ڪتاب عبدالرحمان جو جوڙيل آهي. هن ۾ ڌار ڌار پيغمبرن جون چوڻيون ۽ اسلام جي پيغمبر صه جن جي مختلف حديثن کي گڏ ڪيو ويو آهي.
  • مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جون تصنيفون ۽ تفسير: مخدوم صاحب جا ڪتاب جهڙوڪ فرائض الاسلام، وصيت نامو، ذبح شڪار عرف راحت المومنين، بياض هاشمي، تفسير تبارڪ ، تفسير عمر، زاد الفقير، تهذيب الاصلاح، فتح الڪلام ۽ حيات القلوب.
  • نظم ۽ نثر ۾ آکاڻيون: جهڙوڪ سيفاالملوڪ ۽ ليليٰ مجنون وغيرهه. سڀ کان اهم ڪتاب حڪايات الصالحين آهي، جيڪو عبدالحڪيم نالي ڪنهن عالم عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون آيل آهن، اُهي هي آهن: سوانح عمريون، اسلامي دور جي مشهور درويشن جون چوڻيون وغيره.
  • لاڏاڻو: هن ڪتاب ۾ پاڻ سڳورن جي وفات جو بيان آهي. هي ڪتاب ميان حبيب الله جي ڪتاب ”حبيب سيار“ جو ترجمو آهي.
  • سئو مسئلا: هي هڪ ننڍو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪيئن عبدالحليم نالي هڪ فقير روم جي بادشاهه جي ڌيءَ سان، سئو سوالن جي جواب ڏيڻ واري شرط کٽڻ ڪري شادي ڪئي.
  • معراج نامو: هن ڪتاب ۾ نبي ڪريم صه جن جي معراج تي وڃڻ واريءَ حقيقت جو ذڪر آهي.

انگريزي راڄ جي شروعات کان اڳ، سنڌي زبان نه صرف تعليمي ۽ تدريسي زبان طور ڪم ايندي هئي، نه فقط مدرسن ۾ ذريعه تعليم طور ڪم ايندي هئي، پر هن زبان ۾ تمام وڏا وڏا اديب، عالم ۽ شاعر موجود هئا، جن پنهنجي ڪلام ذريعي، جن پنهنجن عالمانه شهپارن ذريعي، سنڌي زبان کي علمي ۽ ادبي زبان جي مقام ۽ معيار تي پهچائي ڇڏيو هو. انهن ۾ سچل، ميان سرفراز خان، ثابت علي شاهه، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، سامي، دلپت ۽ روحل جا نالا فخر سان وٺي سگهجن ٿا. نه فقط ايترو پر سنڌي زبان روزمرهه جي وهنوار کانسواءِ واپاري ڏيتي - ليتيءَ واريءَ لکت جو ذريعو پڻ هئي. خواجه، ميمڻ ۽ هندو واپاري هن زبان کي پنهنجي پنهنجي لِپيجي مدد سان واپاري لکپڙهه ۽ ڏي وٺ ۾ روزانو ڪم آڻيندا هئا.

سنڌي زبان جي مٿي بيان ڪيل خوبين ۽ مقام کي انگريز حڪمرانن پڻ قبول ڪيو ۽ هن زبان کي سنڌ صوبي جي سرڪاري، علمي، ادبي ۽ ڪورٽ جي ڪاروبار لاءِ استعمال ڪرڻ جو درجو ڏنو. 1848ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر سر جارج ڪلارڪ، هڪ حڪم نامو ڪڍيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ۽ سرڪاري ٻولي بنايو وڃي. هن حڪم نامي ۾ ڄاڻايل هو:

”اسان کي ملڪي ٻوليءَ (سنڌي) کي دفتري ٻولي بنائڻ گهرجي. مون کي خبر نٿي پوي ته اسان جا روينيو ۽ عدالتي کاتن جا عملدار، پارسي ۽ انگريزيءَ جهڙين غير ملڪي ٻولين ذريعي ڪاميابيءَ سان ڪم ڪري سگهندا هوندا. انهيءَ سلسلي ۾ سڀني سول ڪامورن کي ارڙهن مهينن جو مدو ڏنو وڃي، جنهن ۾ هو سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان پاس ڪن. اهڙن ڪامورن کي ليفٽيننٽ اسٽئڪ جي ڊڪشنري وڏي مدد ڏيئي سگهي ٿي، جنهن جي ڇپائڻ جي هن کي اجازت ڏني وڃي.“

انگريزي دور ۾ سنڌي زبان لاءِ سرڪاري طور تي هڪ صورتخطي مقرر ٿيڻ ڪري، ٻوليءَ کي وڏو فائدو رسيو. سنڌ ۾ ڇاپخانا نڪتا، جنهن ڪري سنڌي زبان ۾ رسالا، اخبارون ۽ ڪتاب گهڻي تعداد ۾ ڇپجي ظاهر ٿيا، جن ۾ نثر توڙي نظم جي گهڻو ڪري هر صنف اچي ٿي ويئي. هن دور ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ عالمن، دنيا جي بهترين تصنيفن ۽ اعليٰ معيار وارن مصنفن کي سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. هنن انگريزي، فرينچ، جرمن، روسي، عربي، فارسي، ترڪي، هندي، بنگالي، سنسڪرت، گجراتي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل اعليٰ پايه جا ڪتاب، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. انهن ۾ قرآن شريف، توريت، انجيل،زبور، مهاڀارت، رامايڻ، گيتا جهڙن ديني، ڌرمي ۽ مقدس ڪتابن کي سنڌي زبان جو ويس وٺايو. دنيا جي مشهور مفڪرن، اديبن ۽ عالمن جهڙوڪ: رومي، حافظ شيرازي، سعدي، خيام، جبران، شيڪسپيئر، ڊانٽي، والٽر اسڪاٽ، ڪاننڊائيل، ڊڪنس، ڪارلائل، ٽالسٽاءِ، ابسن، بيڪن، ميڪاولي، ڪاليداس، ٽئگور ۽ ٻين عظيم مغربي ۽ مشرقي دانشورن، اديبن، عالمن ۽ فاضلن جا فلسفيانه خيال ۽ ويچار ۽ ناول نويسن ۽ ڊراما نگارن جا ناول ۽ ڊراما، افسانه نگارن جا افسانه ۽ اهڙيءَ طرح مضمون، شعر ۽ ٻيو مواد سنڌيءَ ۾ آندو ويو آهي. اهڙيءَ طرح پيغمبر صه اسلام کان وٺي حضرت عيسيٰ، حضرت موسيٰ، حضرت ابراهيم توڙي ٻين پيغمبرن کانسواءِ خلفاءِ راشدين، امامن، اصحابن، ولين ۽ درويشن جا احوال به سنڌي زبان ۾ ڇپجي چڪا آهن. مطلب ته سنڌي نثر ۾ ابن خلدون، بوعلي سينا، امام غزالي، شري ڪرشن، شري رامچندر، مهاتما گوتم ٻڌ، گرونانڪ، ڪبير، ميرا ٻائي توڙي ٻين فيلسوفن حڪيمن، عالمن ۽ سالڪن جي حياتين جا ڪارناما پڻ قلمبند ٿيل آهن. حاصل مطلب ته انگريزي دور ۾ دنيا جي مشهور ٻولين ۽ نامور اديبن ۽ شاعرن جون نامور تصنيفون سنڌي زبان ۾ سنڌي ادب جو حصو بنجي ويون.

هلندڙ دور ۾ شاعرن ۽ اديبن مختلف موضوعن ۽ مضمونن آهر سنڌيءَ ۾ نوان نوان لفظ گهڙيا ۽ جوڙيا آهن. مختلف شعبن ۾ ماهرن فني اصطلاحن کي سنڌي ويس وٺايو آهي. زراعت، اقتصاديات، علم طبعي، علم ڪيميا، علم ارضيات، علم الانسان توڙي اهڙن ٻين مضمونن جا فني اصطلاح سنڌي ٻوليءَ جو روپ وٺي چڪا آهن. انهن سڀني خوبين ۽ خصوصيتن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو ماضي شاندار، حال ترقي پذير ۽ مستقبل وڌيڪ روشن نظر اچي ٿو. هن سلسلي ۾ پير علي محمد شاهه راشديءَ جي راءِ تجربي واري ۽ معلوماتي آهي. پير صاحب لکي ٿو:

”سنڌيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم اهڙي زور شور سان اسان جي ڏسندي شروع ٿيو ۽ جيڪي ڪجهه اڄ تائين ٿي چڪو آهي، سو حيرت ۾ وجهندڙ آهي. جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته آزاد پاڪستان اندر جيترو علمي ۽ ادبي ڪم سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي، اوترو ڪنهن به مقامي زبان ۾ ڪونه ٿيو آهي. زيور هر ڪا پائي پر ڪا زيور ٺمڪائي به ته ڏيکاري! سنڌي اهل قلم حضرات بلڪل ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. خدا کين نظر بد کان بچائي ۽ سندن همتون بلند ڪري. هنن ملڪ جي وڏي علمي خدمت ڪئي آهي. جڏهن ميان محمد حنيف صديقي يا ڊاڪٽر دائود پوٽو يا آئون ڌڪا ٿاٻا کائيندا، ڪتاب ڳولهيندا، ڳهندا، ڇپائيندا، اوڌر تي وٺندا پئي وياسين، تڏهن اسان کي هي خواب خيال ۾ به ڪونه هو ته اسانجن پنهنجن مان ڪو اهڙو نسل پيدا ٿيندو جو سمورو اباڻو لساني ورثو ۽ خزانو ڳولهي ڦولهي، هٿ ڪري، هميشــہ لاءِ محفوظ ڪري وٺندو. اسان جي ابتدائي ڏينهن ۾ اڪثر ماڻهن کي ناٽڪن ۽ گانن جو شوق هوندو هو. ڪنهن کي اها اميد هئي ته اهي ساڳيا ماڻهو، چچنامو، معصومي، طاهري، تحفةالڪرام، بيگلار نامو، مڪلي نامو وغيره جهڙن خشڪ ڪتابن ڏانهن مڙي پوندا يا پنهنجن زنده جاويد املهه ماڻڪ شاعرن کي ڳولهي، انهن جي ٻولي ٻولڻ لڳندا! شاعرن جو ذڪر ڇڙيو آهي ته منهنجي هيءَ ڳالهه ٻــُـڌي ڇڏيو ته مان هن زماني ۾ اهڙا شاعر به ڏسان ٿو، جن جو ڪلام ڪنهن ڏينهن سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام سان ڪلهو گسائيندو نظر ايندو“.

سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ۽ اهميت کي سمجهي جيئن انگريز عالمن پنهنجي حڪومت جي ابتدائي دور کان وٺي ان کان پڙهڻ، ان تي تحقيق ڪرڻ ۽ ڪرائڻ شروع ڪئي، تيئن آزاديءَ کان اڳ يا ان کانپوءِ آمريڪا، يورپ ۽ رشيا جي عالمن، اديبن ۽ محققن، جديد تحقيق جي روشنيءَ ۾ ان جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو آهي. برطانيا جي لنڊن يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف اوريئنٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز، فرانس جي پئرس يونيورسي، هيلسنڪي، آمريڪا جي مينسونيا ۽ ٽئڪساس ۽ هارورڊ يونيورسٽي ۾ سنڌي زبان تي لسانيات جي جديد علم جا ماهر تحقيق ڪري رهيا آهن. اهڙيءَ طرح جرمنيءَ جي بان يونيورسٽيءَ جي مشهور ماهر فاضل ڊاڪٽر انيمري شمل نه صرف سنڌي زبان تي مهارت رکي ٿي، پر لطيف ۽ سچل تي بيشمار مقالا ۽ ڪتاب لکي چڪي آهي. اهڙيءَ طرح اٽليءَ ۾ ڊاڪٽر تــُـربياني، ماسڪو ۾ راياييگو راوا ۽ پروفيسر گنڪووسڪي سنڌي زبان جا ماهر ليکجن ٿا.[16]

تاريخ

 
پُڻي ۾ چيٽي چنڊ جو ميلو

سنڌي ٻوليءَ جي بنياد جي باري ۾ لسانيات جي عالمن جا مختلف رايا آهن. هڪ خيال اهو آهي تہ سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. جڏهن تہ ٻيو خيال اهو آهي تہ سنڌي تمام قديم ٻولي آهي. ان جو تعلق سنڌو تهذيب واري ٻولي سان آهي[17]. ڪن جو خيال آهي ته سنڌي پراڪرت (ٻوليءَ) جي هڪ لهجي وراچد اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي.ڪن ماهرن سنڌي ٻولي جي قدامت بابت تحقيق جي روشني ۾ ويدڪ دور تائين جا ثبوت ڏنا آهن. سندن موقف آهي ته سنڌي ٻولي ويدڪ دور ۾ به هئي.رگ ويد سنسڪرت ۾ لکيل آهي پر ان ۾ شامل اُڌارن لفظن يا اُڌارن ورتل لفظن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اُهي اڌارا اصل ۾ سنڌي ٻولي جا لفظ آهن. انهن ماهرن ڄاڻايو آهي ته سنڌي ٻولي قبيلي يا قوم جي ٻولي آهي جڏهن ته سنسڪرت جو ڪو قبيلو يا قوم نه هئي. سنسڪرت مٿئين طبقي ۽ حڪمرانن جي ٻولي هئي.سنڌي ٻولي نج نبار طور ويدڪ دور ۾ هئي ۽ سنسڪرت سان گڏوگڏ ڳالهائي ويندي هئي. ان کانسواءِ سنڌي ٻولي قبل مسيح ۾ لکيلجين ڌرم ۽ٻڌمت جي تعليمات ۾ به ملي ٿي ته پاڻي جي سنسڪرت جي لکيل ويا ڪرڻ ( Panini Grammer ) ۾ به ملي ٿي. ويدڪ دور واري سنڌي ٻولي جا تاريخي پيرا آريا قبيلي جي ويدڪ دور ۾ حملي ۽ قبضي گم ڪيا.[18] [19]سنڌين کان سواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن سنڌيءَ ۾ زم ٿي ويا. جيئن بصر (بصل)، بدڪ (بطخ)، زائفان (ظعيفه)، پهراڻ (پيراهن)، مترڪو (مطرقه) ٽيشڻ (اسٽيشن)، ماچيس (مئچس) وغيره. عربن جي دور کان پوءِ سنڌيءَ کي ڪا مخصوص ”آئيويٽا“ يعني رسمرالخط ڪا نہ هئي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي ڪلهوڙن جي دَور (1719ع کان 1782ع) ۾ مخدوم ابوالحسن ڏاهري ”مقدمه الصلوات“ نالي ڪتاب لکيو جنهن کي ابوالحسن ڏاهري جي سنڌي سڏيو ويو.

جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو ويو. ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر هڪ حڪم نامي تحت انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو، تڏهن ئي سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي جنهن جي پورائي لاءِ هڪ ڪميٽي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙي وئي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي، منشي اڌارام ٿانور داس، قريشي غلام حسين ٺٽوي، خان صاحب مرزا صادق علي بيگ ۽ ڪجهہ پرڏيهي عالم شامل ڪيا ويا. ان ڪميٽيءَ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کي نظر ۾ رکندي عربي، فارسي خط مان اکر کنيا. جڏهن تہ انهن ۾ ڪجهہ ٽٻڪن جي واڌ ويجھہ ڪري نج سنڌي اکر (ٻ، ڄ، ڏ، ڳ) جوڙيا. اهڙيءَ طرح يارهن مهينن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ 52 اکرن تي مشتمل موجوده آئيويٽا تيار ٿي. جنهن کي سرڪاري طور سنڌي ٻوليءَ جي واحد آئيويٽا جو درجو ڏنو ويو. پر ان کانپوءِ بہ لفظن جو سٽاءُ نہ بدلجي سگھيو، يعني ساڳيا لفظ جدا جدا طريقن سان لکيا ويندا هئا. مثالاً: چيائين = چياءِ، جيستائين = جيستاءِ، ڪيڏانهن = ڪيڏانهہ، ڪيڏهہ وغيره. نيٺ 1888ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جيڪب صاحب اهڙن لفظن جون پڪيون صورتون مقرر ڪرايون، ان ڪم ۾ مرزا قليچ بيگ اهم قردار ادا ڪيو.

موهن جي ڌڙي مان مليل مهرون ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لکت وارا اهڃاڻ

قديم سنڌي ٻوليءَ جي لکت وارا اُهـڃاڻ سڀ کان پهريان موهن جي دڙي مان مليل مهرن واري لکت ۾ موجود آهن. انهن اکرن مان لفظ ٺاهڻ جو اُصول کاٻي کان ساڄي ۽ مٿان کان هيٺ لکڻ وارو هو، اُهي لکت وارا اصول 6000 سال قديم آهن. ايئن کڻي چئجي ته تاريخ لکڻ کان اڳ واري دؤر جا آهن.(1 ) ان دؤر ۾ به حرف علت ۽ حرف ساڪن جو سنڌي لکت ۾ اُصول موجود هو. جنهن جي شاهِدي جرمنيءَ جي ماهر ڪرٽ چائلڊ مين (Kurt Childman) پنهنجي ڪتاب Decipherment of Indus Valley Script ۾ ڏني آهي. ھُن سنڌولکت (Indus script) جي ٻه هزار مُهرن جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ جي مدد سان ڪيو آهي. جنهن ۾ هن 22 حرف ساڪن ۽ چئن حرف علت جي الفابيٽ سان ترجمو ڪيو آهي. سندس ڪتاب انٽرنيٽ تي موجود آهي. (2) ان کان علاوه عطا محمد ڀنڀري پڻ سنڌو لکت جو ترجمو ڪيو آهي.

سنڌيءَ ٻوليءَ جي جنم جي تاريخ

سڀني ڏيهي آريائي ٻولين ۾ جهوني ۾ جهونو ڪتاب ’پرٿيراج رسن‘ نالي برج ڀاشا (هندي) ۾ لکيل آهي، جو نامور چارڻ چنڊيردائي جو جوڙيل آهي. هو لاهور جو ويٺل هو ۽ دهليءَ جي پوئين راجا پرٿيراج چوهاڻ جي دربار جو ڀَٽ هو. پنهنجي هن ڪتاب ۾ راجا پرٿيراج چوهاڻ جي اصل نسل، جنم ۽ ڪارنامن جو نهايت عمديءَ ريت شعر ۾ ذڪر ڪيو اٿس. اهو چارڻ اٽڪل 1200ع ڌاري ٿي گذريو آهي. مراهٽي ٻوليءَ ۾ جهوني ۾ جهونو ڪتاب 1290ع جو لکيل آهي، پر ’ڀاٽن‘ جي شعر ۾ مراهٽيءَ ۾ ڪي اڪريل سٽون سنه 1208ع جون لڌيون آهن. جنهن صورت ۾ اها پڪ آهي ته اپڀرنش پراڪرت ٻوليون عيسوي ڏهين صديءَ تائين عام طرح ڳالهائڻ ٻولهائڻ توڙي لکپڙهه ۾ ڪم اينديون هيون*۽ هندي ۽ مراهٽي سنه 1200ع ڌاري ڌار ٻوليون ٿي ڪم اينديون هيون، تنهن صورت ۾ وولنر صاحب ۽ ٻين عالمن اهو بلڪل واجبي انومان ڪڍيو آهي، ته سنڌي، هندي ۽ ٻيون ڏيهي آريا ٻوليون سن 1100ع ڌاري، سومرن جي صاحبيءَ ۾، پراڪرت مان ڦٽي ڌار ٿيون هونديون.

ڀاشا حدون

سنڌي ٻوليءَ جون حدون، صوبي کان ٻاھر اتر ۾ اڳوڻي رياست بھاولپور، ملتان، اتر اولھ ۾ بلوچستان جي، مڪران، لس ٻيلي، ڪڇي، ناڙي علائقن تائين پھچن ٿيون. سنڌ کي بلوچستان کان جدا ڪندڙ ڪوھستاني علائقي ۾ پڻ وڏو تعداد، سنڌي ڳالھائيندڙن جو آھي. ان کان علاوه بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مادري زبان جي حيثيت پڻ حاصل آھي. بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي بلوچي سان گڏ بنيادي زبان طور پڻ ڳالھايو ويندو آھي جدگال، گوادر، اورماڙا، پسني ۽ اڳتي خليج، مسقط، ابوظھبي ۽ ان سان لاڳو ساحلي علائقن ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن جو وڏو تعداد موجود آھي. ڪڇ، گجرات ۽ ھندستان جي ڪاٺياواڙ ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ سنڌيءَ کي رابطي واري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آھي. اوڀر ۾ ھن ٻوليءَ جون حدون راجپوتانہ کان علاوہ اڳوڻين رياستن مارواڙ، جيسلمير ۽ ٻين پاڙيسري علائقن تائين پھتل آھن.

انگريزن کان آزاديِءَ ۽ پاڪستان جي ٺھڻ کانپوءِ سنڌي ڳالھائيندڙ ھندن جو ھڪ وڏو تعداد ڀارت لڏي ويو، جيڪي ھاڻي ھندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد آھن ۽ گھر ۽ ڪاروبار ۾ سنڌي استعمال ڪن ٿا.

پاڪ و ھند کان علاوه ٻين ڪيترن ملڪن جھڙوڪ: تنزانيا، ڪينيا، يوگنڊا، ڪانگو، ڏکڻ آفريڪا، مداگاسڪر، اوڀر آفريڪا، انگلستان، آمريڪا ۽ ڪيناڊا ۾ پڻ اندازاً 4،00،000 ماڻھو سنڌي ٻولي ڳالھائين ٿا. ان کانسواءِ ھاڱ ڪاڱ، سنگاپور، ٿائيلينڊ ۽ ٻين ڪيترن ڏورانھن علائقن جا اھي واپاري، جيڪي 20 صديءَ جي شروع ۾ انھن علائقن ۾ آباد ٿيا، پڻ سنڌي ڳالھائين ٿا.

موو حب ويب سائيٽ جي سروي

موو حب (MoveHub) ويبسائيٽ جي سروي مطابق پاڪستان ۾ جتي سرڪاري ٻولي انگريزي ۽ اردو آهي اتي ان جي اندازي مطابق سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندڙ ٻيو نمبر ٻولي بڻجي وئي آهي. پرڏيهه وڃڻ لاءِ مختلف نمونن جي ڄاڻ مهيا ڪندڙ ويب سائيٽ جي سروي مطابق سنڌي ٻولي پاڪستان ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولين ۾ ٻئين نمبر تي پهچي وئي آهي. ويب سائيٽ موجب پاڪستان جتي سرڪاري ٻولي اردو آهي ۽ پنجاب جي آبادي وڏي هجڻ ڪري پهرين نمبر تي ڳالهائيندڙ زبان پنجابي آهي ۽ ملڪ ۾ ٻئين نمبر تي ڳالهائجندڙ ٻولي سنڌي آهي. هن ويب سائيٽ جي سروي مطابق دنيا ۾ ساڍا ست ڪروڙ سنڌي ڳالهائيندڙ آهن. پر اها ڳالهه پوري پڪ سان نٿي چئي سگهي ته هن ويبسائيٽ جي سروي ڪيتري حد تائين صحيح آهي.[20][21][22][23]

سنڌي ٻوليء جي قدامت

سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد، صورت خطي، آفيس ۽ ڪاروبار ۾ استعمال ٿيڻ ۽ ان جو ڪارائتو ھجڻ تي بحث ٿيا ۽ ٿيندا رھندا. ان حوالي سان ڪن جو اهو خيال آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي ڪتابي صورت ۾ انگريزن آندو، جيڪا ڳالهه سراسر غلط آھي. سنڌي ٻولي ۽ ان جي لپي جي قدامت جي اھڃاڻن لاءِ اسان وٽ محققن ۽ سياحن جا احوال موجود آھن جي ثابت ڪن ٿا ته ديبل، منصوره ۽ ملتان ۾ (مسلمانن جي شروعاتي دور ۾) عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالھايون وينديون ھيون. سن 270ھ/ 883ع ۾ يعني اڄ کان 1110 سال اڳ قرآن پاڪ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ترجمو به ڪيو ويو (حوالو؛ پير راشدي) ان مان ثابت آھي ته عربن جي دور ۾ سنڌي نه فقط ڳالھائي ويندي ھئي، پر لکي به ويندي ھئي. عرب سياحن جي احوالن ۽ تازين کوجنائن سان ثابت ٿيو آھي ته عرب حڪومت جي شروعات کان اڳ سنڌي زبان عام ماڻھن جي ڏيهاڙي توڻي واپار جي استعمال واري ٻولي ھئي ۽ سنڌي، عام ماڻھن، واپارين ۽ عالمن وٽ مقبول ھئي.

جاحظ (864ع) لکي ٿو ته سنڌ جي ماڻھن کي اسان نجوم ۽ حسابن ۾ گھڻو اڳتي ڏٺو. انھن جي ھڪ خاص سنڌي لِپيآھي. ابن موقل ۽ اسطخري (951ع) لکي ٿو ته ”منصوره، ملتان ۽ ان جي ڀرپاسي جي ماڻھن جي ٻولي سنڌي ۽ عربي ھئي.“ مسعودي (957ع) لکي ٿو ته ”سنڌ جي زبان ھندوستان کان مختلف آھي. سنڌ اسلامي ملڪن سان ويجهي آھي.“ بشاري مقدسي لکي ٿو ته ”ديبل ھڪ سامونڊي شھر آھي. ھن سان ھڪ سئو ڳوٺ مليل آھن. ھتي جا رهاڪو واپاري آھن ۽ سنڌي ۽ عربي زبانون ڳالھائين ٿا.“ ابن نديم (995ع) لکي ٿو ته ”سنڌ جي ماڻھن جو زبانون ۽ مذھب مختلف آھن ۽ لِپيهڪ کان وڌيڪ آھن. ھنن جا لڳ ڀڳ ٻه سئو لِپيآھن. سنڌ جي ماڻھن وٽ 9 لِپيرائج آھن.“ البيروني لکيو آھي ”اسلام جي اچڻ وقت سنڌي ٻولي نه رڳو ڳالھائي ويندي ھئي، پر اھا ڌار ڌار لِپي۾ لکي به ويندي ھئي.“

ڀنڀور جي دڙي جي تازي کوٽائي مان لڌل ٺڪرين تي لکيل حرف، اٺين صدي جي ”آڳاٽي ناگري“ نموني جا آھن ۽ سنڌي ٻولي جي باري ۾ عرب سياحن جي چيل ڳالهين جي ساک ڀرين ٿا. سنڌي ٻولي ھڪ کان وڌيڪ ديسي رسم الخطن ۾ لکي ويندي ھئي. ھر قبيلي کي پنھنجي لِپيھوندي ھئي. سنڌي لھاڻا پنھنجي نموني لکن ٿا ته ڀاٽيا پنھنجي لِپي۾ لکن. اھڙي طرح ٺٽائي ڀاٽين ۽ سيوھاڻي ڀاٽين جو لِپيالڳ هئي. پڻ راجائي، ونگائي، مالواڙي ۽ سئندو به رسم الخطن جا نالا ھئا. عرب سياحن جي احوالن مان صاف ظاھر آھي ته سنڌي ٻولي واپاري ڏي وٺ ۽ عام استعمال واري ٻولي ھئي ۽ ان وقت به شاھوڪار، معياري ۽ وسيع ٻولي ھئي. ان ۾ نجوم، ھيئت، طب ۽ ٻين علمن توڙي واپار، تجارت، روزانو استعمال جي شين، مختلف قسمن جي ڪپڙن، دوائن وغيره لاءِ لغتي خزانو ھيو. مطلب ته اسلام جي اچڻ کان به اڳ ۾ سنڌي ٻولي جدا جدا لکتن ۾ لکي ويندي ھئي. (الانه)

بيان ڪيل سنڌي لکتن کان سواءِ خواجڪي سنڌي صورت خطيءَ جو حوالو ڪئپٽن اسٽيڪ به ڏنو آھي. لوھاڻڪي خط ۾ واڌارو آڻي سنڌ ۽ ڪڇ جا نوان مسلمان (اسماعيلي) سومرا دور ۾ عام طور استعمال ڪرڻ لڳا. ان ۾ پير صدرالدين سائين جن ماترائون شامل ڪري ۽ ان سان گڏ ٻيا سڌارا ۽ واڌارا آڻي، ان تي خواجڪي سنڌي يا چاليھ اکري نالو رکيائون. مذھب جي اثر ڪري عربي- سنڌي حرفن استعمال ڪرڻ جو واھپو وڌڻ لڳو. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي خيال موجب عربي- سنڌي لکڻي جو قديم نمونو شاھ ڪريم بلڙي جي ڪلام ۾ ملي ٿو. پر ان لِپيجو حقيقي ۽ پختو پايو وجھندڙ مخدوم ابوالحسن ھو، جو ڪلھوڙن واري دور جي وڏن عالمن مان ھيو. ھن ضروري سمجھيو ته نو مسلم ماڻھن لاءِ اسلامي اصول سندن مادري زبان ۾ لکيا وڃن. تنھنڪري ھن اول صورت خطي ٺاھي، جا نه فقط ٺٽي ۾، پر سنڌ جي ٻين حصن ۾ به تحرير جو وسيلو بڻي ۽ 1853ع تائين ھيءُ ئي خط ڪم ايندو رھيو. پر سنڌيءَ کي ٻيا ديسي لِپيجا نمونا به ھئا. جڏهن ته پارسي، ادبي ۽ سرڪاري زبان ھئي، پر سنڌي سڀني جي زبان ھئي. امير توڻي غريب سنڌي ڳالھائيندا ھئا. ھندو ۽ مسلمان واپاري پنھنجو سمورو ڪاروبار سنڌيءَ ۾ ھلائيندا ھئا. ھندو ديوناگري نموني تي ٺاھيل ھندو- سنڌي صورت خطي ڪم آڻيندا ھئا. اسٽيڪ جي بيان موجب، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تحريري صورت لاءِ ڪيتريون ئي لپيون ڪم اچن ٿيون ۽ سنسڪرت وانگر کاٻي ساڄي لکيا وڃن ٿا. ان مان ثابت آھي ته انگريزن جي دور کان اڳ ۾ به سنڌي ٻولي لکي ۽ پڙھي ويندي ھئي، پر لکتون مختلف ھيون. (حوالو؛ الانا)

1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. 1845ع ۾ بمبئيءَ جي بورڊ آف ايڊيوڪيشن سنڌ ۾ تعليمي ايجنسي ٺاھڻ جو سوال ھٿ ۾ کنيو. پڻ سنڌيءَ کي صوبي جي سرڪاري زبان ڪرڻ جو مطالبو ٿيو. ان تحريڪ نيٺ وڃي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو سوال پيدا ڪيو. 1848ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر سر جارج ڪلارڪ ھڪ حڪم نامو ڪڍي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري ٻولي بڻايو. [24]

سنڌي ٻوليءَ جا قائدا

جن قاعدن پٽاندر ٻه ننڍا اُچار پاڻ ۾ ملي، هڪ يڪو ڊگهو اچار پيدا ڪن ٿا، تن کي چئبو آهي ”سنڌيءَ جا قاعدا“ (Rules of Euphoney) . سنڌيءَ جا قاعدا قدرت جا قاعدا آهن، تنهن ڪري اهي سنسڪرت، سنڌي، عربي ۽ دنيا جي ٻين سڀني ٻولين سان هڪجهڙا لاڳو آهن. مثلاً سنڌيءَ ۾ ”پنج + اَسي“ جو اچار ڪريون ”پنجاسي“. پنجَ“ لفظ ۾ ”ج“ جي مٿان زبريعني ”اَ“ جو اچار آهي، ۽ ”اسي“ لفظ جي اڳيان به ”اَ“ جو اچار آهي. اهي ٻئي ”اَ“ جا اچار پاڻ ۾ ملي ”آ“ ٿين ٿا، تنهن ڪري .پنج + اسي“ بدران چئون ”پنجاسي“، ”ڇهه + اَسي“ بدران چئون ”ڇهاسي“ ۽ ”ست + اَسي“ بدران ”ستاسي“ چئون ٿا.[25]

پڻ ڏسو

حوالا

  1. Nationalencyklopedin "Världens 100 största språk 2007" The World's 100 Largest Languages in 2007
  2. "Script". Sindhilanguage.com. 
  3. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "سنڌي". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/sind1272. 
  4. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "سنڌي ڀيل". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/sind1270. 
  5. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "Lasi". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/lasi1242. 
  6. Laurie Bauer, 2007, The Linguistics Student’s Handbook, Edinburgh
  7. Gulshan Majeed. "Ethnicity and Ethnic Conflict in Pakistan" (PDF). Journal of Political Studies. حاصل ڪيل December 27, 2013. 
  8. "Sindhi". The Languages Gulper. حاصل ڪيل December 27, 2013. 
  9. "Encyclopædia Britannica". Sindhi Language. حاصل ڪيل December 29, 2013. 
  10. "English to Sindhi Dictionary & Sindhi to English Dictionary". KhandBhale.org. حاصل ڪيل 24 August 2015. 
  11. سنڌي پهاڪا لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس (روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-10-20 
  12. "سنڌي ٻوليءَ کي پاڻ ارپيندڙ پهريون انگريز عملدار ڪيپٽن جارج اسٽيڪ :مختيار احمد ملاح - Awami Awaz" (ur ۾). Awami Awaz. http://awamiawaz.com/85750/. 
  13. سنڌي زبان--شيخ محمد اسماعيل؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
  14. electricpulp.com. "SINDHI – Encyclopaedia Iranica". www.iranicaonline.org. حاصل ڪيل 2018-06-29. 
  15. سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  16. سنڌي ٻوليءَ جو موجوده مقام، ان جو مستقبل ۽ اُن جي ترقيءَ لاءِ تجويزون ڊاڪٽر غلام علي الانا ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  17. "Language of Sindh 400 B.C - 1000 A.D.". panhwar.com. حاصل ڪيل 2019-05-29. 
  18. "سنڌي ٻولي جون جڙون ويدڪ دور تائين وڃن ٿيون.......عزيز ڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-05-29. 
  19. DADUZEN, Dayal N. Harjani aka (2018-07-19) (en ۾). Sindhi Roots & Rituals - Part 1. Notion Press. ISBN 9781642492897. https://books.google.com.pk/books?id=J4ZlDwAAQBAJ&printsec=frontcover&dq=inauthor:%22Dayal+N+Harjani+aka+DADUZEN%22&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiGjfqNmsDiAhXqzoUKHWgYCH4Q6AEIJDAA#v=onepage&q&f=false. 
  20. Sindhi turns out to be second language of Pakistan - The Express Tribune
  21. Sindhi turns out to be second language of Pakistan | Indus Asia Online Journal (iaoj)
  22. سنڌي ٻولي پاڪستان ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻيون نمبر ٻولي بڻجي وئي...!! - سنڌسماءَچار, وقت 2018-07-28 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-02-26 
  23. Sindh Express News Story, وقت 2021-04-14 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-02-26 
  24. سنڏ ويزن، علي مردان راهوجو
  25. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27.  Missing or empty |title= (مدد)