سجاول ضلعو (اُچار: سُجاوَل زِلو، اردو: ضلعہ سجاول) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو گاديءَ جو هنڌ سجاول شهر آهي. هن ضلعي جي پيدائش آڪٽوبر 2013 ۾ ٿي. ان کان پهريان سجاول ٺٽي ضلعي جو هڪ تعلقو هو.[1] ھن ضلعي جي پنج تعلقن ۾ 37 يونين ڪاؤنسلون، 336 روينيو کاتي جا منظور ڪيل ڳوٺ، 3221 مختلف ننڍڙيون آباديون ۽ ڪل 99860 گھر واقع آھن جن ۾ 655341 ماڻھو رھن ٿا 341874 مرد ۽ 313467 عورتون شامل آهن[2].

سجاول ضلعو
ضلعو
Sijawal District
سجاول ضلعو ۽ ان جا تعلقا
سجاول ضلعو ۽ ان جا تعلقا
سجاول ضلعو is located in سنڌ
سجاول ضلعو
سجاول ضلعو
سجاول ضلعو is located in Pakistan
سجاول ضلعو
سجاول ضلعو
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°44′N 68°04′E / 24.733°N 68.067°E / 24.733; 68.067مڪانيت: 24°44′N 68°04′E / 24.733°N 68.067°E / 24.733; 68.067
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن ڀنڀور ڊويزن
تعلقا 5
سنڌ ۾ سجاول ضلعي جي بيھڪ

ضلعي جا تعلقا سنواريو

سجاول ضلعي ۾ هيٺيان پنج تعلقا شامل آهن.

سجاول ضلعي جا تعلقا
تعلقو يونين ڪاؤنسلون آدمشماري 1998
1 سجاول تعلقو 6 1,27,299
2 کاروڇاڻ تعلقو
3 ميرپور بٺورو تعلقو 8
4 شاه بندر تعلقو 5
5 جاتي تعلقو 6
ڪل

ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون سنواريو

ھن ضلعي ۾ ڪل 37 يونين ڪاؤنسلون آهن[2].


سجاول ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[3]
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1 بچل گگو 2 ٻنون 3 حسين پور
4 لائق پور يوسي 5 دڙو 6 ڪنڌور
7 علي اڪبر شاھ 8 جھوڪ شريف 9 مھر شاھ
10 ڪامارو 11 شاھ محمد شاھ 12 دريا خان سوھو
13 کيرال 14 ٻيلو شھر 15 مراد پور
16 علي بحر 17 گھوٽارو 18 ڄار
19 ڪينجھر 20 مرزو لغاري 21 شاھ ڪپور
22 بيگنا 23 گل محمد ٻارڻ 24 مغلبين
25 ڪڙ ملڪ 26 مريد کوسو 27 غلام الله اوٺو
28 مڙھو بولا خان 29 ڪوٺي 30 گونگاڻي
31 جونگو جلباڻي 32 دولتپور 33 چوھڙ جمالي
34 لاڏيون 35 ڇڇ جھان خان 36 شاھ بندر
37 جان محمد جت - - - -

آبادي سنواريو

سجاول ضلعي جي آبادي 781967 آھي ۽ ٽوٽل گھرن جو تعداد 153018 آھي.

حوالا سنواريو