زين کوسو (انگريزي:Zain Khoso) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ نثر نويس آهي جنهن جا ڪافي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1]

زين کوسو

زندگي جو احوال سنواريو

زين کوسو جو پورو نالو زين العابدين آهي. هن دادو ضلعي، جوهي تعلقي جي ڳوٺ چنجاڻي ۾ 5 سيپٽمبر 1971ع تي مينهون خان کوسو جي گهر ۾ جنم ورتو.[2]

تعليم سنواريو

هن پرائيمري تعليم ڳوٺ چنجاڻي ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ هاءِ اسڪول جوهي منجهان پاس ڪئي. هن بي اي، ايم اي ۽ ايل ايل بي جا امتحان دادو مان پاس ڪيا.[2]

شاعري سنواريو

زين کوسي لکڻ جي شروعات 1987ع ۾ ڪئي. سندس شاعري مختلف معياري رسالن ۽اخبارن ۾ شايع ٿئي ٿي. سندس شاعري ٽن ڪتابن، وڻ وڻ منجهان واس، سخنور سنڌ ڌرتي جا ۽ وايون مهڪيون واٽ تي ۾ شايع ٿيل آهي. شاعري ۾ هن وايون، غزل، نظم، ٽه سٽا وغيره لکيا آهن. پيشي جي لحاظ سان سرڪاري ملازم آهي.[2][3][4]

حوالا سنواريو

  1. "جوهي ۾ ناليواري شاعر احمد خان مدهوش جي 90هين سالگرهه تقريب". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2021-08-23. 
  2. 2.0 2.1 2.2 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2019-11-22. 
  3. "يوسف جميل لغاري (Yousif Jameel Laghari): وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس". يوسف جميل لغاري (Yousif Jameel Laghari). حاصل ڪيل 2019-11-22. 
  4. سولنگي, شير محمد. "سچل سرمست جو 198هين عرس ۽ اديب شاعرن جي رهاڻ‎". سجاڳ سنگت. حاصل ڪيل 2019-11-22.