زيبرا 🦓(انگريزي: Zebra )[1] گھوڙي جي ڪٽنب جو اڇن ڪارن پٽن وارو جانور آهي. اھي پنھنجي گروھ ۾ رھڻ وارا جانور آھن . اھي گھوڙي ۽ گڏھن وانگر پالتو نہ بڻجي سگھيا. زيبرا جون ھن وقت ٽي جنسون آهن: ميداني زيبرا، جابلو زيبرا ۽ گريوي واري زيبرا. زيبرا جون ٻيون جنسون نابود ٿي چڪيون آهن. ميداني ۽ جابلو زيبرا واريون جنسون ھپوٽگرس جي ذيلي نسل سان تعلق رکن ٿيون. گريوي واري زيبرا ڊوليڪوھيپس جي ذيلي نسل جي جنس آهي جيڪا ڏسڻ ۾ گڏھ سان مشابهت رکندڙ آھي جنھن سان زيبرائن جو ويجھو رشتو آهي. ميداني ء جابلو زيبرا جي مشابھت گھوڙي سان وڌيڪ آھي. ٽئي جنسون ايڪئيس نسل مان آھن. ھن وقت جابلو زيبرا ۽ گريوي واري زيبرا جون جنسون شڪار جي ڪري خطري م آهن. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق زيبرا ھڪ گاھ خور جانور آهي جنھن جو قد عام طور تي 47 کان 55 انچ (120 کان 140 سينٽي ميٽر) آھي[2]. آفريڪا جي اوڀر ۽ اولھ جي ميداني علائقي واري بورشيل زيبرا (Burchell’s zebra) جا پٽا ويڪرا ھوندا آھن[2]. ڪينيا، ايٿوپيا ۽ صوماليه جي بنجر علائقن ۾ ملندڙ E. grevyi جي نالي واري گريوي واري زيبرا (Grevy’s zebra) جا پٽا سوڙھا ۽ پيٽ اڇو ھوندو آھي[2]. ناميبيا ۽ سائوٿ آفريڪا جي اولهندي پاسي ننڍين پھاڙين جي ميداني علائقن م رھندڙ زيبرا جي جسم جي پوئين حصي تي سيخن وانگر نمونا ٺھيل ھوندا آھن[2].

زيبرا
Temporal range: نيئو جيني–present
تنزانيه ۾ زيبرائن جو ڌڻ چرندي ڏيکاريل
Scientific classificationEdit this classification
Unrecognized taxon (fix): ايڪئيس
Groups included
۽ ٻيا ايڪئيس جا قسم

حوالا سنواريو

  1. "Zebra". Online Etymology Dictionary. وقت 2015-03-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2011-12-10.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2103 -