زويا خان

انڊين اداڪارا

زويا خان (ڄم جي تاريخ: 17 اپريل 1992ع)[1] هڪ ڀارتي فلم اداڪارا، ميزبان ۽ اينڪر آهي. هن هڪ اينڪر ۽ پرنٽ ماڊل طورپنهنجي ڪلاڪاري واري زندگيءَ جي شروعات ڪئي. [2] چڙهائي (ريمپ) تي جلوا ڏيکارڻ سميت هن ڪيترن ئي اشتهارن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ گهڻي ريت پرنٽ ميڊيا لاءِ ٺاهيل اشتهار شامل آهن. زويا خان ان مهل سڀني جي نگاهن جي مرڪز بڻي جڏهن هن دهلي ۾ ٿيندڙ هڪ حسن جي مقابلي ۾ مس خوبصورت مُرڪَ ۽ نرم کَلَ (جسم) جو انعام ماڻيائين. زويا اداڪاري کان اڳ اڪائونٽنگ ماهر ۽ ماڊل جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيو آهي.

زویا خان
پيدائش اپريل 1992 (عمر 32 سال)
نئي دهلي، ڀارت
رھائش ممبئي، مهاراشٽر، ڀارت
قوميت ڀارتي
پيشو اداڪار اداڪارا، ميزبان
سَرگَرمُ سالَ سال 2014–کان هينئر تائين

ڪُجھ وقت ماڊلنگ ڪرڻ کانپوءِ زويا هڪ مختصر جٽاءُ واري فلم “مڇر داني “ سان اداڪاري جي دنيا ۾ پيرُ پاتو. انهيءَ فلم ۾ سندس بهترين اداڪاري ڪرڻ سبب هن ڪولڪتا انٽرنيشنل فلم فيسٽول 2013 ۾ شريڪ 46 مُلڪن جي 216 فلمن جي هيروئن منجهان پهريون ايوارڊ هن پنهنجي ناءِ ڪيو هيو. زويا جي پهرئين وڏي فلم سي ايس ريڊي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ اي شيام گوپال ورما فلم جي هڪ فيچر تيلگو فلم هئي، جيڪا 2015 ۾ ٺاهي وئي ۽ ان ۾ زويا مُکيا ڪردار نڀايو هيو. پوءِ هدايتڪار رميش سپي جي هڪ فلم “شملا مرچي” ۾ پڻ هن اداڪاري ڪئي هئي.

اوائلي زندگي سنواريو

زويا خان نئي دهلي جي هڪ مسلمان پٺاڻ خاندان جي گهراڻي ۾ جنم ورتو. هن دلي يونيورسٽي منجهان اڪائونٽس ۾ گريجوئيشن ڪئي هئي. هيءَ غير نصابي سرگرمين ۾ گهڻو فعال هئي. پنهنجي اسڪول ۽ ڪاليج واري زماني ۾ هيءَ باسڪٽبال ۽ بيڊمنٽن جي رانديگرياڻي هئي، جڏهن تہ هن جي وِندُر ذاتي مصوري هئي. هن جو هڪ ڀاءُ ڀارتي سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهي. زويا دهلي ڪانگريس جي هاڻوڪي صدر ۽ اَڳُوڻي ڪيبينٽ منسٽر هارون يوسف جي ڀاڻيجي آهي.

مادلنگ ۽ ميزباني سنواريو

 
ماڊل، اينڪر ۽ اداڪارا سنا خان عُرف زويا خان

زويا پمنهنجي اشڪول يج زماني کان ئي پروگرامن جي ترتيب ۽ ميزباني ۾ فعال هئي. هڪ ايمسي جي حيثيت سان هن اسٽيج پروگرام، مزاحيا خاڪا، ايشين اوپن ڪِڪ باڪسنگ چيمپئين شپ، راڳ جا پروگرام، ايوارڊ شو، شادي جون تقريبون، فيشن شو، سفرنامو پروگرام، دستاويزي پروگرام، نئين سال جي تقريبُنِ ۽ انيڪ سڌوسنئون (لائيو شو) سموري هندستان ۾ منعقد ڪيا.

اداڪاري سنواريو

زويا اداڪاري جو سفر ننڍي پردي (اسڪرين) يعني ٽيليويزن تي شاگردي واري زماني ۾ ئي بالاجي ٽيلي فلمز جي انتظام هيٺ ۽ هدايتڪارا ايڪتا ڪپور جي هڪ ڊرامو سيريل بيري پيا ۾ هڪ ناڪاري ڪردار سان ڪئي جيڪو ڪلرز ٽي وي تي نشر ڪيو ويو هيو.

حوالا سنواريو