زنبق ڳنڍين واريءَ ذات جو ٻوٽو آهي. هن جا ڇٽيهه قسم شمار ڪيا اٿن. ڳنڍيون آڪٽوبر ۾ هڻندا آهن. گهڻو ڪري هي سڄي سال ۾ ساوا رهندا آهن. گل وڏا اڇا ڪندا آهن. منجهن ٿوري چڱي بوءِ به رهندي آهي. فتنو گل به زنبق جي جماعت مان آهي. هن ذات کي انگريزيءَ ۾ آئرسِ سڏيندا آهن. نيلي گلن واري کي ايراني زنبق چوندا آهن. انگريزي ۽ سپانش ذاتيون به آئرس جون مشهور آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو