رنگ دي بسنتي (هندي: रंग दे बसंती) ڀارت جي هڪ فلم آهي جيڪا 26 جنوري 2006ء تي نمائش جي لاء پيش ڪئي وئي۔ هن جي هدايتڪاري راڪيش اوم پرڪاش مهرا ڪئي جڏهن ته عامر خان، سوها علي خان، آر ماڌون، ڪنول ڪپور، سڌارت نارائن، شرمن جوشي، اٽل ڪلڪرنر، برطانوي اداڪاره ايلس پيٽن، وحيدہ رحمٰن، اوم پورر، ڪرن کير ۽ انوپم کير هن فلم جا اهم اداڪار هيا۔ فلم جي موسيقي اي آر رحمٰن ترتيب ڏني جنهن خوب شهرت ماڻي۔ فلم دنيا ڀر ۾ تمام گهڻو پسند ڪئي وئي۔ گولڊن گلوب ۽ 79 هين اڪيڊمي ايوارڊ جي لاء ڀارت هن فلم کي نامزد ڪيو پر هي حتمي مقابل تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهي۔ پر هي فلم برٽش اڪيڊمي آف فلم اينڊ ٽيليويزن "بافٽا" ايوارڊز جي لاء نامزد ٿي پر حريف فلم جي مقابلي ۾ نه کٽي سگهي۔ عالمي ايوارڊز جي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي جي باوجود رنگ دي بستي 2007ء فلم فيئر ايوارڊز ۾ بهترين فلم جو اعزاز حاصل ڪيو۔ [1] [2]

رنگ دي بسنتي (रंग दे बसंती)
فائل:RDB poster.jpg
فلم جو پوسٽر
هدايتون راڪيش اوم پرڪاش مهرا
رچنا راڪيش اوم پرڪاش مهرا
ديون کوٽي
روني اسڪريو والا
ليکڪ رينزل ڊي سلوا
راڪيش اوم پرڪاش مهرا
ستارا عامر خان
آر مڌاون
ايلس پيٽن
سوها علي خان
وحيده رحمٰن
سڌارت نارائڻ
ڪنل ڪپور
اٽل ڪلڪرنر
شرمن جوشي
موسيقي اي آر رحمٰن
ورهائيندڙ يو ٽي وي موشن پڪچرز
مهورت 26 جنوري 2006ء
وقت دوران 157 دقيقه
ملڪ  ڀارت
ٻولي هندي/اردو، پنجابي
بجيٽ 300 ملين رپيا
رسمي ويب سائيٽ
All Movie Guide profile
IMDb profile

حوالو سنواريو

  1. The Financial Express: RDB too ‘foreign’ for Oscars
  2. Variety: Award central - Foreign Oscar list down to nine, وقت 2007-11-15 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2007-11-15