رجائيت

ذھني ورتاءُ

رجائيت (Optimism) يا اميد پرستي هڪ نظريو آهي، جنهن مطابق هيءَ دنيا سڀني امڪاني دنيائن کان بهتر آهي ۽ هيءَ ڪائنات باطل تي حق کي غالب ڪندي آهي. ادبي دنيا ۾، شين يا واقعن کي روشن ڏسڻ ۽ مستقبل جي باري ۾ اميدپرستي ڏيکارڻ واري نقطه نظر کي ’رِجائيت‘ چيو ويندو آهي. جنهن اديب جي لکڻين ۾ رِجائيت هوندي آهي ان کي رجائي چيو ويندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.