رتودیرو (سنڌي: رتوديرو شھر لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي رتوديرو جو صدر مقام آهي. شھر لاڙڪاڻي شھر کان 28 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.

رتوديرو
Ratudero
شھر
رتوديرو is located in سنڌ
رتوديرو
رتوديرو
رتوديرو is located in Pakistan
رتوديرو
رتوديرو
پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°48′5″N 68°18′40″E / 27.80139°N 68.31111°E / 27.80139; 68.31111مڪانيت: 27°48′5″N 68°18′40″E / 27.80139°N 68.31111°E / 27.80139; 68.31111
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو

تاريخ سنواريو

ھن شھر جو پراڻو نالو رتن ديرو ھيو جيڪو بعد م رتوديرو ٿي ويو. ھن شھر جو بنياد ڪلھوڙن جي دور ۾ پيو. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[1] “ ھن شھر جي مونسپالٽي جو بنياد 1862 م پيو پر شروع ۾ ان جي ميمبرن کي نامزد ڪيو ويندو ھو پر 1935 واري گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ھيٺ بالغ راء دھي جي بنياد تي 1938 ۾ چونڊون ڪرايون ويون.[2].سال 1939 ۾ ھڪ خانگي ڪمپني رتيديري ۾ پاور هائوس لڳايو جنھن مان شھر جي وڏن رستن تي بجليءَ جا بلب ٻرندا هئا ۽ ڪجهه سرندي وارن کي بہ بجلي فراهم ٿيل ھئي. ان کان اڳ شھر ۾ رستن تي گاسليٽ تي ٻرندڙ فانوس لڳل ھيا جيڪي اسٽريٽ لائيٽ جو ڪم ڪندا ھئا.[3]

بينڪاري نظام سنواريو

رتوديرو ۾ ھيٺيون بينڪون واقع آھن:

مشھور ماڻھو سنواريو

ذريعا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. {پنهور، ايم.ايڇ ]1/1996ع[، ٽماهي ”مهراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.}
  2. { يادن جي ڳڙکيء مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب:خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011 پيج نمبر 22}
  3. { يادن جي ڳڙکيء مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب:خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011 پيج نمبر 24}

تحصیل اور یونین ضلع لاڑکانہ میں - گورنمینٹ آف of پاکستان

سانچو:نامکمل سانچو:پاکستان کے بڑے شہر زمرہ:سندھ کے شہر زمرہ:ضلع لاڑکانہ