رام پنجواڻي

سنڌي ٻولي جو ناميارو هندستاني ليکڪ

پروفيسر رام پنجواڻي (انگريزي ٻولي: Professor Ram Panjwani) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو  ناميارو اديب، شاعر، راڳي، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس، ۽ پروفيسر هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1][2]

زندگي جو احوال سنواريو

رام پنجواڻيءَ جو پورو نالو رام پرتاب راءِ پنجواڻي هو. هن 20 نومبر 1911ع تي لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو.[3]

تعليم سنواريو

رام پنجواڻي اسڪولي تعليم لاڙڪاڻي ۾ ورتي ۽ ڪاليجي تعليم لاءِ ڊي جي سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو جتي هن ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي.[3]

علم ادب سنواريو

رام ڊي جي ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هند توڙي سنڌ ۾ هن زندگيءَ جا ذري گهٽ 50 سال پروفيسريءَ ۾ گذاريا، نه رڳو بي. اي ۽ ايم. اي جي شاگردن کي پڙهايائين، پر ڪيترن ئي اديبن ۽ شاگردن سندس رهنمائيءَ هيٺ پي.ايڇ.ڊي پڻ ڪئي. هن ۽ ٻين سنڌي ٻوليءَ جي گهڻ گهُرن سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت ۾ زنده رکڻ ۽ اتان جي آئين ۾ مڃتا ڏيارڻ لاءِ پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جڏهن تحريڪ هلائي ته ان ۾ رام پنجواڻيءَ جو مکيه ڪردار هو. هن مهاتما گانڌي ۽ جواهر لعل نهروءَ جي آڏو ڳائي داد حاصل ڪيو، پر جڏهن اندرا گانڌي وزيراعظم هئي ته ان جي آڏو به نه رڳو ڳائي داد حاصل ڪيائين، پر ڳائيندي ڳائيندي کيس گذارش ڪيائين ته سنڌي ٻوليءَ کي هندستان جي قومي ٻولي جو ڏيڻ جي گذارش ڪئي. هن ۽ ٻين بزرگن ۽ نوجوانن جي جدوجهد سان سنڌي زبان کي 10 اپريل 1967ع تي ڀارتي آئين جي اٺين شيڊول تي قومي زبان طور تسليم ڪيو ويو. رام پنجواڻي هڪ ئي وقت شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، مضمون نگار ۽ نقاد رهيو. هن ادب جي مٿين صنفن ۾ لکي پاڻ کي سنڌي ادب جي اعليٰ ليکڪ طور مڃايو. هو گهڻ رخي شخصيت هو ۽ سندس هر رخ مڪمل هو. ورهاڱي کان پهرين ۽ سنڌي ادبي سنگت جي قيام کان اڳ جڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سرڪل قائم ٿيو ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ان جو صدر ۽ رام پنجواڻيءَ کي نائب صدر بڻايو ويو ۽ شيخ عبدالرزاق ”راز“ ان سرڪل جو جنرل سيڪريٽري بڻيو، جڏهن ته شيخ اياز سميت ٻيا ناليوارا اديب ان جا ميمبر هئا. ورهاڱي کانپوءِ پروفيسر رام پنجواڻي بمبئيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. جئه هند ڪاليج بمبئيءَ ۾ سندس خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. سندس ڳايل ڪلامن ۽ ڀڄنن جو ڪئسٽون به جاري ٿيون. رام پنجواڻيءَ زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ بمبئيءَ ۾ ”سيتا سنڌو ڀوَن“ قائم ڪيو، جيڪو سنڌيت ۽ سنڌي تهذيب جو وڏو ڪلچرل مرڪز آهي. جنهن کي سندس لاڏاڻي بعد مشهور اديب جوڙي ٺاڪر چاولا ۽ پارو چاولا قائم رکيو اچن.  پروفيسر رام پنجواڻي ڀارت ۾ نيشنل بُڪ ٽرسٽ جو ميمبر؛ساهتيه اڪيڊمي جي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر؛ بمبئي يونيورسٽي ۾ سنڌيءَ جو پهريون ريڊر پروفيسر ۽ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيز جو چيئرمئن؛ ڪي. سِي ڪاليجن جي ڊارمئٽڪ ۽ ڪلچر سرگرمين جو اعزازي پروفيسر ۽ ٻين ڪيترن ادارن ۽ ثقافتي مرڪزن جو ميمبر رهيو.[4][3]

ناول سنواريو

(1) قيـدي (1943ع)، (2) شرميـلا (1944ع)، (3) لطيـفـا (1945ع)، (4) اسـان جـو گهـر (1946ع)، (5) چانديءَ جو چمڪو (1947ع)، (6) زنـدگـي يا مـوت (1952ع)، (7) آهي نـه آهي (1955ع)، (8) شل ڌيئر نه ڄمن (1957ع). ڪهاڻيون: (1) انوکا آزمودا، (2) وچتر واقعا، (3) تنهنجا منهنجا تجربا (1976ع).[3]

ناٽڪ سنواريو

(1) نئون زمانو (هن ناٽڪ ۾ نئين زماني جي حالتن سان ٺهڪندڙ پيڙهي وڇوٽيءَ Generation Gape جو اظهار آهي. هي اصلوڪو ناول ڪيترائي ڀيرا اسٽيج ٿي چڪو آهي، (2) طنزيه ناٽڪ ”سماج سيوَڪ“ هي هڪ فصلو ناٽڪ (One Act Play) به ڪيترا ڀيرا اسٽيج ٿيو، (3) شاهه جي ستن سورمين تي آڌارڪ 7 ناٽڪ، جيڪي نه رڳو اسٽيج ٿيا، پر سنڌيت ۽ شاهه سان محبت کي عام ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا.[3]

مضمون سنواريو

(1) سِپون، (2) يادگيريون، ۽ (3) ادبي گلشن. هن سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ تي مشتمل ڪيترا انتخاب (Authologies) ڇپرايون، جن ۾: (1) سنڌي شعر جو انتخاب 1947ع تائين، (2) چونڊ ڪلام، (3) سنڌ جي سوکڙي، (4) سڪ جي سوغات، (5) چونڪيءَ جا گيت.[3]

ترجما سنواريو

1 پـدما (هال ڪينس جي مشهور ناول 'The Eternal City' جو ترجمو، (2) دوست ڪيئن ڪجن (ڊيل ڪارينگيءَ جي ڪتاب 'How to Win Friends' جو ترجمو، (3) دليون ڪيئن کينچجن 'Influence People' جو ترجمو، ۽ (4) ياد ڪندا، گجراتي ناول جو ترجمو.[3]

فلمون سنواريو

رام پنجواڻيءَ جي زندگيءَ جي تجربن ۽ آزمودن تي ٻڌل حقيقي ڪهاڻيون آهن. هن سنڌي فلمون ”جهولي لال“ ۽ ”هو جمالو“ ٺاهيون.[3]

اوارڊ سنواريو

پروفيسر پنجواڻي کي ادبي ۽ سماجي خدمتن تي ”سنڌو رتن اوارڊ“، ”ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي اوارڊ“، ”ساهتيه اڪيڊمي اوارڊ“، ”پدماشري اوارڊ“ ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ ۽ مڃتائون مليون.[3]

ديهانت سنواريو

پروفيسر رام پنجواڻي جي رهائش ماهيم،ممبئي ۾ هئي جتي  هو 1987ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[4]

حوالا سنواريو

  1. "پروفيسر رام پنجواڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-02. 
  2. "Prof. Ram Panjwani - Encyclopedia of Sindhi". sindhiwiki.org. حاصل ڪيل 2020-10-02. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 3.7 3.8 "پنجواڻي رام پروفيسر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-02. 
  4. 4.0 4.1 "پروفيسر رام پنجواڻي : سنڌيت جو سفير". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-10-02.