رس ڀري ولايتي ميوو آهي، اگرچ هن جو هڪڙو قسم هماليه جبل ۾ ٿيندو آهي. پيلا ۽ ڳاڙها اتي عام آهن. اڇو قسم ور نيلگري جبل ۾ ٿيندو آهي پر سچو پچو رس ڀري جنهن ۾ ولايتي ميوي جي لذت ۽ خوشبوءِ هجي، سو گهٽ آهي. انهيءَ جا قلم يا چڪيون ولايت کان آڻڻ گهرجن.

Red-fruited raspberries
European Rubus idaeus raspberry fruits on the plant

هن جو هڪڙو قسم اصل مارِيشس جو آهي، سو ڪلڪتي جي آس پاس وارن سڀني باغن ۾ ڏسڻ اچي ٿو. گلاب جهڙا اڇا گل ڪندو آهي. فيبروريءَ جي وچ ڌاري ڦر ڪندو آهي. قلمن سان به ٿيندو آهي ٻج سان به. هن کي ڀاڻ جي گهڻي گهرج ٿيندي آهي. ٿورو ٿورو چُن به وجهڻ گهرجيس. هن کي روشني، گرمي ۽ هوا جي گهرج ٿئي ٿي. تنهنڪري وڻن جي هيٺان يا ٽَڪرن جي ڇانوَ واري پاسي پوکڻ نه گهرجي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو