ذات پات يا نظامِ ذاتيات (Caste System) هندن ۾ قديم زماني ۾ هڪ نظام هوندو هيو. جنهن جي تحط قديم زماني کان هندو معاشري کي چئن ذاتين ۾ ورهايو ويو آهي.پهريون مذهبي گروه برهمڻ ، جيڪي علم ۽ مذهب جا رکوالا هيا. ٻيون ڇتري يا کتري جيڪي دنياوي معاملن جا پاسدان هيا. ٽيون ويش جيڪي زراعت يا واپار مان دولت پيدا ڪندا هيا. چوٿون شودر جيڪي خدمت ڪرڻ جي مخصوص هيا. انهن سڀني جي پيشن جي لحاظ کان اڳتي هلي ڪافي قسم ٿي ويا. ٻڌ مذهب ذات پات جي هن فرق کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايئين نه ٿي سگهيو. نتيجو اهو نڪتو جو اڇوت قوم وجود ۾ آئي جن جي زندگي اڄ به باوجود علم جي تمام ڏکي گذرندي آهي ۽ انهن کي بنيادي انساني حقن کان محروم رکيو ويندو آهي.ذات پات جو نظام هندستان کان علاوه ڪنهن ٻي ملڪ ۾ نه آهي.