مهاراجا دليپ سنگھ (پيدائش: 6 سيپٽمبر 1838ع– وفات: 22 آڪٽوبر 1893ع) سک سلطنت جو آخري مهاراجا هيو. هي مهاراجا رنجيت سنگھ جو سڀ کان ننڍو پٽ هيو. ڪنور دليپ سنگھ 6 سيپٽمبر1838ع تي لاهور ۾ ڄميو هيو. هن جي پرورش سندس ماءُ مهاراڻي جندان ڪئي. مهاراجا شير سنگھ جي قتل کانپوءِ سلطنت جي اميرَن ، وزير اعظم هيرا سنگھ، پنڊت جلا، سردار لال سنگھ گڏيل صلاح سان ڪنور دليپ سنگھ کي تخت لاهور تي ويهاريو. اهو هڪ اَڙهانگو (ڏُکيو) دور هيو. خاص طور (سک فوج) طاقت ور ٿي چڪي هئي انهن آفيسرن ۽ جرنيلن جي سامهون ڪوبه مخالف ڳالهه چوڻ موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر هيو.

مهاراجا دليپ سنگھ – 1875ع

حوالا سنواريو

Regnal titles
پيشرو
شير سنگھ
مهاراجا سک سلطنت
15 سيپٽمبر 1843ع29 مارچ 1849ع
جانشين
برٽش راڄ
(ملڪا وڪٽوريا)