دلي

اوڀر تيمور جو راڄڌاني شهر

دلي(انگريزي: Dili ) جيڪو امن جو شھر طور مشھور آھي[3]. اوڀر تيمور ملڪ جي گادي جو هنڌ ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو شھر، واپاري مرڪز آھي. ملڪ جي سڀ کان وڏي بندرگاھ پڻ ھن شھر ۾ واقع آهي. ھي شھر فري ٽريڊ زون سميت تيمور ليسٽي-انڊونيشيا-آسٽريليا گروٿ ٽرائينگل جو حصو آهي[4].

دلي
Díli
شھر
دلي شھر ۾ فتوھادا جو سوڪو. کاٻي ڪنڊ تي اوڀر تيمور جي پرڏيهي وزارت جي عمارت نظر ايندي
دلي شھر ۾ فتوھادا جو سوڪو. کاٻي ڪنڊ تي اوڀر تيمور جي پرڏيهي وزارت جي عمارت نظر ايندي
دلي is located in East Timor
دلي
دلي
دلي is located in Southeast Asia
دلي
دلي
دلي is located in Asia
دلي
دلي
اوڀر تيمور ۾ مقام##ڏکڻ-اوڀر ايشيا ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 8°34′S 125°34′E / 8.567°S 125.567°E / -8.567; 125.567مڪانيت: 8°34′S 125°34′E / 8.567°S 125.567°E / -8.567; 125.567
ملڪ  اوڀر تيمور
ضلعو دلي
قيام 1520
حڪومت
 • ضلعي ايڊمنسٽريٽر شائمي ڪوھيئيا [1](Jaime Correia) (2012)[2]
پکيڙ
 • شھر 48.27 ڪ.م2 (18.64 ميل2)
بلندي 11 ميل (36 ft)
آبادي (2015)
 • شھر 222,323

تاريخ سنواريو

 
اڳوڻو نسبتي نشان
 
دلي، 2018
 
پورچوگيزين جو ٺاھيل اڳوڻو مارڪيٽ ھال

دلي 1520ع ۾ پورچوگيزن آباد ڪرائي 1769ع ۾ ان کي پورچوگيزي تيمور جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو. 1864ع ۾ ان کي ھڪ وڏي شھر جو درجو ڏنو ويو. ٻي جنگ عظيم ۾ پورچوگال پنھنجن ڪالونين سميت غيرجانبدار رھيو. اتحادين ڏٺو تہ اوڀر تيمور جپان لاء حملي ڪرڻ لاء ھڪ اھم نشانو ھيو تنھن ڪري آسٽريليا ۽ ڊچ فوج ان تي 1941ع ۾ قبضو ڪيو. 19 فيبروري 1942ع تي جپان جي 20000 فوجين ان تي حملو ڪري دلي تي قبضو ڪيو. 26 سيپٽمبر 1945ع تي چپان ان جو ڪنٽرول باقائده پورچوگال جي حوالي ڪيو. 28 نومبر 1975ع تي اوڀر تيمور يڪطرفو پورچوگال کان آزادي جو اعلان ڪيو پر 9 ڏينھن بعد 7 ڊسمبر تي انڊونيشيا دلي تي قبضو ڪيو. 17 جولاءِ 1976ع تي انڊونيشيا اوڀر تيمور کي پنھنجي ملڪ جو 27ھون صوبو بڻائي ڇڏيو جنھن جو گاديءَ جو هنڌ دلي شھر کي بڻايو ويو. 1975 کان 1999 تائين انڊونيشيائي فوج ۽ علحدگي پسندن وچ ۾ گوريلا جنگ ھلندي رھي جنھن ۾ ڏھاڪو ھزار اوڀر تيموري شھري مارجي ويا. 1991ع ۾ دلي ۾ انھن جي قتل عام واري معاملي کي ميڊيا ڏاڍو کنيو جنھن سان علحدگي پسندن کي بين الاقوامي حمايت حاصل ٿي. 1999 ۾ اوڀر تيمور گڏيل قومن جي اداري جي نگراني ھيٺ آيو ۽ 20 مئي 2082 تي اوڀر تيمور آزاد ٿي ويو ۽ دلي ان جي گادي جو هنڌ بڻايو ويو. مئي 2006 جي فوجي بغاوت جي ڪري دلي ۾ فساد شروع ٿيا ۽ آسٽريليا جي فوج اوڀر تيمور م گھري دلي جو ڪنٽرول سنڀالي بحران ختم ڪرايو.

جاگرافي ۽ شھري انتظام سنواريو

 
دلي ضلعي جو انتظامي نقشو

دلي تيمور جي اترئين ساحلي ڪناري تي ليسر سونڊا ٻيٽن جي آخري اوڀر ۾ واقع آهي. دلي ميونسپالٽي جو ۽ دلي ضلعي جو پڻ صدر مقام آهي. ان جي ضلعي انتظام اندر اتائرو شھر ۽ ٻيا ويجھا شھر واقع آهن[5]. دلي جي ميونسپالٽي جي ھڪ چونڊيل ڪائونسل ۽ ھڪ چونڊيل ميئر آھي[6]

آبادي سنواريو

2010 جي آدمشماري مطابق دلي جي آبادي 193,563 ھئي. دلي ضلعو ھڪ شھري علائقو آھي جنھن جي ڪل آبادي 234,331 ھئي جنھن م اتائرو شھر ۽ ميٽينارو شھر جي آبادي پڻ شامل آهن. دلي شھر ۾ ايسٽ تيمور جي ھر نسل جا ماڻھو رھن ٿا. گھڻي ڀاڱي ملڪ جي مختلف حصن جي نوجوان ڇوڪرن جي رھائش جي اضافي ڪري عورتن جي آبادي جي ڀيٽ ۾ مردن جي آبادي ۾ وڏي واڌ ٿي آهي. 2001 کان 2004 تائين دلي جي آبادي ۾ %12.58 واڌ آئي. شھر جي آبادي جا رڳو 54 سيڪڙو اھڙا ماڻھو آھن جيڪي دلي شهر جا ڄاول آھن. آبادي جو 7 ماڻهو بائوڪائو شھر جا، 5 سيڪڙو وقيق ۽ بوبونارو ۽ 4 سيڪڙو اررميرا ۽ باقي سمنڊ پار علائقن جا ڄاول آھن[7].

آبھوا سنواريو

دلي جي موسم ڪوپن واري موسمي درجابندي مطابق ٽراپيڪل ساوانا آھي

موسمي رڪارڊ : دلي (1914-1963)
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) 36.0
(96.8)
35.5
(95.9)
36.6
(97.9)
36.0
(96.8)
35.7
(96.3)
36.5
(97.7)
34.1
(93.4)
35.0
(95)
34.0
(93.2)
34.5
(94.1)
36.0
(96.8)
35.5
(95.9)
36.6
(97.9)
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
31.3
(88.3)
31.1
(88)
31.2
(88.2)
31.5
(88.7)
31.3
(88.3)
30.7
(87.3)
30.2
(86.4)
30.1
(86.2)
30.3
(86.5)
30.5
(86.9)
31.4
(88.5)
31.1
(88)
30.9
(87.6)
روزاني سراسري°C (°F) 27.7
(81.9)
27.6
(81.7)
27.4
(81.3)
27.4
(81.3)
27.0
(80.6)
26.8
(80.2)
25.5
(77.9)
25.1
(77.2)
25.4
(77.7)
26.0
(78.8)
27.2
(81)
27.4
(81.3)
26.6
(79.9)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
24.1
(75.4)
24.1
(75.4)
23.5
(74.3)
23.5
(74.3)
22.8
(73)
21.9
(71.4)
20.8
(69.4)
20.1
(68.2)
20.5
(68.9)
21.5
(70.7)
23.0
(73.4)
23.6
(74.5)
22.4
(72.3)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°C (°F)
19.0
(66.2)
16.2
(61.2)
16.5
(61.7)
18.2
(64.8)
13.2
(55.8)
14.5
(58.1)
12.4
(54.3)
11.8
(53.2)
13.4
(56.1)
16.1
(61)
18.0
(64.4)
16.7
(62.1)
11.8
(53.2)
سراسري بارش

mm (inches)

139.5
(5.492)
138.7
(5.461)
132.7
(5.224)
104.3
(4.106)
74.9
(2.949)
58.4
(2.299)
20.1
(0.791)
12.1
(0.476)
9.0
(0.354)
12.8
(0.504)
61.4
(2.417)
144.9
(5.705)
908.8
(35.778)
Average rainy days (≥ 1.0 mm) 13 13 11 9 6 4 3 1 1 2 6 11 80
نسبتي گھم جي سراسري

(%)

80 82 80 77 75 72 71 70 71 72 73 77 75
اس جي ماھوار
وقت جي سراسري
189.1 161.0 235.6 234.0 266.6 246.0 272.8 291.4 288.0 297.6 270.0 220.1 2,972.2
اس جي وقت جي
روزاني سراسري
6.1 5.7 7.6 7.8 8.6 8.2 8.8 9.4 9.6 9.6 9.0 7.1 8.1
Source: جرمني جي موسمياتي سروس ڊوئٽشر وٽارڊينسٽ[8]

عمارتون ۽ يادگار سنواريو

 
دلي وارو سٽي ھال
 
دلي واري ڪيٿيڊرل
 
پليسيئو ڊو گورنو نالي سان منصوب وزيراعظم جي آفيس

دلي شھر جون اڪثر عمارتون 1999ع جي پرتشدد ڪاررواين ۾ ناس ٿي ويون[9] تنھن ھوندي به شھر ۾ کوڙ اھم پورچوگيزي دؤر واريون عمارتون اڃان قائم آھن جن ۾ اڳوڻو مارڪيٽ ھال (جيڪو 1930ع ۾ ٺھيو)، اڳوڻي پورچوگيزي گورنر جي بلڊنگ (جتي ھاڻي وزيراعظم جي آفيس آھي) شامل آهن.

 
بالي جي ھندن جو مندر پورا گرنٿ جيڪو انڊونيشيائي قبضي دوران اڏيو ويو هو

انڊونيشيائي تسلط دوران پورچوگيزي ٻولي تہ بندش وڌي وئي ھئي پوء بہ رستن ۽ مختلف جاين کي ڏنل پورچوگيزي نالا برقرار رھيا[10] عمارتن ۾ اميڪيوليٽ ڪانسيپشن چرچ ۽ يادگار انضمام انڊونيشيا واري تسلط واري دؤر جون ٺھيل عمارتون آھن. دلي شھر جي ھڪ مشھور جاء ڪرسٽو ريئي (مسيح بادشاھ) جو مجسمو آھي جيڪو 27 ميٽر يا 88.6 فٽ ڊگھو آھي ۽ شھر جي ھڪ سڃاڻپ آھي[11].

 
ڪرسٽو ريئي، دلي

حوالا سنواريو

  1. {پورچوگيزي اچار}
  2. "MoJ publishes the land maps for the Nain Feto and Vera Cruz sub-districts, Dili district « Government of Timor-Leste". Timor-leste.gov.tl. حاصل ڪيل 12 March 2015. 
  3. "City of Peace", VisitEastTimor.
  4. "Boosting Growth through the Growth Triangle"
  5. "Jornal da Republica" (PDF). Jornal.gov.tl. وقت 3 February 2010 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 March 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. "MAEOT - News". Estatal.gov.tl. وقت 8 April 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 March 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. Census of Population and Housing Atlas 2004
  8. "Klimatafel von Díli, Insel Timor / Ost-Timor" (PDF). Baseline climate means (1961-1990) from stations all over the world (ٻولي ۾ German). Deutscher Wetterdienst. حاصل ڪيل 29 January 2016. 
  9. "Profile of Dili District : Topography" (PDF). Estatal.gov.tl. وقت 8 April 2015 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 March 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  10. Indonesia: A Travel Survival Kit, Joe Cummings, Lonely Planet, 1990, pages 657-658
  11. "Tourism in Timor? | Travel + Leisure". Travelandleisure.com. حاصل ڪيل 12 March 2015.